04/05/2014

حمد عثمان ڏيپلائيءَ کي ڀيٽ ڪيل ”مهراڻ“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي ڀيٽ ڪيل ”مهراڻ“
رکيل مورائي

اسان جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ جتي علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن جو چڱو ئي تعداد ٿوري وقت ۾ شايع ڪيو آهي، جيڪي سالن کان ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ هئا. اتي بورڊ پنهنجي ڪن محسنن ۽ عالمن اديبن تي ”مهراڻ، جا خاص نمبر ڪڍي انهن کي جيڪا ڀيٽا ڏني آهي، اها پڻ گهڻي تعريف جي لائق آهي. تازوئي، قبله مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شمشير الحيدريءَ تي مهراڻ جا خاص نمبر ڌيان لهڻن ٿا، جن کي ادبي برادريءَ پاران گهڻو ساراهيو ويو آهي. يقينن انهن جي تعريف اداري ۽ ان کي هلائيندڙن جي تعريف آهي ۽ اهڙو تعريف لائق هڪ پرچو ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي ادب جي، سنڌي صحافت جي هڪ اڻ وسرندڙ نالي سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي علم، ادب ۽ شخصيت بابت پڻ شايع ڪيو ويو آهي.
سنڌي سماج ۽ سنڌ جي علمي ادبي ادارن کان جيترو ڏيپلائي صاحب لهڻي اوترو اُهي کيس نه ڏئي سگهيا آهن. ٿر جي رڃ مان جنم وٺندڙ ڏيپلائي صاحب سنڌ جي علم، ادب ۽ صحافت مٿان اهڙي ڇانوڪئي، جنهن ۾ اهو وڌيو ويجھيو، هن هڪ جهاد ڪيو، جنهن سنڌ تي پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن، ڏيپلائي صاحب بابت مهراڻ جو هي خاص نمبر ڏيپلائي صاحب کي سنڌي ادب جي محسن کي مانواري ڀيٽا آهي، ٻيءَ طرح ڏيپلائي صاحب سنڌ جو اهو عالم ۽ اديب آهي، جنهن بابت ڪيترن ئي هزارن صفحن جا پرچا شايع ڪجن تڏهن به اهي سندس پورهئي جو حق ادا ڪري نه سگهندا.  ڏيپلائي صاحب هڪ شخص هئو ۽ هُن هڪ اداري جيترو ڪم ڪيو.
تازو مهراڻ جو محمد عثمان ڏيپلائي نمبر اهو ٻڌائي ٿو ته هو ڪيڏي وڏي علم وارو عالم هو، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ٻڌائڻ ۽ لکڻ وارا پاڻ خود وڏي علم وارا ماڻهو آهن، مثال طور ڪجهه نالا هت ڏيڻ چاهيندس جيڪي آهن، سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويو، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، جمال ابڙو، ڊاڪٽر حميده کهڙو، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، حميد سنڌي، شمشير الحيدري وغيره. جڏهن ته نالن جي فهرست ۾ علم جو آسمان چمڪندڙ ستارن جيان آهي، علم جي هڪ روشن چهري محمد عثمان ڏيپلائي جي الڳ الڳ ڏسائن ۾ لکيل ليکن جو هڪ دستاويز آهي، مهراڻ جو هيءُ پرچو.
ڏيپلائي صاحب جي علم جي ۽ ادب جي ڪٿ ته ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي پر هيءُ  پرچو  سندس حوالي ۾ هڪ يادگار دستاويز ٿي رهندو. اهڙي پڪ آهي. سندس ڪنهن حوالي لاءِ هي پرچو اهم ڄاڻ ڏيندڙ رڪارڊ طور ياد ڪيو ويندو. ساڳئي وقت سندس زندگيءَ جون ڪي يادگار لکڻيون پڻ هن پرچي جي آخر ۾ شامل ڪيون ويون آهن، هونئن هن پرچي کي الڳ الڳ حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾ ڏيپلائي  صاحب جي سوانج عمري ڏني وئي آهي، جيڪا سندس لائق فرزند محمد علي ڏيپلائي صاحب لکي آهي، جڏهن سندس ادبي زندگي جو خاڪو، کاهوڙي اديب تاج جوئي صاحب ترتيب ڏنو آهي.
ٻئي حصي ۾ مقالا، مضمون، تاثر ۽ ليک ڏنل آهن، جيڪي ڏيپلائي صاحب بابت مختلف عالمن، اديبن جا لکيل آهن، گڏگڏ ٽئين حصي ۾ ڏيپلائي صاحب کي شعري ڀيٽا آهن، جنهن ۾ به الڳ شاعر حضرات شامل آهن، جنهن بعد ڏيپلائي صاحب جو هڪ يادگار انٽرو شامل ڪيو ويو آهي. جنهن کانپوءِ ڏيپلائي صاحب جي هڪ آتم ڪهاڻي ۽ سندس ڪجهه يادگار لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن کان پوءِ ڏيپلائي صاحب جي پڙهندڙن ۽ عالمن اديبن سان خط و ڪتابن جا ڪجهه حصا ڏنل آهن ۽ پوءِ سندس ڪجهه سنڌي ادبي بورڊ کي لکيل خط ڏنا ويا آهن ۽ آخر ۾ سندس وفات تي آيل ڪي تعزيتي بيان ۽ خط ڏنل آهن، ايئن هيءُ پرچو هڪ يادگار پرچو بڻجي پيو آهي، جيڪو حوالي طور سدائين ياد رکيو ويندو ۽ وري وري پڙهيو ويندو. هيڏي وڏي ڪم ۾ ظاهر آهي هڪ شخص کان وڌيڪ شخص شامل هوندا آهن ۽ پڪ سان هن پرچي ۾ به بورڊ جي سڀني ڪم ڪندڙن جو عمل دخل آهي، پر خاص طور مان گهڻي تعريف ڀيڻ ثمينه ميمڻ جي ئي ڪرڻ چاهيندس، جنهن جي ذميواري ۽ محنت سان هيءُ پرچو گهڻو سٺو ٿيو آهي. ٻه هزار پنج عيسويءَ ۾ منظور ٿيل هيءُ پرچو انهن شخصن کان ڳالهائڻ جو حق به ڦري ٿو جيڪي اختيارين جي مالڪيءَ هوندي  به اهو آڻي نه سگهيا، ان ڪري ان سڀن رهجي ويل ڪتابن کي ڇپائڻ جوءِ هن پرچي کي نون سالن کان پوءِ آڻڻ جي نيڪي اسان جي  دوست الهڏني وگهئي، موجوده سيڪريٽري ڏانهن وڃي ٿي، سڀن جي سربراهيءَ لاءِ جميل سائين چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن به! ساڍن چئن سون صفحن تي پکڙيل هن پڪي جلد واري پرچي جو ملهه به چار سؤ پنجاهه رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment