ممتاز لوهار جي ڪهاڻي ڪتاب
”اڻپورا وجود“ جو اڀياس
ڪهاڻي زندگيءَ جي سڏ جو
پڙاڏو آهي
احسان دانش
’ڪهاڻيءَ ۾
زندگي آهي يا زندگيءَ ۾ ڪهاڻي.‘ اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ هميشه هڪ اهڙي دائري وانگر
ڦرندي آهي جنهن جو ڇيهه ۽ ڇيڙو ڪڏهن به هٿ نه آيو اٿم. جيڪڏهن ڪهاڻي ائين ئي آهي جيئن
زندگي ته پوءِ ٻنهي کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيئن ٿو ڪري سگھجي؟ ڪري به ڪيئن ٿو سگھجي جو
ڪهاڻي زندگيءَ جي ڪُک مان جنم وٺي ٿي. جنهن سماج ۾ زندگي نرم، گداز ۽ بخملي بدن
جهڙي هوندي ان سماج ۾ ڪهاڻي به پيار جا نغما گنگنائيندي ۽ جتي اها چچريل لاش جهڙي
هوندي اتي يقيناً ڪهاڻيڪارَ به نوحه گر ٿي پوندا، ڇوته ڪهاڻي زندگيءَ جي سڏ جو
پڙاڏو آهي. زندگي ٽهڪ ڏيندي ته ڪهاڻي به
مسڪرائيندي، زندگي سڏڪندي ته ڪهاڻي به لڙڪ لاڙيندي. شيخ اياز لکيو هو ته ”هي زندگي
ئي هڪ ڪهاڻي آهي. هڪ عجيب غريب وچتر ڪهاڻي، جنهن جو صفحو صفحو روئاري ۽ کلائي، رسائي
۽ مڃائي، منجھائي ۽ سُجھائي ٿو. ان جي سٽ سٽ ۾ يا ته ڪتڪتائي آهي يا چُهنڊڙي يا ٿف
يا ٺوڪر. ائين کڻي چئجي ته هي زندگي گھڻيون ئي ڪهاڻيون آهي. ٻئي پاسي هڪ ڪهاڻيءَ ۾
زندگيءَ جي جھلڪ آهي. ان جي غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرميءَ جي ترجماني
آهي. جي اسان کي زندگي عزيز آهي ته ڪهاڻي ڪيئن نه پياري لڳندي؟ پر جي اسان تي
زندگي بار آهي ته ڪهاڻي پڙهي ان جو ٻوجھ هلڪو ٿيندو. آخر زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي
آهي. تو چئي مون ٻڌي ۽ پوءِ ڄڻ ته هئي ئي نه.“
ممتاز لوهار جي
ڪهاڻين ۾ اهي ٽئي خوبيون موجود آهن. هن حقيقتن ۽ خوابن کي آرٽ ۽ ڪرافٽ وسيلي اهڙي
ريت بيان ڪيو آهي جو اهي ڪهاڻيون فن ۽ حسن جو امتزاج محسوس ٿين ٿيون. ان ۾ ڪو شڪ
ناهي ته ممتاز لوهار جون ڪهاڻيون زندگيءَ جون ڪهاڻيون آهن جن ۾ درد ۽ ڪرب به آهي،
حسرتون ۽ خواب به آهن، ناڪاميون ۽ نراسايون به آهن ته بي وفائين جا زخم به. هن جي
ڪهاڻين ۾ پيار ۽ ان جي پٺيان پلجندڙ محرومين جا معاملا به آهن ته غربت ۽ افلاس جا
ڪربناڪ منظر پڻ. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جي انهن ڪردارن کي ميڙي ۽ سهيڙي رکيو آهي
جن کي اسان جي سوسائٽي ۾ يا ته نظر انداز ڪيو ويندو آهي يا وري ڄاڻي واڻي انهن کي
جبر جي چڪيءَ ۾ پيٺو ويندو آهي. اسان جو طبقاتي سماج هيڻي ۽ ڏاڍي، ظالم ۽ مظلوم،
زميندار ۽ هاري، سرمائيدار ۽ مزدور، اقتدار ڌڻي ۽ بي وس، با اختيار ۽ بي اختيار جي
تضادن تي بيٺل آهي. جتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن. جتي شرافت ۽ عزت اڻ ملهو سودو
آهن. جتي حڪمران عوام جا خادم هجڻ بدران آقا آهن، اهڙا آقا جن کي پنهنجي رعايا تي
رحم نه ٿو اچي. جتي انصاف بيساکين تي بيٺل آهي. جتي قانون لاءِ ڪوئي قانون نه آهي.
