08/12/2016

قربان پيرزادي جو ڪتاب - زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)

قربان پيرزادي جي ڪتاب
”ڇنڻ مور نه سکيا“ جو اڀياس
زرار پيرزادو
سنڌ انفارميشن کاتي سکر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر، رٽائر آفيسر، ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ کي  لٽل ماسڪو بڻائڻ ۾ انور پيرزادي جي سٿ جي هڪ سرگرم اڳواڻ ۽ ليکڪ، قربان پيرزادي جي پنهنجين لکڻين، سندس شخصيت بابت  مضمونن، ساڻس ملهايل پروگرامن جي رپورٽن تي ٻڌل ڪتاب ”ڇنڻ مور نه سکيا“، شايع ٿي چُڪو آهي. ڪتاب جو نالو ٻڌڻ سان ئي اهو معلوم ڪرڻ لاءِ تجسس ٿئي ٿو ته اهڙو خوبصوت ۽ قربان پيرزادي جي شخصيت مان ٺهندڙ نالو، ڪنهن تجويز ڪيو. ذريعا ٻڌائن ٿا ته ڪتاب جو اهو نالو اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ انجنيئر رياض پيرزادي چونڊيو ۽ اڪثريت ان کي مان ڏنو.
قربان پيرزادي سان گڏ اتفاق سان سندس ڳوٺائي ۽ سماجي اڳواڻ ماما رمضان ساريو جي شخصيت تي ٻڌل ڪتاب پڻ ڇپجي آيو آهي.  ماما رمضان جي ڪتاب تي لکيل مهاڳ ۾ انور ابڙي هڪ اهڙو خيال اظهاريو آهي جيڪو هن ڪتاب تي به لاڳو ٿئي ٿو. انور ابڙي لکيو آهي ته: جيڪڏهن ماما رمضان تي لکيل مضمونن مان ليکڪن جا نالا ڪڍي مواد کي ترتيب ۾ آڻجي ته ماما رمضان جي آتم ڪٿا بڻجي سگهي ٿي. ائين قربان پيرزادي جي هن ڪتاب مان ليکڪن جا نالا ڪڍي مواد کي ترتيب ۾ آڻجي ته جيڪر قربان پيرزادي جي آتم ڪٿا بڻجي پئي.
اها به حقيقت آهي ته اسان وٽ عوامي ۽ سماجي تاريخ کي قلمبند ڪرڻ جو اهو ئي ذريعو رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان هر شخص کي پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ گهرجي. بقول انور پيرزادي صاحب جي ته”ماڻهو جيڪو ڪجهه ٻن اکين سان ڏسي ٿو سو تاريخ کي قلمبند ڪرڻ واري احساس سان پني تي  لاهي ڇڏي“. انهيءَ سان تاريخ کي قلمبند ڪرڻ ۾ ججھي مدد ملي ٿي.
سو قربان پيرزادي، ماما رمضان ساريي وانگر ٻلهڙيجي جي ٻين به اهڙن ڪردارن جهڙوڪه لطف، گلاب ۽ محب جا به ڪتاب اچڻ گهرجن. انور پيرزادي جي شخصيت تي ته جلد هڪ ضخيم ڪتاب انور پيرزادو اڪيڊمي آڻڻ جو ارادو رکي ٿي.  انهن شخصيتن کي  پنهنجين آتم ڪٿائن جي ڀلي ضرورت محسوس نه ٿيندي هجي پر تاريخ کي قلمبند ڪرڻ لاءِ اهو بيحد ضروري آهي..
پر لڳي ٿو ته جيستائين لطف، گلاب ۽ محب کي محمد علي پٺاڻ جهڙو ڪو ادب-دوست ماڻهو نه ملندو تيستائين اهو ڪم نه ٿي سگهندو.
قربان پيرزادي جي ڪتاب”ڇنڻ مور نه سکيا“، جو خواب حقيقت ۾ محمد علي پٺاڻ جو ئي هو ۽ ان جي ساڀيان لاءِ به هن ئي تحرڪ ورتو. قربان پيرزادي”پنهنجي پاران“ واري ليک ۾ دل کولي اعتراف ڪندي لکيو آهي ته”منهنجي وهم گمان ۾ به نه هو ته منهنجيون لکڻيون جيڪي ٽڙيل پکڙيل انداز ۾ هيون، اهي سهيڙيون وينديون ۽ مون سان پنهنجن پيارن جو اهڙو ڪو پروگرام به ٿيندو جو اهي دوست گڏ ٿيندا ۽ منهنجي باري ۾ پنهنجيون لکڻيون پيش ڪندا، جن کي ڪٺو ڪري ڪنهن ڪتابي شڪل ۾ آندو ويندو. اهو سمورو ڪريڊٽ محمد علي پٺاڻ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن اهو خيال ڪيو ته اهڙو ڪو پروگرام رٿجي جنهن ۾ سڀني تخليقڪار دوستن کي ميڙي چونڊي ڪٺو ڪجي ۽ انهن جون لکڻيون سهيڙجن، جن کي اڳتي هلي ڪا ڪتابي شڪل ڏجي ۽ پوءِ انهيءَ خواب کي حقيقت جو روپ وٺائڻ لاءِ سال 2014ع جي عيد الفطر جي ٻئي ڏينهن 31 جولاءِ تي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ هڪڙو پروگرام ترتيب ڏنو ويو. جنهن ۾ دوستن ۽ گهڻ گهرن منهنجي زندگي جي رخن کي اجاگر ڪري مون  تي وڏا وڙ ڪيا“.
قربان پيرزادي پنهنجو هيءُ ڪتاب پنهنجي چاچي محترم امام بخش پيرزادي عرف ”وڏيرو امن“ ۽ محترم انور پيرزادو جي نانءِ ڪيو آهي. ارپنا ۾ انهن ٻنهي شخصيتن بابت قربان پيرزادو لکي ٿو ته”جن جي صحبت مون کي ڀٽائي ۽ سنڌ شناسي ڏياري. ان سان گڏوگڏ پير پرستي، وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري نظام جي نفي سيکاري ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ جي تربيت ڏني. مان پنهنجي سموري حياتي انهن جو شڪر گذار رهندس“.
256 صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب امبر پبلڪيشن طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ڇپائي ۾ مهتاب علي مڱريو ۽ الطاف پيرزادي جو به يادگار حصو شامل آهي.
هن ڪتاب جو مهاڳ ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ ”جاکوڙي جن جي ذات“ جي عنوان سان لکيو آهي. بقول قربان پيرزادي جي ته ”ڪتاب جي مهاڳ لکڻ جو جڏهن وارو آيو ته مون سانئڻ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه کي گذارش ڪئي جنهن وڏي خنده پيشانيءَ سان هاڻوڪار ڪئي ۽ مهاڳ لکي موڪليو. اها سندن وڏائي آهي جو منهنجي ڪتاب لاءِ هن ٻه اکر لکيا.منهنجي ڊپارٽمينٽ يعني سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ٻن سيڪريٽرين يعني ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ سيد صفدر علي شاهه مونکي تمام سٺن لفظن سان ياد  ڪيو آهي. جيڪا منهنجي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.
هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڀاڱي پهرين  ۾ قربان پيرزادي جون پنهنجيون تحريرون ڏنل آهن. قربان پيرزادو انهن ليکڪن مان هڪ آهي جن جيتوڻيڪ تمام ٿورو لکيو آهي پر جڏهن به لکيو آهي ته خوب لکيو آهي. سندس مضمون، مقالا، تاثر يا ڪتابن تي تبصرا ۽ رايا اڪثر ڪري سندس محسنن ۽ دوستن جي ڪتابن، سالگراهن يا ورسين جي حوالي سان آهن. مثال طور انور پيرزادي جي ڪراچيءَ ۾ ملهايل ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيل مقالو ”ڀٽائي پنٿي“، شوڪت بخاري، فتاح عابد، ڊاڪٽر مرلي ڌر جي ڪتابن ۽ محمد علي پٺاڻ جي ڪويتا ناول ”مسافتون ياد جون“ تي ڪيل تبصرا لکيل آهن.  دوستن جي تحريري ڪاوشن يا انهن جي ڪتابن تي لکڻ کي قربان پنهنجو اولين فرض پئي سمجهيو آهي. ۽ ان معاملي ۾ به ”ڇنڻ مُور نه سکيا“ واري صفت جي آبياري ڪندي نظر آيو آهي. ان کان علاوه ”ميرن جي دور ۾ نهري نظام“  نالي هڪ تحقيقي مضمون ۽ سال 2010ع ۾ مُها ٻوڏ تي هڪ اهم مضمون ” ٻوڏ کان بچي ويل هڪ گهر، هڪ ويلي  تي هڪ ماڻهوءَ جي ماني ٻوڏ متاثرن کي ڏئي“. جهڙا مضمون شامل آهن.
