13/05/2014

مفصل سنڌي لغت - ڊاڪٽر فهميده حسين (Dr. Fahmida Hussain)



مفصل سنڌي لغت يا جامع سنڌي لغات
ڊاڪٽر فهميده حسين
ڪجهه ڏينهن کان ڪن اخبارن ۽ ادبي حلقن ۾ هڪ خبر گردش ڪري رهي آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وارثن الزام هنيو آهي ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران مفصل سنڌي ڊڪشنري بورڊ جوڙي، ان تحت جيڪا ڊڪشنري جوڙي پئي وڃي، اها ڊاڪٽر بلوچ جي تيار ڪيل جامع سنڌي لغات‘ مان چوري ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ هو ڪم بند ڪرائڻ جو جلد نوٽيس ڏيندا. وري 8 مئي 2014ع تي ڊاڪٽر صاحب جي ٻن فرزندن ۽ ٻن نياڻين طرفان اهڙو خط به جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ساڳئي الزام کي دهرايو ويو هو. ان خط ۾ هڪ کان وڌيڪ جاين تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي جامع سنڌي لغات‘ جي پنجن جلدن جو مصنف، تخليقڪار ۽ ليکڪ ڄاڻايو ويو آهي ۽ لکيو ويو آهي ته سندس ڪيل ’اصلوڪو ڪم‘ (original work) جيڪو صرف ۽ صرف سندس ذهني پورهيو ۽ ورثو آهي، ان جا حق واسطا (copy rights) ۽ ذهني ملڪيت جا حق (intellectual property rights) انهيءَ مصنف جا آهن، جن تي ’مفصل لغت‘ جي نالي ۾ ٻولي اٿارٽي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ان ذهني ڪم ۽ علمي ڪارنامي ۾ ان کي سڌارڻ جي نالي ۾ ڪا به تبديلي، ڪو به واڌارو، گهٽ يا وڌ ڪرڻ جو عمل گڏيل قومن جي قانونن جي خلاف ورزي آهي.

هن خط ۾ اهو به لکيل آهي ته ڊاڪٽر بلوچ جهڙي مشهور لغتدان (Lexicographer) جي پورهيي ۾ محض ڪن هٿ ٺوڪين لغتدانن (so called lexicographers) جي ٽيم ذريعي ردوبدل ڪري نئين لغت جوڙڻ جو عمل، ان ۾ هٿ چراند جي برابر آهي. ان ڪري ليکڪ جي قانوني ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪندڙ بين الاقوامي ادارن جي مڃيل قانونن هيٺ هُو قانوني ڪارروائيءَ جو حق رکن ٿا. ان ڏس ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن هئڻ ناتي ۽ پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ به آءٌ ڪجهه ڳالهين جي وضاحت ڪرڻ مناسب ٿي سمجهان:
اها حقيقت آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بي مثال محقق، مرتب، مؤلف ۽ مصنف رهيو آهي ۽ سندس علمي پورهيي کي نه مڃڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۽ سندس لاءِ اسان سڀني سنڌين جي دلين ۾ جيڪا محبت ۽ عقيدت آهي، ان کان ڪو به انڪار ڪونهي، پر هن قسم جي بيانن مان سندس وارث کيس اختلافي بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن کان کين پاسو ڪرڻ گهرجي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مول مقصدن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ جتي ٻيا ڪيترا ڪم ڪرڻا آهن، اتي لغتن جوڙڻ جو ڪم به شامل آهي. ٻولي هڪ وهندڙ درياهه مثل هوندي آهي، جنهن ۾ نوان لفظ به پيا ايندا آهن، ته پراڻا لفظ متروڪ به ٿيندا آهن، اها ٻين ٻولين جو اثر به قبول ڪندي آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ يا هنرن ۽ فنن سان لاڳاپيل ڪيترا اصطلاح به قبول ڪرڻ لاءِ مجبور هوندي آهي، ان ڪري دنيا جي هر ٻوليءَ جي لغتن ۾ واڌارا سڌارا پيا ٿيندا آهن ۽ اهو ڪنهن به زندهه ٻوليءَ جي لاءِ هڪ ضروري عمل به هوندو آهي. ٻه ٽي سال اڳ اردو ڊڪشنري بورڊ جي چيئرپرسن محترمه فهميده رياض خاص طور اٿارٽيءَ ۾ آئي هئي ۽ اردو ٻوليءَ جي 22 جلدن تي مشتمل لغت اٿارٽيءَ کي تحفي طور ڏئي وئي، جنهن جي سنڌ جي عالمن وڏي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي عام تاثر اهو جڙيو هو ته سنڌي ٻولي ته اردوءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قديم، وڌيڪ شاهوڪار ۽ اصلوڪي ٻولي آهي، ان جي پڻ لغت تي اهڙي نموني ڪم ٿيڻ گهرجي. ان کان پوءِ اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس اهڙي منظوري ڏني ۽ سنڌ حڪومت کي سنڌي ڊڪشنري بورڊ جوڙڻ لاءِ لکيو ويو، جنهن ۾ ويهن جلدن تي ٻَڌل ’مفصل سنڌي لغت‘ کان سواءِ ٻيون به ڪي ٻه-ٻوليائي لغتون جوڙڻ جي اسڪيم موڪلي وئي. حڪومت طرفان بورڊ جوڙڻ بدران في الحال ويهن جلدن واري لغت تي ڪم ڪرڻ جي ٽن سالن جي رٿا منظور ٿي آئي ۽ چيو ويو ته ٽن سالن کان پوءِ ان کي بورڊ جو درجو ڏنو ويندو.
اهڙيءَ ريت هڪ لغت ڪميٽي جوڙي، ڪجهه ماهر تجربيڪار استادن کي مقرر ڪري، نوجوان ريسرچرن جي ٽيم سان انهن کي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ چيو ويو. هتي هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌ ۾، بلڪ پاڪستان ۾ ڪو به باقاعدي لغتدان (Lexicographer) جي ڊگري رکندڙ عالم ڪونهي، گهڻو ڪري عالم اديب ۽ سينيئر استاد ئي لغتن جو ڪم ڪندا رهيا آهن، خود سنڌيءَ جو عالم ڊاڪٽر بلوچ يا اردوءَ جو ڊاڪٽر فرمان فتح پوري يا ڊاڪٽر  جميل جالبي به اهڙي ڪا ڊگري رکندڙ نه هئا، اهي اسان جا پراڻا استاد ئي هئا، جن اهو ڪم پئي ڪيو.
بهرحال هنن عالمن ۽ استادن پنهنجي اڳيان ’جامع سنڌي لغات‘ جا پنج جلد، مرحوم عبدالڪريم سنديلي جي ’تحقيق لغات سنڌي‘، ڀيرومل مهرچند جي ’غريب اللغات‘، مرزا قليچ بيگ جي ’لغات قديمي‘، آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ’جواهر اللغات‘، سترامداس سائل جي ’سائل ڪوش‘، ستيش روهڙا جي ’ٽه ٻوليائي لغت‘، ڊاڪٽر ممتاز قاضيءَ جي ’سائنسي لغت‘، سماجيات، آثار قديمه، بين الاقوامي تعلقات ۽ تعميرات جون لغتون، تجارت ۽ بئنڪاريءَ جي لغت، ميڊيڪل لغتون، ’دفتري لغت‘، ’ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت‘، شاهه جي رسالي جون لغتون، مطلب ته ويهن کان وڌيڪ لغتون سامهون رکيون ۽ ڪيتريون عربي-فارسي، سنڌي-انگريزي، سنڌي-هندي، سنڌي-اردو ۽ ٻيون لغتون پڻ حوالي طور کنيون. ان جو مطلب اهو ڪو نه چئبو ته، ڪو اها چوري آهي يا Plagiarism آهي. دنيا ۾ ’آڪسفورڊ ڊڪشنري‘، ’ڪيمبرج ڊڪشنري‘ يا ڪا به ٻي ڊڪشنري هجي، انهن ۾ ادارن طرفان واڌارا سڌارا ڪري، ٻوليءَ جي وسعت ۽ شاهوڪاريءَ کي محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ اها ٻوليءَ جي وڏي خدمت سمجهي ويندي آهي، پر اسان وٽ ته دستور ئي ٻيو آهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ته پنج جلدي ’جامع سنڌي لغات‘ جو ڪم ڪيئن شروع ٿيو ۽ ڪنهن شروع ڪيو. آءٌ صرف ٻُڌل ڳالهين تي يقين ڪري لکڻ بدران خود انهيءَ لغات جي پهرئين جلد ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل مهاڳ جا حوالا ڏيندس: اها ڳالهه سنڌي ادبي بورڊ جي رڪارڊ ۾ موجود آهي ته ’جامع سنڌي لغات‘ (5 جلد) جو پروجيڪٽ 1940ع ۾ سنڌ حڪومت جي قائم ڪيل ’سنڌي ساهتيه مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ طرفان منظور ۽ شروع ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته ”اهڙي جامع لغات لکڻ جو ڪم عالمن جي هڪ ڪاميٽيءَ جي حوالي ڪيو ويو، پر ڪن سببن ڪري سالن جي عرصي گذرڻ بعد به انهيءَ لغات جو مسودو فقط پهرين چئن اکرن (الف-ب-ٻ-ڀ) تائين محدود رهجي ويو. (صفحو: ب- ’جامع سنڌي لغات‘، جلد پهريون، مهاڳ).