اسان سڀ اهڙي سماج ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون جتي هر طرف ٽيئر گئس ڦهليل آهي، اسان جو
ساهه گھٽجي رهيو آهي، اسان جي اکين ۾ پاڻي آهي ۽ اڄ جي دور جي اها ئي ڪهاڻي آهي،
جنهن کي ممتاز لوهار پنهنجي تخليقي ذهن سان اهڙي نموني پيش ڪيو آهي جو زندگيءَ جي
سچ ۽ ڪهاڻيءَ ۾ ڪو فرق ئي نظر نه ٿو اچي. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار اسان جي اردگرد
گھمندي نظر اچن ٿا ۽ اهي هر گز اڻ سونهان ۽ اوپرا نه ٿا لڳن.
ڊاڪٽر اقبال
آفاقي لکيو آهي ته ”افسانو مڪمل طور تي هڪ استخاري صنفِ سخن آهي. ان جا پير زمين
سان جڙيل هوندا آهن. هن ارضي زندگيءَ سان چڱيءَ ريت واڳيل. زندگي جيڪا غير مستقل ۽
تبديل ٿيندڙ آهي. ڀاڱن ۾ ورهايل ۽ ڏاڍي منجھيل. جنهن جو لينڊ اسڪيپ هر گھڙي ٽٽندو
۽ ڀرندو رهي ٿو. جنهن جا رستا آڏا ٽيڏا آهن ۽ نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندي حال جي
دائري مان نڪرندي مستقبل جي هيٺاهينءَ تي لهي ويندا آهن. ان جي لاءِ ڪافي لاڳاپيل
معاملن جي خبر رکڻ ۽ موضوع بابت تفصيلي ڄاڻ هجڻ پهريون شرط آهي. ڪهاڻي جوهري طور
تي حسي ادراڪ جي منطقي جي شي آهي. مصنف کي پنهنجي پهچ ۽ رسائيءَ جي ننڍڙي دائري جي
اندر رهندي اثر انگيزيءَ جا ڪرشما ڏيکارڻا پوندا آهن. ان ڪري ڪهاڻيڪار جو ڪم ڏاڍو
ڏکيو آهي.“ ممتاز لوهار ان ڏکئي ڪم کي چڱيءَ پر نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ زندگيءَ
جي ور وڪڙ ڳلين مان اڪثر اهڙا موضوع چونڊيا آهن جن تي وري وري لکڻ جي ضرورت آهي.
ممتاز جون اڪثر
ڪهاڻيون پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته هو داخلي ڪيفيتن ۽ پنهنجي ذات جي حصار کان
ٻاهر نڪري نه سگھيو آهي. هن پاڻ ئي لکيو آهي ته ”تخليقڪار جي پهرين تخليق ان جي
پنهنجي داخلي ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاهه مان جنم وٺندي آهي.“ غربت، بيوسي ۽ مجبوري هن جي
ڪهاڻين جو مرڪزي نڪتو آهن ۽ انهن کي اڀارڻ لاءِ هو وري وري هڪ ٽيچر جي ڪردار جي
چونڊ ڪري ٿو. ”ماستر جو روح“، ”درد جي ڌٻڻ آهي زندگي“ ۽ ”هڪ هڪاڻي“
اهڙيون ئي ڪهاڻيون آهن جن جو مرڪزي ڪردار هڪ استاد آهي. هڪ ايماندار استاد هن
سماجي مشينريءَ جو ڄڻ ڪو ناڪاره پرزو آهي، جنهن کي رڳو تنگدستي ۽ ٺوڪرون ئي نصيب
ٿين ٿيون. ڪردار جي ان ورجاءَ باوجود انهن ڪهاڻين ۾ هڪ ٽيچر جي ڪيفيتن جا مختلف رخ
پڌرا ٿيل آهن. ممتاز هڪ ٽيچر هجڻ ناتي ان ڪردار کي گھرائيءَ سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو
آهي، تنهن ڪري مٿين ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار جي مشاهدي سان گڏ سندس تجربو پڻ شامل آهي.
پر ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ تخليقڪار جي ذات جو ورجاءُ ڪهاڻيءَ ۾ آتم ڪٿائي احساس
ڏياريندو آهي، ڀلي ان ڪردار جو ليکڪ جي ذات سان تعلق نه به هجي پر قاري نفسياتي
طور ان قسم جي ڪردار کي تخليقڪار جي ذات سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏهن
هڪ ڪهاڻيڪار حصارِ ذات کان نڪري ٿو ۽ پنهنجي درد کي مختلف ڪردارن جي وجود ۾ ورهائي
ٿو ته تڪميلِ ذات جي تمنا ۾ ’اڻپورا وجود‘ تخليق ٿي پون ٿا. ممتاز لوهار انهن
اڻپورن وجودن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ جاءِ ڏئي ان تشنگيءَ کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
جيڪا ڪنهن به تخليقڪار جي وجود کي رڃ بڻائي ڇڏيندي آهي. اها ذات جي رُڃ ۽ اندر جي
اُڃ جنهن ۾ درد جون هزارين صورتون هونديون آهن، ۽ انهن ئي صورتن کي ممتاز ڪهاڻين
جو روپ ڏنو آهي. هو پنهنجي درد کي جڏهن دنيا جي درد سان ملائي ٿو ته سندس ڪهاڻين ۾
خارجي ڪيفيتون ظاهر ٿين ٿيون ۽ هن جي تخليقن ۾ نکار اچي وڃي ٿو. غربت ۽ بيوسيءَ جي
استعاري طور ٻيا به ڪيئي ڪردار آهن، جن کي ممتاز پنهنجي ڪهاڻين ۾ آندو آهي. ڪهاڻي ”موالي“
جو ڪردار موالي، ڪهاڻي ”گرو“ جو ڪردار گرو، ڪهاڻي ”خالي بينچ وارث“
جو مرڪزي ڪردار، ڪهاڻي ”هينئون هت نه وندري“ جي راڻي وغيره سماج جا اهڙا ئي
ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردار آهن.
ممتاز لوهار جي
ڪهاڻين جي اڻت ڏاڍي خوبصورت آهي. هو هر ڪهاڻي ۾ هڪ ماهر فنڪار وانگر واقعن ۽
ڪردارن کي هڪ مناسب ترتيب سان رکڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. سندس اهڙين ڪهاڻين ۾ ”هنئيون
هت نه وندري“ ”اڻپورا وجود“ ۽ ”هڪ هڪاڻي“ شامل ڪري سگھجن ٿيون. البته
ڪٿي ڪٿي هن جون ڪهاڻيون ڪنهن اهڙي پينٽنگ وانگر به لڳن ٿيون جنهن ۾ رنگن جو امتزاج
غير فطري ۽ اسڀاويڪ محسوس ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ جي ڪرافٽنگ جو ڪم ڏاڍو نازڪ ٿئي ٿو، جتي
’تر جي گٿي سوء چوٽون کائي‘ وارو معاملو هوندو آهي. محمد حميد شاهد پنهنجي ڪتاب
”اردو افسانه ــ صورت و معنى“ ۾ لکيو آهي ته ”هر ڪامياب ڪهاڻيءَ م هئيت ۽ مواد جو
الڳ امتزاج ٺهندو آهي. زبان ۽ ماحول جي صورت هر دفعي جدا ٿي ويندي آهي. ڪٿي تفصيل
نگاري حسن بڻجي ايندي آهي ته ڪٿي جذيات نگاري. ڪڏهن وري انهن ٻنهي کان انڪار
ڪهاڻيءَ کي نکار بخشيندو آهي. ڪٿي اوهان موضوع کي احساس جي سطح تي کڻي ايندا آهيو
ته ڪٿي وري احساس جو لطيف ۽ پر اسرار وهڪرو ئي ڪهاڻي جي تقاضا بڻجي ويندو آهي.“
مجموعي طور ممتاز لوهار جون ڪهاڻيون اهڙين خاصيتن سان ڀرپور آهن پر مونکي سندس
ڪهاڻيون پڙهندي الائي ڇو هڪ شڪستگيءَ جو احساس ٿئي ٿو. ان شڪست جو تعلق يا ته
تخليقڪار جي ٿڪاوٽ سان آهي يا وري اندر جي مايوسيءَ ۽ نراسائيءَ سان.
