07/07/2014

موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مهرون - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

هڪ تحقيقي ڪتاب
موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مهرون
رکيل مورائي

سنڌو سڀيتا جي شروعات موهن جي دڙي کان شروع ٿئي ٿي اهو، يا لڳ ڀڳ اهڙو چوڻ دنيا جي انهن سڀني تهذيب جي علم کي ڄاڻندڙ عالمن، محققن ۽ تاريخدانن جو آهي، پر ان ڳالهه جو يقين تڏهن ٿيو، جڏهن سر جان مارشل پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب ”موهن جو دڙو“ لکيو، جنهن کان پوءِ موهن جي دڙي بابت گهڻو ئي لکيو ويو آهي ۽ اهو سمورو لکيل ڪتابي صورت ۾ پڻ سنڌي ۽ انگريزيءَ کان سواءِ دنيا جي ٻين چڱين ئي ٻولين ۾ پڻ لکيو ويو آهي ۽ اهو لکيل الڳ الڳ ٻولين ۾ ترجمو ٿي سنڌي پڙهندڙن تائين پڻ پهتو آهي، جن مان هڪ ڪتاب ”موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مهرون“ پڻ آهي، ايس ايم پونيڪر جو لکيل آهي ۽ تازو ئي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي سنڌي پڙهندڙ کي مليو آهي.

هيءُ ڪتاب اسان جي بزرگ سائين عطا محمد ڀنڀري جو ترجمي ڪيل آهي جنهن هن قسم جا ڪيئي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ سان ڀال ڀلايا آهن، سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”موهن جي دڙي جون هڪ سؤ مهرون“ پڻ ٻين ڪتابن جيئن هڪ اهم ڪتاب آهي، جنهن لاءِ هو اسان جا گهڻا احترام لهڻي.
ڪتاب جو اصل رکندڙ ايس ايم پونيڪر گهڻين ٻولين جو ليکڪ توڻي ڄاڻُو آهي، پر سندس هيءُ ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو ويو آهي. ظاهر آهي ته هيءُ هڪ اهڙو ڏکيو موضوع آهي، جنهن تي جيترو به ڪم ٿيو آهي، اهو اطمينان جوڳو نه آهي. ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي وارين مهرن تي اڪريل اکر اڃا تائين برابر پڙهيا يا سمجها نه ويا آهن پوءِ به هيءَ ڪتاب ان سلسلي ۾ شروعاتي ڪوشش ڄاڻايو ويو آهي، ۽ پڪ سان ڪا به ڪيل ڪوشش پنهنجا نتيجا ضرور ڏيندي آهي، ائين موهن جي دڙي جي لپيءَ کي پڙهڻ لاءِ ڪيل ڪوششون پڻ ڪي مثبت نتيجا ضرور اسان جي سامهون آڻينديون، ان ڏينهن جو اسان کي اوسيئڙو رهندو. ساڳئي وقت ان اوسيئڙي واري وقت ۾ اسان کي هن قسم جي ڪتابن جو اڀياس ته جاري رکڻ ئي گهرجي.
ٻوليءَ جي ماهرن جون اڄ تائين ڪيل سڀ ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته موهن جي دڙي جي لپي/ٻوليءَ جون مناسب پڙهڻيون اڄ تائين طئه نه ٿي سگيهون آهن، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، جيئن ته آهي ئي ان ڪم لاءِ جڙيل، ان ڪري هن جي ذمي اهو سڀ ڪم آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جي سلسلي ۾ هلي رهيو آهي. هيءُ ڪتاب ان ئي سلسلي جي ڪڙي سمجهڻ گهرجي. موهن جي دڙي مان هٿ آيل هڪ سئو مهرن تي اڪريل ٻولي/لپيءَ کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هيءُ ڪتاب بنيادي اهميت وارو آهي ۽ گهڻي معلومات ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته ليکڪ، ننڍي کنڊ جي گهڻين ئي ٻولين جي ۽ لپين جي ڄاڻ رکندڙ آهي، ساڳئي وقت مترجم پڻ موهن جي دڙي توڻي سنڌي ٻوليءَ جي ڀاڃ بابت ڪيترو ئي ڪم ڪري چڪو آهي، جنهنڪري ڪتاب جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي. اسان کي اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو هن قسم جي ڪتابن کي اوليت جي بنياد تي ڇپائيندو رهندو.

موهن جي دڙي جون هڪ سئو مهرون، نالي وارو ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز جي هڪ سئو ارڙهن صفحن تي پکريل آهي، جنهن ۾ مون هن جي دڙي مان لڌل مهرن جا اسڪيچ پڻ ڏنل آهن، پڪي جلد واري هن سهڻي ڪتاب جو ملهه ٽي سؤ رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment