18/07/2014

گل ڦل گيت - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

گل ڦل گيت
هڪ وڻندڙ ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب
رکيل مورائي
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي خاص اهيمت ته آهي ئي پر ان جو اشاعت هيٺ اچڻ، گهٽيل گهٽيل محسوس ٿو ٿئي، جنهن طرف اسان جي اشاعتي ادارن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب کي مستقبل ۾ پڙهڻ وارو اڄ جو ٻارڙو ئي هوندو، ان ڪري اسان ان اڄ جي ٻارڙي کي ادب جي ويجهو آڻي سڀاڻي لاءِ هڪ اهم پڙهندڙ (ممڪن آ لکندڙ ته) پيدا ڪري رهيا آهيون.
سنڌي ادبي سنگت ميهڙ گهڻو جس لهڻي، جنهن سنڌي ۽ بروهڪي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ اديب محترم جوهر بروهيءَ جي ٻاراڻي شاعريءَ جي ڪتاب کي ڇپائي ٻارڙن لاءِ هڪ سٺو شاعراڻو ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنو آهي.

محترم جوهر بروهي صاحب سنڌي شاعري جو هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي سندس ٻيا به ڪيترائي حوالا آهن جن جي آڌار تي هو هڪ محترم لکندڙ آهي. سندس هيءَ ٻاراڻو ڪتاب ”گل ڦل گيت“ ٻارڙن لاءِ هڪ اهڙو تحفو آهي، جيڪو هو پنهنجي ڪتابن جي ٿيلهي ۾ هر وقت ساڻ رکندا. خاص طور ڪتاب ۾ شامل نظم ”خيرپور ناٿن شاهه“ ته پڙهڻ جهڙو نظم آهي، جيتوڻيڪ اهو ٻارڙن کان وڏو آهي، پر نهايت خوبصورت آهي. ائين ڪتاب ۾ ڪيترائي نظم آهن جيڪي ٻارڙن جي رهنمائي ڪندا. ساراهڻ جهڙو ٻاراڻي ادب جو هي ڪتاب ممڪن حد تائين سنڌ جي پرائمري اسڪولن جي ٻارڙن تائين پهچايو وڃي، جيئن ڪتاب کي گهڻي کان گهڻو پڙهيو وڃي. ”گل ڦل گيت“ نالي واري هن اسي صفحن جي ڪتاب جو ملهه هڪ سَو رپيا آهي. ڪتاب کي خوبصورت بنائڻ لاءِ هر نظم آڏو هڪ وڻندڙ تصوير ڏني وئي آهي جيئن ٻارڙن جي دلچسپي موجود رهي.

No comments:

Post a Comment