08/12/2016

سرمست- 19 - نذير احمد ”شاڪر“ بروهي (Nazir Ahmed Shakir Brohi)

 نذير احمد ”شاڪر“ بروهي

حضرت سچل سرمست جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ هر سال سائينءَ جي عرس جي موقعي تي ’سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور‘ طرفان سچل ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ٿيندو رهي ٿو ۽ هر سال انهيءَ ڪانفرنس ۾ پيش ٿيندڙ مقالن کي ”سرمست“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويندو آهي. اهو سلسلو ڪافي سالن کان جاري آهي. هيل تائين ”سرمست“ جا اڻويهه پرچا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ سچل جي فڪر ۽ ڪلام تي نهايت تحقيقي نوعيت جا مقالا ڇپجي چڪا آهن. ”سرمست“ جو هر پرچو مواد جي لحاظ کان علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. سچل جي فڪر ۽ شاعريءَ تي تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ اديبن لاءِ ’سرمست‘ جا سمورا شمارا بنيادي ماخذ جي حيثيت رکن ٿا.

اسان جنهن پرچي جو تذڪرو ڪري رهيا آهيون، اهو سچل سائينءَ جي 177 هين عرس جي موقعي تي پڌرو ٿيل ”سرمست- 19“ آهي، جنهن ۾ گذريل سال (1998ع) سچل سائينءَ جي ميلي جي موقعي تي سچل ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا شامل آهن، اڳين شمارن جيان هن شماري کي پڻ محمد علي حداد مرتب ڪيو آهي. هت اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته سال 99ع کي ”سچل جو سال“ ڪري ملهايو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن سال سچل سائينءَ جو ميلو ٻه دفعا ٿي رهيو آهي. پهريون 3- جنوري 99ع تي (جيڪو ٿي گذريو) ۽ ٻيو 23- ڊسمبر 99ع تي، جو ٿيندو. ان حوالي سان محترم محمد علي حداد نهايت ڪارائتيون تجويزون پيش ڪيون آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان هي ’سچل جو سال‘ ڏاڍي شاندار نموني سان ملهائي سگھجي ٿو.
”سرمست- 19“ هر لحاظ کان معياري ۽ تحقيقي نوعيت جو پرچو آهي. هن پرچي ۾ 9 مقالا شامل آهن جيڪي مختلف اديبن جا لکيل آهن. هر سال جيان هن سال به ’سچل تي ببليوگرافي‘ جو حصو پڻ ڏنو ويو آهي، جيڪو محمد علي حداد ڏاڍي محبت سان تيار ڪندو آهي. ڪجھ سالن کان ’سرمست‘ ۾ شايع ٿيندڙ مقالن کي موضوع وار عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي.
”سرمست- 19“ کي جن موضوع وار عنوانن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، انهن جو تفصيل ڪجھ هن ريت آهي: ”پنهنجي پاران“ ۾ مرتب محمد علي حداد، 99ع سال ۾ ٿيندڙ سچل جي ٻن ميلن جي حوالي سان مختلف نوعيت جي پروگرامن جو تفصيلي خاڪو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سيمينار، راڳ رهاڻ، مشاعرا، سچل بابت ڪتابن جي اشاعت، ايوارڊن جو اجراءَ ۽ ٻيون تجويزون ڏنل آهن. جڏهن ته هن سال سچل جي ٻن ميلن جي وضاحت ڪندي حداد صاحب ڄاڻايو آهي ته ”سچل سرمست جو ميلو ساڳئي عيسوي سال ۾ ٻه ٻه دفعا ملهائجڻ وارو شرف صرف هلندڙ سال کي ئي نصيب نه پيو هئي، بلڪ سچل سائينءَ جي يوم وصال 14- رمضان المبارڪ 1242هه مطابق 11- اپريل 1827ع کان وٺي هن مهل تائين اهڙي قسم جا پورا پنج عيسوي سال اهڙا ٿي گذريا آهن جن ۾ سچل جو ميلو ٻه دفعا آيو آهي. اهي سال آهن، 1836ع، 1868ع، 1901ع، 1933ع ۽ 1966ع.“ (ص: 7)
ب: ”سچل جو انداز فڪر“ جي موضوع سان ٽي مقالا: (1) ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، (2) ”سچل سائينءَ جي اردو شاعريءَ ۾ عشق جي اپٽار“ ڊاڪٽر بشير احمد شاهه، (3) ”واهه مٽي تنهنجو ملهه“ خادم عباسي، شامل آهن. ٻيو موضوع، ج: ”سچل ۽ سنگيت“ آهي، جنهن ۾ فقط هڪ مقالو ”سماع جي اهميت ۽ سچل“، ڊاڪٽر  غلام نبي سڌايو جو لکيل آهي. ٽيون موضوع، د: ”سچل ۽ عهد حاضر“ آهي، جنهن ۾ ٻه مقالا ڏنل آهن: (1) ”سچل سرمست- هر دور جو رهنما شاعر“ انعام شيخ ۽ (2) ”سچل ۽ روشن خيالي“ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو تحرير ڪيل آهي.
جڏهن ته ٽيون موضوع، هه: ”سچل جو مڪتب“ ۾ ٽي مقالا شامل آهن، پهريون مقالو ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ”سچل سرمست جو استاد- عبدالله قريشي“، ٻيو مقالو محمد پنهل ڏهر جو ”ڪوجھيءَ جي ڪلام ۾ سچل سائينءَ جو ذڪر“ ۽ ٽيون مقالو، ”سچل جو پروانو- قاضي علي اڪبر درازي“ آهي، جنهن جو ليکڪ آهي امام راشدي. جڏهن ته ڪتاب جي آخر ۾ و: ”سچل جو ذڪر“ جي عنوان سان محمد علي حداد جي مرتب ڪيل سچل تي ببليوگرافي شامل آهي ۽ ان ۾ نوجوان تاريخدان غلام محمد لاکي صاحب جو گھڻو سهڪار جو شامل آهي.

”سرمست(19)“ جو هيءُ پرچو ڇپائيءَ ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان معياري ۽ وڻندڙ آهي. ٽائيٽل ڊزائين ۽ فوٽوگرافي تي نامياري آرٽسٽ سعيد منگي جي محنت ڪتاب کي وڏي سونهن سوڀيا بخشي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ، حضرت سچل جي موضوع تي اڳوڻن سلسلن، سووينئرس ۽ تحقيقي ڪتابن وانگر، پوپٽ پريس خيرپور مان ڇپيو آهي، جنهن ۾ قربان منگي ۽ سندس مخلص ساٿين پنهنجي روايتي محنت آفرين محنت کي سمايو آهي. ان طرح ڪانفرنس جي يادگار تصويرن سان به ڪتاب جي معيار ۾ واڌارو ٿيو آهي. 112 صفحن تي مشتمل هن پرچي جي قيمت فقط 40 رپيا آهي. پر هڪ تجويز آهي ته ’سرمست- 19‘ کي ڪتب فروشن وٽ عام ڪيو وڃي، جيئن اهلِ علم سان گڏ عام پڙهندڙ به هن مان استفادو حاصل  ڪن.

No comments:

Post a Comment