هن حوالي مان ثابت ٿيو ته لغت جي پهرين چئن اکرن جا لفظ ۽ معنائون، عالمن جي ان ڪميٽيءَ تيار ڪيا هئا. ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکيو آهي ته ”سن 1951ع ۾ جڏهن سنڌ سرڪار طرفان هن بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي، تڏهن نئين ’سنڌي ادبي بورڊ‘ طرفان ٽن سالن اندر هڪ جامع لغات تيار ڪرڻ جي مون کي آڇ ٿي. ... .. ڊسمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فاضل وائيس چانسلر علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي عنايت سان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ جامع سنڌي لغات جي تياريءَ ۽ تڪميل لاءِ مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ ڪم جي تجويز جو خاڪو تيار ڪيو ويو ۽ جنوري 1952ع ۾ ڪم باقاعدي شروع ڪيو ويو... .“ ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته ”هن لغات جي لفظن جو ذخيرو هيٺين سرچشمن مان گڏ ڪيو ويو: (الف) ڇپيل ڪتاب، جن مان ادب توڙي ٻين مختلف موضوعن تي لکيل اندازاً 450 ننڍا وڏا ڪتاب توڙي مخزنون پڙهيون ويون ۽ انهن مان الفاظ ۽ اصطلاح چونڊيا ويا. (ب) اهي جملي ڇپيل لغاتون، جن جو سنڌي لفظن جي معنيٰ سان واسطو هو. (ج) اڻ ڇپيل لغاتن مان آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ’جواهر اللغات‘ ۽ مولوي علي محمد مهيريءَ جي ’سنڌي لغات‘ مسودو، انهن ٻنهي مان جملي الفاظ شامل ڪيا ويا. بمبئيءَ مان مسٽر تاراچند گاجرا، لالا هاسانند جي لکيل لغات جا لفظ اتاري موڪليا، جن کي داخل ڪيو ويو. (د) مٿين ٽن ماخذن کان سواءِ عوامي ادب ۽ عام رائج سنڌي ٻوليءَ جي سرچشمي کي وڏي اهميت ڏني وئي ... .. هن لغات جي لاءِ سڄي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان عام رائج لفظن ۽ اصطلاحن کي سهيڙڻ لاءِ خاص ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ جي هر ضلعي جي مکيه ڀاڱن ۾ مڪاني ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي تر جي ٻوليءَ جا الفاظ ۽ اصطلاح لکي موڪلين.“ (ص ج)... . ڊاڪٽر صاحب ص ’ح‘ تي لکي ٿو ”تعلقي وار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، جن هدايتن موجب سنڌ جي سڀني ڀاڱن جي مقامي لفظن ۽ اصطلاحن جا ذخيرا گڏ ڪري موڪليا. مرڪزي آفيس جي عملي، ڪارڪنن کان پهتل مواد کي هدايتن موجب صاف ڪري لکيو ۽ پڻ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابن مان الفاظ ۽ اصطلاح چونڊي قلمبند ڪيا. ٻاهرين سڀني ڪارڪنن خاطرخواهه ڪم ڪيو.“ ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب مختلف علائقن جي ماڻهن جا نالا لکيا آهن، جن مواد موڪليو ۽ اڳتي لکي ٿو ”مرڪزي آفيس جي عملي محنت سان ڪم ڪيو ۽ لغات جي جملي مواد کي سهيڙڻ، صاف ڪرڻ ۽ ترتيب ڏئي مسودي تيار ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. خاص طرح هيٺين صاحبن جا نالا قابل ذڪر آهن، جي هڪ ٻئي پويان راقم جا نائب ٿي رهيا... “
