04/05/2013

سنڌي زبان کي ”قومي زبان“ تسليم ڪيو وڃي - غلام محمد گرامي (Ghulam Muhammad Girami)


سنڌي زبان کي ”قومي زبان“ تسليم ڪيو وڃي
غلام محمد گرامي
مهراڻ‘ (ٽماهي) جي با خبر پڙهندڙن کي معلوم هوندو ته، هن کان اڳ، مختلف اشاعتي وسيلن ذريعي، تعليمي ڪميشن رپورٽ (سال 1959ع) جي ڪن فيصلن سان اختلاف ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي ”مادري زبان“ ۽ ان جي ”علائقائي حيثيت“ متعلق، سنڌ جي عالمن ۽ اديبن تعليمي ماهرن ۽ ايڊيٽرن طرفان ڪافي ڪجهه چيو ويو آهي ۽ لکيو ويو آهي، تنهن سان گڏ محب وطن ليڊرن توڙي مرڪزي ۽ صوبي جي ميمبرن به کلي نموني انهن واجبي ۽ مفيد مطالبن جي تائيد ڪئي هئي.

خوشيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته ان سلسلي ۾، ڪيترن غير سنڌي اديبن، رسالن، ۽ اخبارن به علمي طور تي اسان جي جدوجهد ۾ شرڪت ڪئي هئي. نتيجو اهو نڪتو جو سال 1962ع ۾، سنڌي زبان جو جائز تعليمي حق تسليم ڪيو ويو، ۽  تعليمي ڪميشن رپورٽ تي نظر ثاني ڪري، ٻارهين ڪلاس تائين، ذريعي تعليم طور اسان جي ٻوليءَ جو درجو بحال رکيو ويو. جيتوڻيڪ مغربي پاڪستان جي صوبائي سرڪار، تازو مرڪزي حڪومت طرفان ان فيصلي تي ٿيل پاليسيءَ جي ورڌ، سنڌ ۾ نئين سر قائم ٿيندڙ جامع (Comprehensive) اسڪولن ۾ اردوءَ کي واحد تعليم جي ذريعي طور عائد ڪري، سنڌي زبان آڏو اهو ساڳيو مشڪل مسئلو ٻيهر پيدا ڪري وڌو آهي.
بهرحال سنڌي زبان جي تاريخي ۽ تهذيبي، تعليمي ۽ ادبي حيثيت بابت معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسان جي مرڪزي حڪومت، جنهن دانشمنديءَ سان هن فني ۽ علمي مسئلي کي، چار سال اڳ قبول ڪيو هو، اهو بيشڪ مبارڪ لائق آهي. مرڪزي حڪومت جو اهو انصاف ڀريو ۽ حقيقت پسندانه فيصلو اڄ به جيئن جو تيئن قائم آهي ۽ ڪو سبب نه آهي، جو مغربي پاڪستان جي صوبائي حڪومت، اصل مسئلي جي نوعيت کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ، جامع اسڪولن ۾ پڻ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ سندن مادري زبان کي ذريعي تعليم طور تسليم نه ڪري. هن صحبت ۾، اسان سنڌي زبان کي، سنڌ ۾ قومي ۽ سرڪاري زبان تسليم ڪرڻ متعلق عرض ڪنداسون، جيڪو اسان جي ٻوليءَ، اسان جي تهذيب ۽ اسان جي تاريخي وجود جي سلسلي ۾ بهرحال هڪ ٻيو بنيادي مسئلو آهي.
