04/05/2013

سنڌي ٻولي، ماءُ ٻولي - حسين ڪپري (Hussain Kapri)


سنڌي ٻولي، ماءُ ٻولي
حسين ڪپري (Hussain Kapri)
جيئن چمن جي خوبصورتي لاءِ ضروري آهي ته سڀئي گل ان ۾ باغ بهاري ڏيکارين، تيئن پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ رهندڙ سڀني قومن جون ٻوليون ڦلن ڦولن. جيڪڏهن باغ ۾ رڳو گلاب جو گل هجي ۽ ٻيا گل نه هجن ته ان سان باغ جي خوبصورتي گهٽجي ويندي پر وڌندي ڪونه، ڀلي کڻي گلاب سڀني کا سهڻو گل ڇو نه هجي. گهڻين تهذيبن ۽ گهڻين  ٻولين جو هئڻ دنيا جي سونهن ۾ اضافو ڪري ٿو. گڏيل قومن واري عالمي ادارو مختلف تهذيبن ۽ ٻولين کي انسانذات جو گڏيل سرمايو سمجهي ٿو ۽ ٻولين جي بچاءُ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون ڪري ٿو، ڇو ته دنيا مان ڪنهن ٻولي جي مٽجي وڃڻ جو مطلب آهي ڪروڙن انسانن جو هزارن سالن جو ثقافتي خزانو هميشه ختم ٿيڻ.