پر بهرحال هن مان ثابت ٿئي ٿو ته مختلف ماخذن ۽ سرچشمن مان مواد ڪڍيو ويو ۽ لغات جو ڪم هڪ ٽيم ورڪ هو، جنهن ۾ پاڻ نگران، ايڊيٽر، مرتب طور ضرور محنت ڪيائين، پر ائين ڪرڻ سان مصنف يا ليکڪ ڪونه چئبو. مرتب ۽ مصنف ۾ وڏو فرق هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ترتيب ڏيڻ ۽ تصنيف ڪرڻ ٻه ڌار ڳالهيون آهن. منهنجي يادداشت موجب ۽ ڪجهه بزرگن کان مليل معلومات مطابق ان قلمي علمي پورهيي ۾ مرحوم محمد بخش واصف، سيد سردار علي شاهه ۽ شيخ محمد اسماعيل کان سواءِ، رشيد احمد لاشاري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد يعقوب ميمڻ، امداد حسيني، ممتاز مرزا ۽ ولي محمد طاهرزادي جهڙن وڏن وڏن عالمن، استادن ۽ لغتدانن جون محنتون به شامل آهن، جن مان ڪنهن کي به ليڪسيڪوگرافر جي ڊگري ڪانه هئي، پر هو پنهنجي ذات ۾ عالم اسڪالر هئا، جن ڊاڪٽر بلوچ جي زيردستن طور ڪم ڪيو، پر سندن ڪم مڃڻ گهرجي.
ڊاڪٽر بلوچ جي وارثن پاران اها ڳالهه به ڪئي وئي آهي ته ان لغت جا حق واسطا بين الاقوامي قانون مطابق مصنف جا يعني ڊاڪٽر صاحب جا آهن، پر حقيقت اها آهي ته ڊاڪٽر صاحب مصنف نه، پر مرتب آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي پاران ڇپيل جلدن تي حق واسطا بورڊ جا لکيل آهن، البت انهيءَ لغت کي جڏهن ٽن جلدن ۾ مرتب ڪري ڪجهه سال اڳ لئنگئيج اٿارٽيءَ کان ڇپرايو ويو هو، ته ان تي حق واسطا مرتب جا لکيل آهن. سنڌي ادبي بورڊ اهي حق واسطا ڊاڪٽر صاحب کي ڪيئن ۽ ڪڏهن ڏنا، ان جي خبر خدا کي، پر اهو سمورو پراجيڪٽ سنڌ حڪومت جي فنڊن مان پورو ٿيو هو، ان ڪري ان تي سڄيءَ سنڌ جو حق آهي ۽ هونئن به ڏهه سال گذرڻ کان پوءِ ان قاعدي ۾ تبديلي ايندي آهي. ماضيءَ ۾ اٿارٽيءَ طرفان ڇپايل ٽن جلدن ۾ درستين جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پر اهي درستيون لفظن ۽ معنائن ۾ گهٽ، پر لفظن جي صورتخطيءَ ۾ وڌيڪ ڪيل آهن ۽ ’ٽ‘ کي ’ٽر‘ ۽ ’ڊ‘ کي ’ڊر‘ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ هڪ اختلافي معاملو آهي.
منهنجي سنڌ جي عظيم عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وارثن کي وينتي آهي ته خدارا سنڌي ٻوليءَ جي فروغ ۽ ترقيءَ توڙي شاهوڪاريءَ کي رڪارڊ تي رکڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو ادارو ويهن جلدن ۾ مفصل لغت ٺاهڻ ٿو چاهي ته ان کي اختلافي بنائي ڪم ۾ رنڊڪون نه وجهن، ائين ڪرڻ سان هُو پاڻ کي به اختلافي بنائي رهيا آهن ته ڊاڪٽر صاحب جو نالو به هروڀرو استعمال ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن مرحوم پاڻ موجود هجي ها ته ضرور ان ڳالهه تي خوش ٿئي ها ته سنڌي ٻوليءَ جي لغت ويهن جلدن ۾ ڇپجي رهي آهي، جيڪا هڪ نه، پر ويهن کان وڌيڪ لغتن کي سامهون رکي تيار ڪئي پئي وڃي.

No comments:

Post a Comment