ممتاز لوهار جي
اڪثر ڪهاڻين جو انت موت تي ٿئي ٿو، جيڪو ڪهاڻيءَ جي وهڪري ۾ گھڻو ڪري غير فطري
محسوس ٿئي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ کي ڊرامائي شڪل ڏئي وڃي ٿو. ممتاز پنهنجي ڪهاڻي ”اڻپورا
وجود“ ۾ دائودي صاحب جي ڪردار کي ڪهاڻيڪار طور پيش ڪيو آهي جنهن جي ڪهاڻين تي
هڪ ٻيو ڪردار تبصرو ڪندي چوي ٿو ”ڪلائميڪس ۾ اوهان مار کائي ٿا وڃو، ڪردارن سان
انصاف نه ٿا ڪريو، ڊائلاگ سڀ ٺيڪ آهن ۽ تشبيهون به اثرائتيون آهن، پر سدائين انت
وڇوڙو! بي وفائي ۽ موت! اها توهان جي يڪسانيت پڙهندڙن کي مايوسيءَ ڏانهن وٺي نه
ويندي؟“ ائين ٿو لڳي ڄڻ ممتاز اهو تبصرو پنهنجين ئي ڪهاڻين تي ڪرايو هجي...... ان
۾ ڪو شڪ ناهي ته زندگيءَ جو انت موت ئي
آهي پر ممتاز جي ڪهاڻين ۾ جن ڪردارن کي موت جي ڪُن ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي انهن مان
ڪيترائي اڄ به زندگيءَ سان جھيڙي رهيا هوندا. ڪهاڻي ”ماستر جو روح“ جي
ماستر کي جيڪڏهن موت جي آغوش ۾ نه به سمهارجي ته به ڪهاڻي پنهنجي پوري سگھ سان
قاريءَ تي اثر ڇڏيندي. ڪهاڻي ”گرو“ ۾ گرو زندگيءَ جي ڪربناڪين سان گڏ جيئرو
رهي سگھي پيو. ڪهاڻي ”هينئڙو هِت نه وندري“ ۾ جيڪڏهن راڻي زنده رهي ها ته
به ڪهاڻيءَ جي درد ۾ ڪا ڪمي محسوس نه ٿئي ها. ڪهاڻي ”رٽائرمينٽ“ ۾ پروفيسر
جو موت ان ڳالهه کي تقويت ڏئي ٿو ته رٽائرمينٽ موت جو ٻيو نالو آهي. جڏهن ته اها
ڳالهه ڪُلي طور درست ناهي، اها ڪهاڻي رٽائرڊ ماڻهن کي نفسياتي دٻاءُ هيٺ آڻي منجھن
مايوسي پيدا ڪندي. مونکي ذاتي طور ڪهاڻين ۾ اهڙن ڪردارن جو موت الائي ڇو غير فطري
۽ اندر جي قيد مان تڪڙي رهائيءَ وانگر محسوس ٿيندو آهي، جيڪي اڄ به اسان جي آس پاس
موجود آهن ۽ چنگھي ڪُرڪي، ٿڙندي ٿاٻڙندي، پير پير رڙهندي زندگيءَ جي جنگ جوٽي رهيا
آهن. اهڙو هڪڙو مثال ممتاز جي ئي ڪهاڻي ”درد جي ڌٻڻ آهي زندگي“ ۾ به ملي ٿو
جنهن جو مرڪزي ڪردار معاشي مسئلن جي چڪيءَ ۾ پيسجندي به زنده آهي.
ممتاز لوهار جي
ڪهاڻين جي موضوعي تاڃي پيٽي مان محسوس ٿئي ٿو ته هن زندگي ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي
نهايت باريڪ بينيءَ سان ڏٺو آهي. هن جِي سماج ۾ بدلجندڙ قدرن تي گھري نگاهه آهي.
