18/07/2014

صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جا رسالا - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رسالو رهنمائي ۽ رسالو مرتضائي
صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جا رسالا
رکيل مورائي
رسالو رهنمائي
اسان جو قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي اشاعتي ڪم کي نهايت تيزيءَ سان جاري رکيون پيو اچي، جيڪا ڳالهه پڪ سان اسان کي يقين ڏياري ٿي ته ان ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجا فرض بخوبي نڀائي رهيا آهن. اسان لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو اداري سان جيڪو تعلق آهي، اهو ڪتابن جي دنيا جو ئي آهي ۽ سچ پچ جڏهن به ڪو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته اهو سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ نيڪ پيغام ئي کڻي اچي ٿو. سنڌي ادبي بورڊ جا تازو ئي ٻه ڪتاب شايع ٿيا آهن، جيڪي پڻ اهڙو احساس کڻي آيا آهن.

تبصري هيٺ آيل ڪتابن مان پهريون ڪتاب ”رسالو رهنمائي“ آهي، جيڪو اسان جي صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. رسالي لفظ ڏانهن ڌيان ڏيئي اهو نه سمجهڻ گهرجي، اسان جي بزرگ شاعر منٺار فقير راڄڙ جي سڀ شاعري گڏي هيءُ ڪتاب شايع ڪيو ويو آهي.
دراصل هيءُ رسالو، هڪ صنف بيت تي آڌارت آهي ۽ ڪتاب ۾ ان جو حوالو قبله مخدوم طالب الموليٰ جو چواڻي هيئن آهي ته لفظ ڏاهر جو مخفف (گهٽايل) ڏهر آهي. ”ڏاهر“ جو اشتقاق (بنياد) لفظ ڏاهه آهي. جنهن جون معنائون آهن، خبر، ڏس پتو، پرولي، ڳجهارت، پر ان لفظ جون معنائون سڏ ۽ اطلاع به آهن.“ ائين هيءَ سڄو رسالو ڏهر تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڌڻي سڳوري کان وٺي مختلف بزرگن، اصحابين، امامن ۽ مرشدن تائين ڏهر چيل آهن. ياد رکيو وڃي ته اسان جي بزرگن جو جيئن ته مختلف درگاهن سان عقيدتمنديءَ ۽ پيري مرشديءَ جو تعلق رهيو آهي، ائين منٺار فقير راڄڙ جو عقيدتمنديءَ جو تعلق سروري جماعت جي روحاني رهبر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي شاعر مخدوم نوح سرور جي نالي سان جڙيل سروري جماعت سان آهي، جنهن جو هو هاڻوڪا سجاده نشين آهن سائين مخدوم امين فهيم جن، ته هن رسالي ۾ سروري جماعت جي بزرگن بابت به ڪيترائي ڏهر آهن هيءَ شاعري سنڌي شاعريءَ جو اهڙو اثاثو آهي، جنهن تي سنڌ ۽ سنڌي شاعريءَ کي فخر آهي.
هن رسالي ۾ اهو به ڄاڻايل آهي هن جو پهريون ڇاپو ٻيراڻيءَ جي صوفي سيٺين جمعيت راءِ پٽ راءِ صاحب نارائڻداس ۽ پرتاب راٰءِ پٽ شامنداس ڇپرايو هئو، جيڪي فقير صاحب جا عقيدتمند هئا. ائين هن رسالي جو ٻيو ۽ سڌاريل ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ 2007ع ۾ شايع ڪيو هئو، ان حساب سان هن رسالي جو هيءُ ٽيون ڇاپو آهي ۽ هي رسالو ان سلسلي جي شاعرن جي ڪڙي آهي، جنهن ۾ مصري شاهه، رکيل شاهه، حمل فقير، ٻڌل فقير وغيره اچي وڃن ٿا. ائين منٺار فقير راڄڙ جو هيءَ رسالو، سنڌي شاعريءَ جي سلسلي جي هڪ مضبوط ڪڙي آهي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي اشاعتي ڪم ۾ آئي آهي. هڪ سئو اٺاويهن صفحن جي هن مختصر رسالي سان سنڌي شاعريءَ جو سفر سڌو ٿي ويندو، پڪي جلد سان ڇپيل هن ڪتاب جو ملهه آهي، هڪ سَو پنجاسي رپيا.
رسالو مرتضائي

ساڳي وقت منٺار فقير راڄڙ جي ٻئي ڪتاب جو نالو آهي ”رسالو مرتضائي“. هي پڻ مختصر رسالو آهي، ۽ مٿيان سڀ حوالا هن رسالي لاءِ به استعمال ٿيل آهن. ائين هيءَ رسالو به ٽيون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي. هن رسالي جي خاص ۽ الڳ سڃاڻپ اها آهي ته هن ۾ وري پنجتن پاڪ ۽ موليٰ ڪربلا جو ذڪر ڪيو ويو آهي، هن رسالي ۾ مداحون، مرثيا، ذڪر، ماتام جون زاريون ۽ ٻيو مواد شامل آهي. شهيدانِ ڪربلا بابت چيل ڪلام جو هي اهڙو نمونو آهي، جيڪو سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي مروج هئو. الڳ الڳ صنفن ۾ چيل هيءُ ڪلام ڏکن ۽ غمن جو داستان آهي، ساڳئي وقت پنجتن پاڪ جي شان ۾ جيڪو ڪلام آهي، اهو پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. رسالو مرتضائي به گذريل صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ مٿي ڄاڻايل صوفي سٺين جي مالي سهڪار سان شايع ڪيو ويو، جنهن جو ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ 2007ع ۾ ڇاپيو ۽ هاڻ 2014ع ۾ ان جو ٽيون ڇاپو وڌيڪ سهڻو ڪري ڇاپيو ويو آهي، جنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جس لهڻي. مٿين ٻنهي ڪتابن مان نه رڳو فقير صاحب جي شاعريءَ جو پتو پوي ٿو پر سندس سوانح عمريءَ جا به ڪي اهم پهلو محفوظ ٿي پيا آهن، جنهن سان ان دور جي سماجي، روحاني ۽ ادبي ڄاڻ پوي ٿي جيڪا اڄ جي انهن لکندڙ لاءِ گهڻي اهم آهي، جيڪي سنڌ جي ادبي تاريخ لکڻ/مرتب ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. ٻيءَ طرح اڄ جي نوجوان شاعرن لاءِ پڻ هيءَ شاعراڻا ڪتاب وڏي اهميت وارا آهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ادبي/شاعراڻي ورثي کي سمجهندا ته اڳتي هلي پنهنجو مستقبل روشن ڪري سگهندا. رسالو مرتضائي اٺاسي صفحن تي مشتمل آهي ۽ هن پڪي جلد واري رسالي جو ملهه هڪ سَو پنجاهه رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment