30/05/2013

شاعري ۽ سياست - حسام ميمڻ (Hisam Memon)


شاعري ۽ سياست
حسام ميمڻ
شاعري مون لاءِ ڪيفيتن، احساسن، وفا، بيوفائي، ڏوراپا ڏيڻ، روئڻ پٽڻ، اندروني طور خوش ٿيڻ، رنج ٿيڻ، پنهنجي ذات ۾ ٽٻي هڻڻ، ڪوڙ هڻڻ، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جن جو سماج سان گهٽ ۽ پنهجي ذات ۽ ذاتي خيالن سان گهڻو واسطو هجي، جو نالو آهي، پر اهي شيون به شاعر کان شاعر تائين مختلف هجن ٿيون، ڪي ڪي شاعر تڪ بند ٿين ٿا، ڪي شاعرن سان گڏ رهڻ ڪري شاعر ٿي ويا آهن، ڪي ٽائيم پاس آهن، ڪن جو حدف رڳو ناماچاري حاصل ڪرڻ آهي. ڪي ڪي سٺا شاعر آهن، اهي ۲۴ ڪلاڪ شاعر آهن، انهن وٽ شاعريءَ جو فن به آهي، وزن ڄاڻن ٿا پر بحر جي خبر ڪونه اٿن. ڪي ڪي رڳو بحر ۽ وزن ئي ڄاڻن ٿا، انهن جو سماج سان بنهه واسطو ناهي، اهي رڳو شاعريءَ کي ان ئي نقط نگاهه کان ڏسڻ جا عادي هوندا آهن.

ڪلاسيڪي شاعرن سٺا پيغام ڏنا آهن، انهن جا قدر جديد قدرن کان ڪنهن حد تائين الڳ هئا، اهو هڪ الڳ دور هو، الڳ حالتون هيون، انهن جا پنهنجا مسئلا هئا ۽ الڳ شخصيتون هيون، انهن ۾ ڏٺو وڃي ته ناماچاريءَ جو ڪو رجحان نه هو، ڇو ته ان وقت پريس ۽ پبليڪيشن به ايتري ترقي نه ڪئي هئي.
جديد شاعرن ۾ به ڪافي سٺا آهن، انهن به ساڳي ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جهڙي ريت ڪلاسيڪي شاعرن ڪئي، اهڙن شاعرن جو اسان وٽ نه پر پوري دنيا ۾ مان، شان ۽ قدر آهي ۽ هئڻ به گهرجي، اهي واقعي سٺا شاعر رهيا آهن، پر اسان وٽ جڳاڙي شاعرن جي پيهه وڌي وئي آهي، جنهن شاعريءَ ۾ ڪو چڱو پيغام ناهي، اها گهڻي پڙهڻ پنهنجو قيمتي وقت وڃائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.
سياست اسان وٽ گندي آهي، هر ماڻهو ڄاڻي ٿو، ڳالهائي ٿو ۽ لکڻ وارا روز لکن ٿا، پر ان جي باوجود به سياست انڪري بهتر آهي ته اها ادارا ٺاهي ٿي، انهن کي مضبوط ڪري سگهي ٿي، شاعريءَ هن وقت تائين ڪهڙا ادارا ٺاهيا آهن يا ٺاهي سگهي ٿي، سواءِ هڪجهڙا خيال هر هر، هر گهڙي اسان جي جهول ۾ وڌا وڃن ٿا، جن سان نه ڪا تبديلي ايندي نه اهو گمان ئي ڪجي، پوءِ ڇو ويهي ڪري وقت وڃائجي. ان ڪري، شاعريءَ کي لطيف فن جي دائري هيٺ ئي ڏسڻ گهرجي.
سياست ان ڪري ضروري آهي ته ان سان غريب غربي جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، سماجي تبديليءَ جا ۱۰۰ سيڪڙو اهڃاڻ موجود هجن ٿا، پوليس کي پڪڙ ڪري سگهجي ٿي، ڪافي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، پر شاعري معرفت نٿو سمجهان ته اهڙو ڪم ٿي سگهي ٿو جو تبديليءَ جو محرڪ ثابت ٿئي، ان ڪري سياست شاعريءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ ان کي سٺن ۽ فضيلت ڀرين ماڻهن جي ضرورت آهي، خاص ڪري سنڌ دوست مڊل ڪلاس طبقي جي اڄڪلهه تمام گهڻي ضرورت آهي، جيڪو طبقو سچ ۾ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪري ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو، ڀلي ڪل آباديءَ جي ڀيٽ ۾ اهو ۲ سيڪڙو ئي ڇو نه هجي، پر تبديلي هميشه وقت وٺندي آهي، ارتقا جي مرحلن مان لنگهندي آهي ۽ پوءِ ضرور نتيجا ڏيندي آهي. سنڌ جي موجوده حالتن ۾ سنڌ دوست طبقي کي نئين سر شروعات ڪرڻي پوندي ۽ اهڙي تبديلي Zero Started هوندي آهي.
دنيا جي تاريخ مان هڪڙو مثال ئي کڻي وٺجي ته فلسطين کي ۲۹ نومبر ۲۰۱۲ع تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي مبصر رياست مڃيو آهي ۽ ان ڪم لاءِ ۶۵ سال فلسطين جدوجهد ڪئي. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ فلسطين اسرائيل کي ان ڳالهه ۾ ڇڪيندو جو هو جنگ ۾ ڪيل ظلم جا داستان ڪيس ٺاهي ڪري ICC يعني International Criminal Court ۾ وجهندو ته جنگ جي ڏوهه ۾ اسرائيل کي ٽنگرائيندو، فلسطين جي ان مسئلي تي اسرائيل، آمريڪا ۽ انهن جا نوَ پڪا اتحادي جن فلسطين جي خلاف ووٽ وڌو اهي پريشان آهن، ظاهر آهي اهي ٿيندا، ڇو ته اها ڳالهه انهن جي سياسي مفاد جي خلاف آهي، پر اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته ڇا فلسطين اها منزل رڳو ان ڪري ماڻي ته هنن وٽ شاعر ڀلا آهن، ڇا اهو چئي سگهبو ته شاعريءَ معرفت اهو ڪم ٿيو آهي، بلڪل نه، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قومي شاعرن پنهنجي ماڻهن جي همت افزائي ڪئي ۽ ڪندا رهن ٿا، اهو انهن جو اخلاقي ۽ سماجي فرض به آهي، بلڪل اهڙي طرح ون يونٽ ۾ سنڌ جي شاعرن، اديبن سرگرم حصو ورتو ۽ تاريخ انهن کي اڄ به ياد ڪري ٿي، پر اصل move سياست هئي ۽ ساڳي ڳالهه ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران هئي ۽ ۸۰ وارو ڏهاڪو سنڌ جي مزاحمت شاعريءَ جو هڪ يادگار ڏهاڪو آهي، ان کي وساري نٿو سگهجي. مان انڪري، اهو سوچيان پيو ته جيڪي دوست ڏينهن رات شاعري ڪن ٿا ۽ شاعراڻي روڳ ۾ ڦاسي پيا آهن، ڇا انهن کي لڳي ٿو ته انهن جي شاعري سياست کان بهتر آهي، ڇا انهن جي شاعري ڪنهن مسڪين جي ٻن ويلن جو انتظام ڪري سگهي ٿي، ڇا انهن جي شاعري بيمارن جي مدد ڪري سگهندي، ڇا انهن جي شاعري سماج ۾ ڪهڙي واقع تبديلي آڻي سگهندي، مان بس اها صلاح ڏيڻ ٿو گهران يا مان اهو ٿو سوچيان ته اسين اهڙو ڪم ڪيون، جيڪو سماج ۾ اڳتي وٺي وڃي، هن وقت جڏهن سنڌ ۾ ظلم، جبر، ڏاڍ، ناانصافي جو راڄ آهي، انهن حالتن ۾ اسان سڀني کي ڇا ڪرڻ گهرجي، سماجي تبديلي سماجي ڪمن معرفت ئي ايندي نه ڪي پنهنجي ذات ۾ ٽٻي هڻڻ سان، مان وري به چوان ٿو ته مان شاعريءَ جو مخالف ناهيان، پر اها ذاتي طور موڊ ۽ ڪيفيت جي تبديليءَ جي محرڪ کان سواءِ ڪجهه ناهي.

No comments:

Post a Comment