هن جي ڪهاڻين کي هڪ اهڙي پلزم سان ڀيٽ ڏئي سگھجي ٿي جنهن جي هر رخ ۾ پنهنجو رنگ ۽
حسن آهي. سندس ڪهاڻي ”ماستر جو روح“ هڪ اهڙي ڪردار جي ڪٿا آهي جيڪو بيچسي
زندگيءَ ۾ ڀوڳنا جو سفر طئي ڪري ٿو. ممتاز هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻاراڻن سبقن کي ماستر جي
ذات سان ڀيٽي سندس وجود جي خال کي فنڪاراڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ممتاز لوهار جون
هي ڪهاڻيون پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته نه رڳو سندس ڏات جو آڪاس وشال آهي پر سندس
ڏانءَ جو ٿانءُ به ويڪرو آهي. اوهان کي منهنجي ان ڳالهه جو ثبوت سندس ڪهاڻين ”مرجھايل
گل تي ماڪ ڦڙا“، ”اکڙيون ڏيل ڏيئا“، ”ڏکي ڏونگر پاڻ ۾“ ۽ ”درد جي ڌٻڻ آهي
زندگي“ جهڙين ڪهاڻين مان ملي ويندو. ممتاز جي ڪهاڻي ”شڪ“ ۾ ماڻهوءَ جي
ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ هاڪاري ۽ ناڪاري ڪيفيتن ۽ اندر جي ٻڏ تر کي شاندار نموني بيان
ڪيو ويو آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته اها ڪهاڻي جيڪڏهن فرسٽ پرسن ۾ لکي وڃي ها ته
وڌيڪ اثرائتي لڳي ها. ”اڻپورا وجود“ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ مذهبي ديوار
سبب وجود ڀورا ڀورا ٿين ٿا. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار محبت جي بدن تان ويساهه جي چادر
هٽائي هڪ اهڙي حقيقت کي ظاهر ڪيو آهي جيڪا جيءَ کي جھير ڏيندڙ آهي. ڪهاڻي ”زهر
جو ڍُڪُ“ هڪ معزور جي درد ڪٿا بيان ڪري ٿي. هڪ معزور شخص اسان جي سماج ۾ ڪنهن
ناڪاره چيز وانگر هوندو آهي. هن ڪهاڻيءَ جو هڪ ڊائلاگ منهنجي اندر کي ڏاڍو ڇُهي
ويو ”ڀڃڻ پئي چاهيم، اهو ڄاڻيندي به ته وقت کي ٽنگون آهن ۽ مان معزور آهيان.“ عورت
جي فطري ضرورت هن ڪهاڻي جو مرڪزي نڪتو آهي. ڪهاڻي ”گرو“ جو گرو واقعي هڪ اڻپورو
وجود آهي. ”خالي بينچ جو وارث“ اندر جي تنهائي ۽ ڪربَ جي ڪهاڻي آهي. هي
ڪهاڻي ڪلائميڪس تي پهچي اينٽي ڪلائميڪس ٿي وڃي ٿي. ”هنئيون هت نه وندري“
ڪهاڻي پڻي سان ڀرپور ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيڪار ٻوڏ ستايلن جي درد کي پينٽ ڪيو
آهي. ”ڏکي ڏونگر پاڻ ۾“ مونولاگ ۾ لکيل هڪ بهترين ڪهاڻي آهي، جنهن ۾
اڪيلائپ، ذات جي خلا ۽ خود اذيتي کي شاندار نموني بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾
فرد جي داخلي ڪيفيتن ۽ پيڙائن کي آرٽسٽڪ انداز ۾ پورٽريٽ ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت
ممتاز لوهار جون ڪهاڻيون سماجي حقيقت نگاري، رومانيت ۽ تمثيل جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل
اهڙيون ڪهاڻيون آهن جن کي وري وري پڙهي سگھجي ٿو.
ممتاز جون
ڪهاڻيون پڙهندي ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به نظر آيون جن ۾ ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪهاڻيڪار
ڪهاڻيءَ کي ڏاڍو تڪڙو ڪلائميڪس تي پهچايو آهي. اهڙين ڪهاڻين ۾ ”زهر جو ڍڪُ“، ”توڻي ڪنڌيءَ ڪن“ ۽
”مان جيئڻ ٿو چاهيان“ شامل آهن. جڏهن ته ڪجھ ڪهاڻين جو ڪلائميڪس ايڏو ته فطري
۽ زبردست آهي جو ڪهاڻي ۾ اوپرائپ ۽ اڻ پورائيءَ جو ڪو احساس ئي نه ٿو ٿئي. اهڙين
ڪهاڻين ۾ ”شڪ“، ”اڻپورا وجود“، ”مرجھايل گل تي ماڪ ڦڙا“،”ڏکي ڏونگر پاڻ ۾“
۽ ”هڪ هڪاڻي“ کي شامل ڪري سگھجي ٿو.