سڀ کان اول اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اسان جي وطن عزيز  پاڪستان، مختلف لساني ۽ علائقائي خطن ۽ حلقن سان گڏ، مختلف تهذيبي قدرن ۽ مختلف تمدني روايتن ۽ مختلف ثقافتي معيارن ۽ مختلف تاريخي حقيقتن تي مشتمل برصغير آهي. منجهس ڪيئي قومون آباد آهن، جن جون زبانون پڻ الڳ الڳ آهن. باوجود ان جي، اهي سڀ قومون پنهنجي علائقائي تاريخ ۽ تهذيب، روايت  ۽ ثقافت، زبان ۽ ادب جي خاص دائري ۾ رهندي به، بر صغير پاڪستان ۾، هڪ ”رشته اتحاد“ پوتل آهن. اهو رشته اتحاد، ”حب الوطني من الايمان“ جي مصداق  آهي، هتي جو اهو رشته اتحاد پاڻ ۾ جا به عمراني ۽ ثقافتي افاديت رکي ٿو، اهو قومي نقطه نظر ۽ بين الاقوامي  دائره عمل جي لحاظ سان، ڀرپور ۽ صحتمند به آهي ۽ ساراهڻ جوڳو به آهي.
پاڪستان ۾ اگر ٿوري نظر ڪجي ته پوءِ منجهس بنگالي، سنڌي، پنجابي، پختون، بلوچي ۽ براهوئي تهذيبون توڙي قومون اچي ڪٺيون ٿيون آهن. انهن کان سواءِ هندستان مان آيل مهاجرن جي پڻ هڪ مخصوص تهذيبي ۽ لساني حيثيت آهي. بلڪل اهڙي نموني ۾، گجرات ڪڇ ۽ ممبئي علائقن مان، جي ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي ۽ ڪڇي ماڻهو، جهجهي انداز ۾ آيل آهن. ۽ جي پراڻا سنڌي سمجهڻ گهرجن تن جي تهذيب به سنڌي، گجراتي ۽ ڪڇي آهي. انهن سڀني قومن جون زبانون، تهذيبي روايتون، تاريخي حيثيتون، توڙي تمدني ضرورتون اگرچه هڪ ٻئي کان جدا گانه قدر واريون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ايامن جي رياض ۽ ارتقا، تاريخي ڪشمڪش ۽ تمدني جدوجهد، عمراني ترقيءَ ۽ تهذيبي نشو نما کان پوءِ پيدا ٿيون آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه، تاريخ ۽ ثقافت جي صحتمند ۽ سازگار ماحول ۾ ٿيندو آيو آهي. ان ۾ ڪنهن به هڪ فرد، يا  هڪ قوم جي سوچيل ۽ سمجهيل تحريڪ يا عمل کي ڪو به دخل ڪين آهي. ان حقيقت کي علم الاقوام توڙي لسانيات جا ڄاڻو چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا.  اهي سڀ  پنهنجي پنهنجي علائقائي حد ۾ زندگي، ۽ بقا، ارتقا ۽ نشو نما لاءِ اڄ پاڪستان کي سر چشمه حيات ڄاڻن ٿا.
پاڪستان، انهن جي مجموعي قوت ۽ مجموعي حيثيت جو نالو چئجي ته بجا آهي. اهي ئي پاڪستان جو روح آهن، قيمتي سرمايو آهن. مجموعي ثقافتي  ورثو آهن. اهي ئي پاڪستان جون زبانون آهن ۽ اهي ئي پاڪستان جون روايتون آهن انهن کان سواءِ برصغير جو ڪو به مجموعي تصور قائم ڪري نه ٿو سگهجي.
اسان اڳ لکي چڪا آهيون ته پاڪستان هڪ چمنستان آهي، ۽ اهي سڀ علائقائي زبانون، تهذيبون ۽ ثقافتون، سندس گل ڦل آهن، انهن مان هر هڪ جو ڀلي ته رنگ ۽ بو الڳ الڳ آهن ائين جيئن باغ جا نرالا گل، جن جا رنگ به جدا آهن  ته بوءِ به جدا آهي، پر اهي سڀ گڏجي ته باغ جو تصور قائم ڪن ٿا. انهن جي ظاهري ساخت ۽ پرداخت، رنگ ۽ بوءِ خوشنمائي ۽ دلڪشي کي ئي باغ جي سونهن ۽ سوڀيا سڏجي ٿو، بقول ذوق جي
گلهائي رنگ رنگ سي هي، زينت چمن
اي ذوق اس چمن ڪو هي، زيب اختلاف سي.
