31/07/2014

آواز جو سفر - وفا رضا (Wafa Raza)

آواز جو سفر
عيد سوکڙي
وفا رضا
تنهن ڏينهن پياري دوست حميد ابڙي پنهنجي رمز ۾ اچي حڪم ڪيو ته عيد تي ڪجهه لکج. موٽ ۾ مون ڪجهه چوڻ بدران سندس نيڻن ۾ ليئو پاتو، ته مون کي پنهنجائپ محسوس ٿي. سو اڄ اها رمز ۽ اکيون ياد پيون ته کڻي ويٺس “ڪاغذ ۽ قلم” ان خيال سان ته اڄ ڀلا “ڪاغذ ۽ قلم” واري ان پورهيي بابت لکجي، جيڪو پورهيو، منهنجي ورهين جي دوست نور محمد ڀُٽي جو آهي. فقيري طبيعت جي مالڪ نور محمد ڀُٽي سان منهنجي تڏهن ملاقات ٿي جڏهن اسان ريڊيي ۽ اخبارن ۾ خط لکندا ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي آدم ۾ دوست گڏجي ڪتاب پڙهندا هئاسين. ڪتابن پڙهڻ جو شوق اسان کي سائين حبيب الله ملوکاڻي ڏياريو.

سو ان لکڻ پڙهڻ واري جهان ۾ رهندي وري گهمڻ ڦرڻ جو وجهه به مليو. موڪل واري ڏينهن ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ دوستن سان ملڻ وڃبو هو. مهينن ۾ هڪ ٻه ڀيرا حيدرآباد به وڃبو هو، جتي ان زماني ۾ سائين لائق سنڌي، مدد علي سنڌي، سائين نثار حسيني ۽ سائين زوار نقوي وٽ آفتاب ۽ سنڌ نيوز اخبارن جي دفتر توڙي آگم پبليڪيشن جي آفيس ۽ ٽنڊي جهانيان ۾ دوستن سان ڪچهريون ٿينديون هيون، جتي دوست اسرار شام، نصير مرزا، عزيز گوپانگ، آغا قيوم، عرفان مهدي، بخشڻ مهراڻوي توڙي علي بخش ميمڻ سميت نور محمد ڀٽو به ملندو هو، تڏهن کان وٺي اڄ تائين نور محمد ڀٽو مڙوئي سار لهندو آهي. گهڻو ڪري موڪل واري ڏينهن هو “عبرت” اخبار جي آفيس ۾ ڪجهه گهڙيون گڏ گذاريندو آهي. هو جڏهن به ملڻ لاءِ ايندو آهي ته وٽس ٿيلهو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪو نه ڪو ڪتابڙو ضرور هوندو آهي. سو تنهن ڏينهن صبح ساجهر اچي پهتو. ملندي خير عافيت ڪندي هڪ ڪتاب جون ٽي ڪاپيون ڏيندي چيائين، هڪ تنهنجي ۽ ٻه ڪاپيون اداري جون اٿئي ۽ ها تو واري ڪتاب ۾ هڪ پريس رليز به اٿئي جيڪا اخبار ۾ ڏيو ته مهرباني ۽ هائو اهو به چيائين ته جي ڪتاب بابت ٻه اکر اخبار ۾ لکي وجهين ته اها خاص مهرباني ٿيندي. سو اڄ عيد تي لکج واري حڪم تي عمل ڪندي ان ڪتاب جو ڪجهه ذڪر ڪنداسين.
سچ پبليڪيشن پاران پڌرو ڪيل ڪتاب “آواز جو سفر” آهي جيڪو ريڊيو، اسٽيج، ٽي وي ۽ فلم جي مشهور شخصيت بابت نور محمد ڀٽو ترتيب ڏنو آهي. آواز جو سفر ۾ پنهنجي پاران لکيل مختصر اکرن کان پوءِ ريڊيو سان شناسائي ۽ ريڊيو جي دنيا خاص طور ريڊيو حيدرآباد جي ذڪر سميت 55 شخصيتن جو ذڪر شامل آهي جن ۾ استاد اُميد علي خان، استاد منظور علي خان، اقبال بانو، استاد نياز حسين، موسيقار فيروز گل، ماسٽر محمد ابراهيم، استاد محمد جمن، روبينا قريشي، مائي ڀاڳي، سرمد سنڌي، شگفته اعجاز، سيما پنهور، رجب علي، امينا شاهه، زرينه بلوچ، عابده پروين، مشتاق چنگيزي، مهتاب اڪبر راشدي، محمد يوسف، صالح محمد شاهه، جيوڻي ٻائي، سيد منظور حسين شاهه، ڪمتر نقوي، سرور بلوچ، عنايت بلوچ، محمد حسن قادري، مير محمد لنجار، محمد قاسم ماڪا، اسماعيل بن واصف، لياقت شيخ، ذوالفقار علي قريشي، ڪامران ڀٽي، رسول بخش ڏاهري، ماڪن شاهه رضوي، قاضي محمد جمن، موسيقار غلام حيدر، الياس عشقي، الهه بخش شاهه بخاري، جهانگير قريشي، ڪوثر ٻرڙي، مختيار ملڪ، محمد علي ٻگهيي، عبدالحق ابڙو، محمد بخش دائودپوٽي، زيب عاقلي، الاهي بخش ٻانڀڻ، نصير مرزا، محمد انور هڪڙو، جبران انجم، استاد نبي خان، علي محمد ڀٽو، زوار نظر حسن حيدري، محمد خان غني ۽ رشيد صابر جا نالا شامل آهن، جن بابت معلومات سان گڏ ريڊيي حيدرآباد جي فنڪارن، پروڊيوسرن، انجنيئرن، آفيسرن، صداڪارن، گلوڪارن، موسيقي ڪمپوز ڪندڙن، سازيندڙن، چائلڊ آرٽسٽ فنڪارن، انائونسرن، صوفي ڪلام ڳائيندڙ، شاهه جي راڳين، ڪلاسيڪل فنڪارن، شهنائي وڄائيندڙن، ڍولڪ نواز، گهڙو وڄائيندڙ، الغوزو، بانسري، مرلي توڙي چنگ وڄائڻ ۾ مهارت رکندڙ فنڪارن جا نالا شامل آهن.

ڪتاب “آواز جو سفر” جا ڪل 112 صفحا آهن، جنهن جي قيمت هڪ سئو رپيا آهي. سادي پر خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي آخري صفحي تي يوسف سنڌي جا نور محمد ڀٽو بابت لکيل اکر “سنڌي ٻولي ۽ ادب جو خادم” جي سري هيٺ به شامل آهن، سو اهو ڪتاب يقينن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم ڪتاب آهي، جيڪر اوهان مان ڪنهن کي به هٿ اچي وڃي ته خريدي ضرور پڙهجو، جنهن مان اوهين کوڙ ساري ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. پڇاڙي ۾ بس اهو ته نور محمد ڀٽو جو تربيت ڏنل ڪتاب “آواز جو سفر” مون لاءِ ته عيد جي سوکڙي آهي، جنهن کي پڙهي سانڍي رکبو ان ڪري جو هي سوکڙي آهي ئي سانڍڻ جهڙي.

No comments:

Post a Comment