ممتاز لوهار جي
ڪهاڻين جي سڀ کان وڏي خوبي جنهن منهنجي دل کي ڇهيو سا آهي سندس ڪهاڻين جي خوبصورت
ٻولي ۽ سهڻين تشبيهن جو استعمال. حقيقت اها آهي ته ممتاز جي ڪهاڻين جي ان خوبيءَ
سندس ڪهاڻين جي ڪيترين ئي ڪمزورين تي پردو ڏئي ڇڏيو آهي. اوهان کي لڳ ڀڳ سندس هر
ڪهاڻي ۾ اهڙيون ته پياريون تشبيهون پڙهڻ لاءِ ملنديون جن کي ذهن جي ڦرهيءَ تان
ميسارڻ تي دل نه چوندي ۽ من چاهيندو ته انهن کي ڊائريءَ جي ورقن تي اتاري ڇڏجي.
ممتاز جي ڪهاڻين منجھان اهڙا ڪجھ خوبصورت تشبيهاتي جملا ڏسو:
·
منهنجا عرض ته
بنان ٽڪليءَ جي لفافي جيان موٽي ملندا اٿم. (شڪ ص 31)
·
شرمندگيءَ جو
احساس کيس ڄورن جيان چنبڙي ويو. (شڪ ص 32)
·
ڇڻيل پن جيان
رڙهندو هلندو رهيو هيم. (اڻپورا وجود ص 38)
·
ڀانئيو هئم اهڙو درد، جيڪو ڪا ماءُ مئل ٻار ڄڻڻ تي محسوس ڪندي آهي. (اڻپورا
وجود ص 38)
·
خوشي ڊيٽ
ايڪسپائر دوا جيان لڳي رهي هئي. (اڻپورا وجود ص 40)
·
خوف سهڪندڙ ڪتي
جيان اسان جو پيڇو ڪندي ٿي آيو. (اڻپورا وجود ص 40)
·
لفظ ڪٽيل لغڙ
جيان اڏامندا مون کان پري ٿي ويا. (اڻپورا وجود ص 44)
·
ڪمري ۾ رکيل
شاديءَ جي ٻي سالگره جو ڪيڪ ٻن ملڪن جي سرحد تي ڪنهن فوجيءَ جي لاش جيان لاوارث
پيو هو. (مرجھايل گل تي ماڪ ڦڙا ص 46)
·
ٻوڏ ڇا آئي ڇڳل
ڇير جي گهنگھرن جيان ڪٽنب کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيائين. (هينئون هِت نه وندري ص 70)
· راڻي سُڪيءَ تي پيل مڇيءَ جيان ڦتڪي
رهي هئي. (هينئون هِت نه وندري ص 72)
·
تُنهنجون بند
اکيون منهنجي خوابن جون قبرون ٿي پيون هيون. (توڻا ترس نه سِکيا ص 84)
·
رشتن سان ويساهه
گھاتي ڪندڙ انهن ماڻهن جيان هوندا آهن جيڪي ٻن عقيدن جا پوئلڳ ٿي پوندا هجن.
(توڻي ڪنڌيءَ ڪن ص 98)
·
لفظ تکي اُس
جيان جسم مان پگھر ڪڍي ويس. (درد جي ڌٻڻ آهي زندگي ص 101)
ممتاز لوهار جون
ڪهاڻيون پڙهي منهنجو ان ڳالهه تي ويساهه پُختو ٿيو آهي ته سنڌي ڪهاڻي پنهنجا
ارتقائي مرحلا طئي ڪندي، فني ۽ هئيتي تبديليون ساڻ ڪري جنهن سفر ڏانهن وڌي رهي آهي
ان جي منزل رُڃ نه آهي پر سندس پنڌ هڪ اهڙي شفاف نديءَ تي کُٽڻو آهي، جنهن جي هڪ
سُرڪ به صدين جي پياس پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندي. ان ڏينهن ئي اسان فخر سان چئي
سگھندا سين ته سنڌي ڪهاڻي به دنيا جي عظيم ڪهاڻيءَ سان بر ميچي سگھي ٿي.
مضمون کي بلاگ تي جاءِ ڏيڻ لاءِ قربَ سائين....
ReplyDelete