انسان پنهنجا خيال مختلف ذريعن سان ٻين تائين پهچائي ٿو، جنهن ۾ راڳ، ساز، ناچ، بت تراشي. تصوير ڪشي ۽ ٻيا طريقا شامل آهن، پر اظهار جو سڀ کان وڌيڪ اثردار ۽ طاقتور ذريعو ٻولي آهي. لکين ڪروڙين سالن جي ارتقا ۾ ڳالهائڻ هڪ اهڙو گڻ آهي جيڪو سڀني ساهوارن ۾ انسانن کي ممتاز ڪري ٿو! سکڻ ۽ سيکارڻ جو موثر ترين ذريعو به ٻولي آهي ۽ انهي ۾ به سڀني کان بهترين ذريعو مادري ٻولي آهي. هر ٻار کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ان ڪري ئي مادري ٻولين کي قومي ٻوليون تسليم ڪرڻ جو رواج سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ اها ڪا حيراني جي ڳالهه ڪونهي. ڀارت جي آئين ۾ درجنين  ٻولين کي قومي ٻوليون تسليم ڪيو ويو آهي، جن ۾ سنڌي ۽ پنجابي ٻوليون پڻ شامل آهن.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ٻولين جي حوالي سان گهڻي بيچيني رهندي اچي پيئي، ڇو ته اڄ ڏينهن تائين انهي مسئلي کي درست نموني حل نه ڪيو ويو آهي. ان ڳالهه کي مدنظر رکندي قومي اسيمبلي ۾علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو بل بحث لاءِ پيش ٿيو. ويهن ميمبرن جي صحيح ٿيل انهي پرائيويٽ بل ۾ چيو ويو آهي ته بلوچي، پنجابي، پشتو، شينا/بلتي، سنڌي ۽ سرائيڪي کي به اردو جيان پاڪستان جون قومي ٻوليون تسليم ڪيو وڃي، ۽ اردو کي ڀلي رابطي جي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. وڌيڪ اهو به چيو ويو آهي ته سرڪار انهن ٻولين جي ترقي لاءِ عملي قدم به کڻي.
جيئن پيش ڪيو ويو آهي جي تيئن منظور ٿي ويو، ته هي بل اڳتي هلي ڪيترائي نوان مونجهارا ۽ مسئلا پيدا ڪندو. مثال طور گلگت ۽ بلتستان کي، جتي شينا ۽ بلتي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، آئين ۾ پاڪستان جو حصو نه ڄاڻايو ويو آهي. ٻيو ته شينا ۽ بلتي کي هڪ ٻولي سمجهيو ويو آهي، جيڪي اصل ۾ ٻه ٻوليون آهن. لڳي ٿو ته معزز پارليامينٽيرينز پنهنجي حصي جو هوم ورڪ ٺيڪ  نموني نه ڪيو. بهتر آهي ته بل نئين سر تيار ڪري ٻيهر پيش ڪيو وڃي ۽ ان مان ابهام ڪڍيو وڃي. بهرحال، ان هوندي به  انهن ماڻهن کي لک شابسون هجن، جيڪي هن ڪار خير ۾ حصو وٺي رهيا آهن. حقيقت ۾ هي ڪم گهڻو پهرين ٿي وڃڻ گهربو هو. قومي ٻولين جو هي بل درست سمت کنيل هڪ اهڙو قدم آهي جيڪو دير سان کنيو ويو آهي. دير پنهنجي جاءِ تي، پرتڏهن به ڪير به ان جي افاديت ۽ اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهي.
هن بل کي آئين جو حصو بنجڻ لاءِ ٻنهي ايوانن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل آهي، جنهن لاءِ زبردست لابنگ ۽ ڪوششن جي ضرورت آهي. رڳو بل پيش ڪري ڇڏڻ سڀ ڪجهه نه آهي، ڇو ته انهي کي رستي ۾ جيڪي اجائي مخالفت جا جبل اڪرڻا آهن، سو شروع ۾ئي ظاهر ٿي پيو آهي. اسٽيبلشمنٽ طرفان علائقائي ڀانيل ٻولين کي قومي درجو ڏيارڻ واري ڪوششن کي شڪ جي عينڪ لڳائي ڏٺو پيو وڃي. ماضي ۾ به ايئن ئي ٿيو آهي. بنگالي ٻولي کي تسليم نه ڪرڻ جي ڪري مشرقي پاڪستان لاءِ بنگال واري ڀاشا آندولن لاءِ راهه هموار ٿي.
سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطلب آهي ته انهن ماڻهن جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن کي عزت ڏيڻ، جن سڀ کان پهرين پاڪستان کي عزت ڏني ۽ مان بخشيو. يعني انهن پاڪستان جي قيام جي قرارداد منظور ڪرائي ۽ ملڪ لاءِ جدوجهد ۾ پيش پيش هئا. تواريخ ۾ اها هڪ بي مثال قرباني هئي، جڏهن هڪ قوم جنهن جو هزارين سالن کان وٺي هڪ جدا ۽ ڌار تشخص هو، تنهن اسلام سان پيار ۽ عقيدت خاطر پنهنجي جداگانه ملڪي حيثيت تان هٿ کڻي، پاڻ ئي صوبائي رتبو اختيار ڪيو! ان قوم جي وفاداري تي شڪ ڪرڻ هڪ وڏو گناهه آهي. جيڪي پارٽيون، ڌريون ۽ ماڻهو ايئن ڪن ٿا اهي، ملڪ کي ڪمزور ڪن ٿا. سنڌ جو ساهه اڄ به  پاڪستان ۾ آهي! سنڌي ٻولي کي زور وٺائڻ جو مطلب آهي پاڪستان کي زور وٺرائڻ.
عام طور ماهر چون ٿا ته ٻوليون زنده شين وانگر هونديون آهن، تنهنڪري اهي  ڄمن، مرن ۽ جيئن ٿيون. ان ڪري ئي اسان وٽ ماءُ ٻوليون، ڌيئر ٻوليون، ڀينر ٻوليون، جيئريون ٻوليون، مئل ٻوليون ۽ ٻولي خور ٻوليون جهڙا اصطلاح به استعمال ٿين ٿا. هن جديد دور ۾ گلوبلائزيشن، انٽرنيٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي ٻين طاقتور ذريعن اصلوڪين ٻولين جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. وڏيون ٻوليون ننڍين ٻولين کي تيزي سان ڳڙڪائي رهيون آهن. جڏهن هڪ قوم جا ماڻهو روزگار ۽ ٻين سماجي سببن جي ڪري ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ لڳن ٿا، تڏهن اصلي ٻولي جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو آهي. اهڙي ئي صورتحال ۽ مسئلا سنڌي ٻولي کي پڻ درپيش پيل آهن. سڄي دنيا ۾ اهڙين ٻولين کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ قانون جوڙيا پيا وڃن. اهو ئي سبب آهي جو هر سال سڀاڻي واري ڏينهن، يعني 21 فيبروريءَ تي، سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو به ملهايو ويندو آهي.
سنڌي ٻولي دنيا جي اوائلي ۽ قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. اها هزارين ورهين جي اٿل پٿل، قدرتي ۽ انساني آفتن کي برداشت ڪري، پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ ۾ سرخرو رهي آهي. ان ٻوليءَ جي انهي خاصيت کي ٻولين جا تواريخدان حيرت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا! هن وقت سنڌي ٻولي کي پنهنجي بقاءُ جو مسئلو درپيش آهي ۽ ان کي بچائڻ جي نئين تواريخ رقم ٿي رهي آهي. هي وقت آهي ته سنڌ جا حلالي فرزند اڳيان اچن، پنهنجي ماءُ ٻولي جي وارثي ڪن ۽ انهي جي جياپي کي يقيني بڻائين.

No comments:

Post a Comment