24/05/2014

نظر پياسي - مجيب سنڌي ڪورائي (Mujeeb Sindhi Korai)



ڏوٿيئڙن جي ڏيھ جو شاعر
نظر پياسي
مجيب سنڌي ڪورائي
هي سنڌ جي ڀلاريءَ ڀونءِ سڄي ئي هيرن جي کاڻ آهي، شعر ۽ ادب جي حوالي سان مالا مال آهي. اسان جو سنڌ دوست يار پياسي نظر چانڊيو به هيرن جي کاڻ ۾ هڪ هيرو آهي. جيڪو سٻاجهو سادو سچو ۽ سيبتو شاعر آهي. جنهن کي پرائي ڏيھ ۾ به پنهنجا سنڌ وارا سانگي ۽ جهانگي ناهن وسريا. نظر، پنهنجي هر شعر ۾ پنهنجي ماروئڙن کي ياد ڪري ٿو ۽ پنهنجي سڪ سچائي جو اظهار ڪري ٿو. اڄ ڪلھ جي نوجون شاعرن کي ڏسبو ته پنهنجن محبوبن جو پيا ذڪر ڪندا، پر نظر پياسي کي ڏسنداسين ته هو پنهنجي ماروئڙن جو ذڪر پيو ڪندي نظر ايندو. جنهن جو پڪو ثبوت مرحوم عبدالرحمان مغل (سرمد سنڌي) احمد مغل ۽ ٻين سنڌي فنڪارن جي مڌر آوازن ۾ ڳايل سندس شاعري آهي ۽ شاعري جو مجموعو “ڏوٿيئڙن جو ڏيھ“ جيڪو سريلي راڳي احمد مغل مون کي قرب منجهان تحفو ڏنو.

ڏوٿيئڙن جو ڏيھ ۾ جيڪا شاعري آهي سچ پچ ته اها ڪيڏاري مثل لڳي جيڪا سنڌ ۽ سنڌين جي ترجماني ڪري ٿي:
عڪس يادن وري ساڳيا سپنا ڏنا
روز ساڳيو حشر ڪجھ ٿئي ئي نٿو.
انهن سٽن کي پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته هن جو پنهنجو هڪ الڳ ٿلڳ انداز ۽ اسلوب آهي. هن جي شاعري ۾ بلڪل نئون رنگ سمايل آهي، هن وٽ نوان نوان استعارا ۽ تشبيهون آهن، ٻين کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪرڻ لئه هي لفظن سان راند ٿو کيڏي ۽ شعر ٺهي ٿا پون.
هن ياد آهي ته صرف پنهنجي ديس واسين جي ۽ سنڌ جي گهٽين جي جيڪي هن کي سعودي عرب ۾ تڙپائن پيون ۽ اهڙيون سٽون لکرائن پيون، هن کي پنهنجي ڌرتي جي هر شي اکين ۾ آهي، ڪنڊيون، ڪرڙ، کٻڙيون سڀ منظر هن جي اکين جي آڏو ڦرندا رهن ٿا ۽ تانگھ وڌي هن کي ستائي پئي، پنهنجي ٿر جي مسڪين ماروئڙن جون يادون هن جي دل ۾ اڃا به آهن، هڪ سچي شاعر وٽ هن پوري دنيا ۾ ڌرتيءَ ماءُ کان وڌيڪ مقدس ٻي ڪا به حقيقت نه آهي، شاعري هر قوم کي جاڳائي ٿي، جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ٿي، جيئن استاد بخاري چوي ٿو ته سونهن، سچ ۽ شاعري جو پاڻ ۾ اهڙو تعلق آهي جهڙو چنڊ، سج ۽ روشني جو، جهڙو سنگيت، گيت ۽ ناچ جو، جهڙو جواني، جذبي ۽ پيار جو، پر پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن کان الڳ رهي به ڪو شاعر يا تخليقڪار عظيم نٿو بڻجي سگهي، ڌرتي ۽ سرتي ٻه الڳ شيون آهن ، پر ڌرتيءَ تي جنهن ڪونه لکيو اهو ڪهڙو شاعر آهي، جيڪو جتي رهي ٿو اتان جي ڳالھ نٿو ڪري، ڌرتيءَ به هڪ ماءُ آهي جنهن اسان کي پنهنجي گود ۾ جاءِ ڏني، اهڙي طرح نظر پياسي جي شاعري ۾ به قومي رنگ ڀرپور جهلڪ ڏيندي نظر اچي ٿو،
جيئڻ سکيا هون، مرڻ سکيا هون،
اڙي او ظالم وڙهڻ سکيا هون،
گهڻو اسان ڀي ڪيو صبر آ،
حقوق پنهنجا وٺڻ سکيا هون.
ڌرتيءَ جي دشمن کي للڪاريندڙ سٽون واقعي به ويٽنامي شاعر وانگر کيسن ۾ رکڻ جهڙيون آهن، ائين وري ديس جي غدارن کي للڪاريندي چوي ٿو:
او رئيس وڏيرا تون منهنجو نه ڪڏهن ٿيندين
تون ته غدار آهين غدار سدا رهندين.
هن پنهنجي ڌرتي کي ۽ پنهنجي ڌرتي وارن کي سجاڳ ڪرڻ وارين سٽن لکڻ کان سوءِ پنهنجي سرتيءَ تي به لکيو آهي.

No comments:

Post a Comment