01/02/2015

ڪتاب: ينابيع الحياته الابديه في طريق طلاب النقشبنديه - ابو رافع (Abu Rafiu)

ڪتاب: ينابيع الحياته الابديه في طريق طلاب النقشبنديه (جلد ٻيون)
ابو رافع 

مٿئين نالي وارو نهايت اهم ڪتاب، ٻارهين صدي هجريءَ جي نامياري عالم مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو لکيل آهي جيڪو اصل فارسيءَ ۾ آهي. هيءُ اهم ڪتاب تصوف بابت آهي، جنهن ۾ تصوف جي واڌ ويجهه جي تاريخ سان گڏ تصوف جا مختلف مرحلا بيان ڪيل آهن. سنڌيءَ ۾ترجمو ٿيل هي اهم ڪتاب سنڌ جي اوائلي علمي ذخيري جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي ڳولڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هيءُ ڪتاب ٽن جلد ۾ آهي، جنهن جو پهريون جلد 2012ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ڪتاب جو ٻيون جلد آهي، جنهن ۾ ڊبل ڪرائون سائيز جا 389 صفحا آهن. پڪي جلد ۽ خوبصورت پني سان سنڌيءَ ۾ ڇپيل هيءُ املهه ڪتاب 670 رُپين جي ملهه وارو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل آهي.

No comments:

Post a Comment