بيشڪ، باغ جي ڀانت ڀانت جي گلن ڦلن ۽انهن جي زيب زينت ۽ ظاهري ۽ طبعي اختلاف ۾ ئي ته چمن جي دلڪشيءَ ۽ دلاويزيءَ جو راز مضمر آهي. هر ڪا قوم، ڪو نه ڪو گل آهي،  ڪا گلاب آهي، ڪو موتيو آهي. ته ڪو سورج مکي آهي. ڪو لاله آهي. آهن مڙئي گل!
ان مسئلي کي ذهين نشين ڪرڻ کان پوءِ اسان کي فقط ايترو عرض ڪرڻو آهي ته تاريخي توڙي تهذيبي خيال کان، دنيا جي قديم ترين تهذيبن ۾، سنڌي تهذيب کي اوليت ۽ عظمت  جو شرف  حاصل آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌي زبان، پنهنجي طويل ۽ اوائلي، قديم ۽ تاريخي وراثت کي سانڍي پنهنجي علمي ۽ ادبي لغوي ۽ تهذيبي سرمائي جي حيثيت سان پاڪستان جي سڀني علائقائي زبانن کان ممتاز به آهي. ته منفرد به آهي. زندهه به آهي ته شاهوڪار به آهي. اوائلي ۽ پراڻي به آهي، ته پختي ۽ جاندار به آهي. ”سنڌيءَ“ جي مقابلي ۾ پنجابي، سرائڪي، براهوئي، پشتو، بلوچي ٻوليون فني توڙي علمي لحاظ سان ايتريون سرمايه دار نه آهن، وٽن سنڌي زبان جي ادب جيترو نه ڪو ذخيرو آهي، ۽ نه ڪو معيار.
اها به حقيقت آهي ته خود اردو زبان به، سنڌيءَ جي مقابلي ۾ نئين ڄاول آهي ۽ سندس لفظن جو ذخيرو به تمام گهٽ آهي. البته بنگالي ٻولي، سنڌيءَ سان برميچي سگهي ٿي، باقي ٻي ڪا به نه!
انهن علمي ڳالهين کي في الحال پاسيرو رکندي، خالص فني نقطه نگاهه کان ائين چوڻ ۾ ڪابه اربع خطا ڪانه ٿا ڪريون، ته قومي ٻوليءَ جو مسئلو، انساني ذهن جي نشو نما ۽ ارتقا سان گڏ، ٻوليءَ جي وجاهت ۽ قدامت لساني معيار ۽ قدر، ادبي ذخيري ۽ تهذيبي ورثي جي صحتمند حيثيت سان به وابسطه آهي. ان کي ڪنهن به خاص تهذيبي ضرورت، تاريخي مصلحت يا وقتي نقطه نگاهه سان نه ڏسڻو آهي. نه ڪو ڪنهن ٻوليءَ جي رڳي جاگرافيائي ماحول، يا نفري تعداد کي قول فيصل قرار  ڏيڻو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ٻولي، پنهنجي ذات ۾ ڪيتري شرافت ۽ وجاهت پختگي ۽ برجستگي، علمي ميراث ۽ فڪري سامان سانڍيو ٿي اچي. اهو نه ڏسڻو آهي ته اها ٻولي ڪيتري جاگرافيائي رقبي ۾ ڳالهائي ٿي وڃي ۽ ان جا ڳالهائيندڙ ڪيترا آهن.
 ان خيال کان ”سنڌي زبان“ بر صغير، پاڪستان جي ترقي يافته، علمي، ادبي، تاريخي ۽ تهذيبي زبان آهي. جنهن جي فني پختگي ۽ ادبي ورثي تي پاڪستان کي فخر حاصل آهي. ان جي مقابلي ۾ ٻيون علائقائي ٻوليون ڀلي ته گهڻي ۾ گهڻا ڳالهائيندا هجن ۽ ڀلي سندن رقبو به وسيع هجي، پر جيستائين  منجهن فني جرائت جو فقدان هوندو ۽ جيستائين منجهن ادبي ذخيري جو قحط هوندو، تيستائين کين قومي زبان جي منصب جي لائق  به نه ڄاڻي سگهبو پر، انهن جي ڪري، سنڌي ٻولي، کي ان جائز منصب کان محروم نه ٿو رکي سگهجي.
سنڌي ادب، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي، ان زبان جي اوائلي تاريخ، موهن جي دڙي  سان ڪي علمي ۽ فني رابطا قائم  ڪيو بيٺي آهي، جنهن جي قدامت سان نه آرين سلسلي جون ٻوليون ٿيون مقابلو ڪري سگهن، نه ڪو سامي الاصل زبانون ٿيون برميچي سگهن. جنهن ٻوليءَ جا اوائلي نار، کروشتي، خط کان به هزارين سال اڳ واري پاتال ۾ موجود آهن، ايتري قدر جو موهن جي دڙي جي رسم الخط کي اڃا ڪو پڙهڻ وارو ئي پيدا نه ٿيو آهي. حالانڪ آرين ۽ سامي الاصل زبانن جا به سڀ،  هندي ۽ اشوري بابلي ۽ ڪلداني حمورابي ۽ عبراني، سرياني ۽ قبطي رسم الخط پڙهيا به ويا آهن. ۽ سمجهيا  به ويا آهن  اها قدامت ۽ شرافت فقط سنڌي ٻوليءَ کي ئي حاصل آهي، ان  لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ کي اگر بنگله وانگر پنهنجي خطي ۾ قومي زبان بنايو وڃي ته پوءِ اهو قدم نهايت معقول ۽ مناسب چئي سگهجي ٿو.
ان سلسلي ۾ چند علمي ۽ ثقافتي پهلو پڻ آهن، جن کي اڳيان  رکڻ سان، سنڌي ٻولي، جي قومي زبان بنائڻ واري مطالبي جي معقوليت واضح ٿئي ٿي.
(1) سنڌي زبان نهايت قديم ۽ تاريخي آهي، بر صغير هند و پاڪ ۾ هن کان وڌيڪ جهوني زبان  ٻي ڪابه ڪانه آهي. سندس قدامت متعلق ڪيترن  محققن ثابت ڪيو آهي ته، خود سنسڪرت  زبان به سنڌيءَ کان پوءِ پيدا ٿي آهي. سنڌي ان کان گهڻو جهوني زماني ۾ پيدا ٿي آهي.
(2) سنڌي زبان هڪ علمي ۽ سرمائيدار زبان آهي، جنهن کي پنهنجي لغت آهي، ۽ اندازي طور منجهس ٻن لکن کان  به مٿي لفظ آهن، چيو وڃي ٿو ته انگريزيءَ جهڙي بين الاقوامي زبان ۾ به ٻن لک جيترا مس لفظ ملندا. ان طرح ان جي اصطلاحن ۽ محاورن جو ڪافي انداز انهن کان سواءِ آهي.
(3) سنڌي زبان جي لفظن جي ذخيري  جي معنوي حيثيت اها آهي  جو منجهس هر قسم جا علمي ۽ فني مسئلا بيان ڪري سگهجن ٿا. سائنس ۽ ٻين علمن جي اصطلاحن تي به منجهس ڪافي ذخيرو موجود آهي، جو ٻين علائقائي زبانن ۾ ڪين آهي.
(4) اردوءَ ۾ جي به فني ۽ ٽيڪنيڪل لفظ کنيا ويا آهن اهي سڀ جديد عربيءَ ۽ جديد فارسي مان ورتا ويا آهن، انهن جي مقابلي ۾ سنڌيءَ ۾ پنهنجا خالص ۽ اصل لفظ آهن، سائنس ۽ نباتات، صحت ۽ طب، تاريخ ۽ ادب تي سندس لفظن جو ذخيرو ٻين علائقائي زبانن کان گهڻو آهي.
(5) سنڌي زبان کي پنهنجو رسم الخط آهي، جنهن کي عربي-سنڌي رسم الخط چيو وڃي ٿو. اهو پوري اسلامي دنيا، ايران، مصر، افغانستان، بلوچي ايراضي، ملايا، انڊونيشيا، ترڪيءَ جي ٻولين ۽ انهن جي رسم الخط کان تاريخي طور قديم آهي، جو خالص عربي رسم الخط تان ورتل آهي. ان جي مقابلي ۾ فارسي ۽ اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي رسم الخط ۾ وڏو فرق آهي. فارسي نستعليق خط آهي، ۽ خود اردو ان تان ورتل آهي. گويا پوري علمي دنيا ۾ عربي رسم الخط وانگر، محفوظ ۽ علمي رسم الخط سنڌي زبان جو رسم الخط آهي، جنهن ۾ هزارها علمي ۽ معياري ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
اهو به ياد رهي ته برصغير هند و پاڪ جي تهذيبي ۽ تعليمي تاريخ ۾، اهو سنڌي عربي پهريون رسم الخط آهي، جو ديوناگري خط جي جاءِ تي، خالص ديني ۽ قومي اثر کي قبول ڪندي بحال ڪيو ويو ۽ جنهن جي عمر، تحريري انداز ۾، پهرين صدي هجري تائين معلوم ٿي سگهي  آهي.
ان رسم الخط جي مقبوليت، صحت، حسن ۽ زيبائش توڙي طباعت ۽ فنڪارانه سهولت جي اها حالت آهي، جو تازو پنهنجي ملڪ جي عالمن ۽ خود صدر مملڪت به اها صلاح ڏني آهي ته ”اردو زبان جي موجوده رسم الخط کي ترڪ ڪري، کيس نسخ ۾ آندو وڃي.“
(6) سنڌي زبان کي پنهنجو گرامر آهي، جو هر حيثيت سان مستقل ۽ سائنٽيفڪ آهي، جو سنسڪرت ۽ عربي صرف ۽ نحو وانگر ڪامل به آهي پر ڪن حيثيتن ۾ انهن کان به وڌيڪ علمي ۽ فني آهي ان جي مقابلي ۾، اردو جهڙي شهرت يافته زبان اڄ تائين تذڪير ۽ تانيث جي اصولن تي ئي عالمن جو اتفاق نه ٿيو آهي ۽ نڪو واحد ۽ جمع ۽ جمع الجمع جا قاعدا واضح ڪري سگهيا آهن، سنڌي زبان هر نقطه نظر سان، واضح ۽ مڪمل زبان آهي.
(7) سنڌي زبان کي پنهنجي عظيم تاريخي حيثيت سان گڏ رڳو ٻوليءَ جي ساخت، لساني تشڪيل، لغت جي ترتيب، صرف ۽ نحو جي اصولن متعلق وڏو علمي ۽ تاريخي ذخيرو موجود آهي. سنڌي کان سواءِ هندي، سنسڪرت، پارسي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ علم الالسنه متعلق تمام گهڻا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ شاهوڪاريءَ، تاريخ ۽ ادب، لغت ۽ گرامر تي علمي ڇنڊ ڇاڻ ڪيل آهي. اهڙي تحقيق ۽ تدقيق کان ٻيون علائقائي زبانون اڃا محروم آهن. ڇو ته منجهن ڪو به معياري ادب ڪين آهي.
(8) سنڌي زبان صدين کان ذريعه تعليم رهندي آئي آهي، سندس ادبي ۽ شعري ذخيرو اگرچه سمن جي راڄ ۾ پيدا ٿيو پر ڪلهوڙن جي دور ۾، ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن، سنڌي ٻوليءَ کي ديني تعليم لاءِ ذريعه تعليم ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ان طرح سنڌ جي قديمي علمي مرڪزن پاٽ، بوبڪ، سيوهڻ، هالا، نصرپور، چوٽياريون، ٽلٽي، ۽ بکر وغيره ۾ صدين تائين سنڌي ٻولي، مڪتبي تدريس ۾ استعمال ٿيندي آئي آهي. ان دور جا ڪتاب به سنڌي زبان ۾ لکيل آهن، ان کان پوءِ ميرن جي دور ۾ اگرچه دفتر جي محدود مراسلات جو ڪم فارسي ۾ رهيو پر تعليم جو ذريعو، سنڌي ٻوليءَ ئي رهندي آئي آهي. خود انگريزن جي دور ۾ به پوري صوبي جي تعليمي زبان سنڌي رهندي آئي آهي. ان طرح تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾ هندن ۽ مسلمانن، هن ٻوليءَ ۾ ئي پنهنجا ڪتاب لکيا، ايتري قدر جو پرائمريءَ کان اعليٰ تعليم تائين، سنڌي ٻوليءَ ۾ نصابي ڪتاب رهندا آيا آهن.
