24/05/2014

سنڌ جي سياسي جدوجهد - اختر ڪاڪيپوٽو (Akhtar Kakepoto)



نامياري سياستدان خالق جوڻيجي جو ڪتاب
سنڌ جي سياسي جدوجهد
اختر ڪاڪيپوٽو
سائين جي ايم سيد جي ڪتاب نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ کان پوءِ محترم محمد لائق زرداري جو ڪتاب ۽ هاڻي محترم خالق جوڻيجي جو ساڳئي موضوع تي ايڪويهين صديءَ جي حوالي سان هيءَ کوجنا research سنڌ جي هر فڪري  سياسي ڪارڪن لاءِ هڪ انمول تحفو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان اسان کي پنهنجي زوال، سياسي بيمارين جي معلومات ۽ ان جو هر ممڪن علاج پڻ ملي ٿو، بشرطيڪه اسان ذاتي تعصب کي ويجھو نه وڃون ۽ باڪردار ٿي ايمانداري سان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب دل ۽ دماغ سان هنڊايون.

سندس لکيل هڪ مضمون ”ايڪويهين صدي ۽ سنڌي قوم جا رويا“ لازوال آهي، جنهن ۾ هُن سنڌي قوم جي ذليل ترين روين تي دليراڻو قلم کنيو آهي، بيشڪ کڻي اُن ۾ سڀ شريڪ هُجون پر خالق آئينو ڏيکاري سڀن کي پنهنجا چهرا ڏيکاري ڇڏيا. جيئن سائين جي ايم سيد نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ۾ وڏيرن ۽ عام ماڻهن جي روين کي جھنجھوڙيو هيو. خالق جوڻيجي جا چار لفظ هت دهرائيندس:
۱. خيرات ۾ پنڻ جي اُميد بند ڪرڻ گهرجي، پٽيواليءَ جي نوڪريءَ کان وٺي قومي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ پنڻ تي هِري ويا  آهيون. جھولي جھلڻ ڇڏي پنهنجي ٻل ۽ محنت تي ڀاڙڻ گهرجي.

۲. سازش جي فلسفي مان جان ڇڏائڻي پوندي، پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوتاهي، نااهلي يا مفاد پرستي کي ان فلسفي هيٺ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، اسان جو دشمن اسان جي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪندو ته هار پارائيندو ”تحريڪ کي وڌايو.

۳. نجات لاءِ بحيثيت قوم پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻ گهرجي، غير تنقيدي رويو موت جو نشان آهي.

۴. خوشامندي ڪلچر مان، خوبصورت خوابن ۽ لٻاڙن مان جان ڇڏائي زميني حقيقتن کي ڏسڻ گهرجي ۽ ڪڙي سچ کان  انڪار ڪرڻ نه گهرجي.

سائين جي ايم سيد جا حقيقي وارث اهي ئي آهن جن سندس جديد قومپرستيءَ جي نظرئي جو نه صرف بچاءُ ڪيو آهي بلڪه وڪالت ڪئي آهي ۽ اهڙي باڪردار  سياسي ڪارڪن مان پڻ اڳتي جي لاءِ اُميد ڪري سگهجي ٿي ته هُو سنڌي عوام ۽ ٻين مظلوم قومن جي عوام  کي پڻ گڏي پنهنجي وت ۽ حڪمت عملين تحت سائين جي ايم سيد جي ڪيس A CASE OF SINDHDESH کي وري کولرائي نئين سري سان ڪيس وڙهندو.
هن ڪتاب ۾ عام توڻي سياسي ميمبرن لاءِ سنڌ کان بين الاقوامي سياست کي سمجھڻ جهڙو مواد ملي ٿو،  جڏهن ته ماضيءَ ۾ ڪامريڊ دوستن ۽ ليڊرن صرف لفاظي استعمال ڪري ايئن لکيو آهي جو لکي عيسيٰ ۽ پڙهي موسيٰ پر ڪامريڊ خالق جيڪو نه صرف قومپرست آهي پر سندس دورانديش نظر عوام  جي حقيقي آزادي تي پڻ آهي، ان ڪري سندس لکڻين ۾ مرحليوار ترتيب ڪيل سبق آهن جيڪي نه صرف ڪارائتا آهن پر سمجھه ۾ اچڻ وارا آهن… سرد جنگ کان اڄوڪين حالتن تائين مفصل سندس لکت سنڌي جي سياست ۾اهم جڳهه والاري ٿي.
خالق جي اها تجزيو ته آمريڪا وٽ دنيا جي سڀ کان طاقتور ۽ چين وٽ سڀ کان وڏي فوج آهي پر سرمائيدار آمريڪا ۽ ڪميونسٽ چين تي سندن سڄي تاريخ ۾ سدائين سياسي قيادت ئي راڄ ڪندي رهي آهي پر هتي ته جمهوريت کي به وڏيرا جاگيردار ۽ سرمائيدار واري وٽيءَ سان رنڊيءَ وانگر استعمال ڪري رهيا آهن ۽ فوج اڳيان وري دلائپ ۾  مقابلو آهي.
تنهن ڪري مخلص ڪارڪنن ۽ سياستدانن کي پاڪستاني سياستدانن، فوجي ليڊرن سان گڏوگڏ ملڪ جي باالخصوص سنڌي ماڻهن جي جهالت ۽ سوچ سمجھه کي سمجھي اُن ۾ انقلاب آڻجي، جيئن سائين جي ايم سيد 60 واري دور ۾ بزم صوفياءَ سنڌ جي پليٽ فارم تان ماڻهن جي اخلاقي ۽ سياسي تربيت شروع ڪئي هُئي.
اڄڪلهه ته ميڊيا تمام آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن صرف همت ۽ ارادي جي مضبوطي ڪرڻي آهي ۽  پنهنجو مقصد چٽو رکڻو آهي ۽ ان تي هيرا ڦيري ڪرڻي ڪونه آهي… جيڪڏهن خالق جي نظر ۾ قومي حق خوداراديت جي رستي قومي نجات ۽ آزادي حاصل  ڪرڻ چاهي ٿو ته ڇاٿي پيو، ڪي دوست پنهنجي طاقت جي ۽ عوامي سمنڊ کي ڪٺو ڪري انقلاب آڻين ته ڇوڪو ٻيو اعتراض ڪندو، گهٽ ۾ گهٽ سياسي ڪارڪن سڏائڻ وارا اخلاقي جمهوريت ته اختيار ڪن.
محترم ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي تحقيق جو دائرو 1843ع کان 1936ع تائين ۽ سائين جي ايم سيد جو پنهنجي زندگيءَ جو مُشاهدو 1936 کان 1945 ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ تائين هڪ تاريخ آهي.
پر محترم عبدالخالق جي تحقيق ۽ ڄاڻ سماج جي ٺهڻ کان ايڪويهين صديءَ تائين ڦهليل آهي ۽ هي ننڍڙو ڪتاب نوجوان نسل، جيڪو سياست جي علم توڻي عمل ۾ حصو وٺڻ گهري ٿو اُن لاءِ هي ڪتاب فائديمند ثابت ٿيندو.
پياري دوست سان پنهنجا ٿورا گهڻا سياسي اختلاف برقرر رکندي کيس اهڙي تحقيق ۽ ڪوشش وٺڻ تي مبارڪ باد/واڌايون ڏيڻ پنهنجو اخلاقي فرض ٿو سمجھان ۽ اُميد ٿو ڪريان ته آئنده به قوم لاءِ اهڙي جاکوڙ ڪندا رهندا.

No comments:

Post a Comment