(9) سنڌي زبان کي مادري  زبان هئڻ جو پڻ شرف حاصل آهي. صدين کان اها ٻولي، هن ملڪ جي ماڻهن جي مادري زبان رهندي آئي آهي، ۽ اڄ به آهي.
(10) ان طرح انگريزن جي دور ۾، انگريزيءَ سان گڏ، سنڌي زبان به قانون ۽ ڪورٽ جي ترجمان رهندي آئي آهي. قانون جا ابتدائي ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. ۽ ڪورٽن ۾ دليلبازيءَ يا ٿاڻن تي رپورٽون، ۽ درخواستون پڻ سنڌيءَ ۾ ڪندا آيا آهن. گويا هڪ صدي، انگريزن جي دور ۾ کيس سرڪاري زبان هئڻ جو شرف حاصل هو.
(11) سنڌي زبان جي اثر ۽ مقبوليت جو عالم هي آهي، جو ڪراچي ۽ لسٻيلي کان ويندي بلوچستان، بهاولپور، ۽ پنجاب تائين لکها غير سنڌي ماڻهو اها ٻولي ڳالهائن ۽ سمجهن ٿا. اڄ به پاڪستان جي وڏن شهرن ڪراچي، بهاول پور، قلات، ڪوئيٽا، ملتان ۽ لاهور تائين مروج آهي. ان طرح هت آيل مهاجرين ۽ سندن اولاد جي زبان به سنڌي ٿي چڪي آهي.
(12) سنڌي زبان جي ان علمي حيثيت کي نه فقط علمي ۽ فني حلقن ۾ قبول ڪيو ويو آهي پر اها حيثيت قومي ۽ سرڪاري طور پڻ تسليم ٿي چڪي آهي. ان جو تازو مثال ڀارت ۾ ٿيو آهي، جتي جي پنجونجاهه ڪروڙ آبادي واري گنجان ملڪ ۾ جتي ٻيون به ننڍيون وڏيون سوين زبانون آهن، سنڌيءَ کي ٻين سرڪاري زبانن سان گڏ، آئيني طور هڪ تسليم شده زبان جو درجو ڏنو ويو آهي. حالانڪه ڀارت ۾ ڏهاڪو لک کن مس آهن، جي سنڌي ڳالهائين ٿا.
ان جي مقابلي ۾، پاڪستان جي ڏهه ڪروڙ آبادي ۾ سؤ تي هر ڏهه ماڻهو سنڌي ڳالهائن ۽ سمجهن ٿا. ڪراچيءَ کان وٺي سنڌ ۽ ملتان ۽ بهاولپور، قلات، ۽ ڪوئيٽا تائين اٽڪل سوا ڪروڙ ماڻهو سنڌي سمجهن ۽ ڳالهائين ٿا.
انهيءَ علمي ۽ تاريخي دليلن کي اڳيان رکي، اها تقاضا ٿا ڪريون ته، پاڪستان جي سرڪار، سنڌيءَ کي ان جي پنهنجي ايراضي ۾ هڪ  سرڪاري ۽ قومي زبان تسليم ڪري سوا ڪروڙ ڳالهائيندڙن جي تقاضا ۽ مطالبي کي مان ڏئي، ائين ڪرڻ سان ئي ملڪ ۾ وحدت ۽ يگانگت پيدا ٿيندي، اميد ته پاڪستان سرڪار، هن گذارش تي غور ڪندي.
(مھراڻ ۱۹۶۷/۴ جي ايڊيٽوريل تان کنيل)

No comments:

Post a Comment