قربان پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ عبدالڪريم گدائي کان ورتل هڪ يادگار انٽرويو به آهي ۽ گدائي جي ياد ۾ ”فالج“ جي عنوان سان هڪ نظم به شامل آهي. اهو نظم ٻڌائي ٿو ته قربان صاحب جي اندر ۾ هڪ تمام وڏو شاعر به موجود هو ۽ آهي . اقرار پيرزادو پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو”قربان صاحب جي ڪامورو نه هجي ها ۽ ادب کي ٽائيم ڏي ها ته سندس سڃاڻپ بهترين ليکڪ طور هجي ها. ان ڪري سرڪاري نوڪري کيس ڏنو ته ڪجهه ناهي. البته کانئس گهڻو ڪجهه کَسيو ضرور آهي“.
هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو قربان پيرزادي جي شخصيت، ڪردار ۽ ڪيل ڪمن تي ناليوارن اديبن، صحافين ۽ دوستن جا سندس متعلق مختلف وقتن تي لکيل مضمونن ۽ ڀيٽا پروگرامن ۾ پڙهيل مقالن تي ٻڌل آهي.
ڀاڱي ٽئين ۾ انفارميشن کاتي مان رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ سندس مانَ ۾ ڪيل پروگرامن جون رپورٽون شامل آهن. انهيءَ حوالي سان مينهون خان ”سوز“ ٻروچ هڪ مضمون ۾  لکي ٿو ته ”رٽائر ٿيڻ کانپوءِ قربان پيرزادي جي مقبوليت ۽ دوستن جي جوا ندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس مانَ ۾ الوداعي پارٽيون پنهنجي ڊپارٽمينٽ کان سواءِ ٻين دوستن کيس ڀيٽا طور ڏنيون“.
جڏهن ته چوٿين ڀاڱي ۾ قربان پيرزادي صاحب جا انگريزي ۾ لکيل مضمون ڏنل آهن.
جڏهن ته انفارميشن آفيسر طور جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪي زمانا گهاريا تن جا احوال سندس دوستن مينهون خان، سوز ٻروچ، صفدر شاهه، س ب کوسو، بشير منگي، فيض سومري، ڊاڪٽر خادم منگي، محمد علي پٺاڻ  وغيره. تفصيلي طور ڏنا آهن ۽ ائين سندس انفارميشن کاتي وارا سڀ دور هن ڪتاب ۾ شامل آهن.
ايئن هن ڪتاب ۾ شايل مضمونن ۾ ليکڪن قربان پيرزادي جي زندگي جي مختلف رخن کي پنهنجي پنهنجي نظر ۽ مشاهدي سان ڏٺو آهي ۽ اهي سڀ مشاهداتي ٽڪرا ملائي ڏسجن ٿا ته قربان پيرزادي جي زندگي جي مڪمل تصوير  ڇڏي آڏو اچي ٿي، جيڪا قربان پيرزادي جي شخصيت جهڙي ئي صاف، چٽي ۽ کري آهي.ايئن جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ موجود مضمونن کي قربان پيرزادي جي زندگي جي مختلف رخن طور ترتيب ۾ رکجن ته قربان پيرزادي جي ننڍپڻ سميت ابتدائي زندگي، سندس تعليمي سفر، ازدواجي زندگي، اولاد سان دوستاڻو رويو. اطلاعات کاتي سنڌ ۾ سڄي ڄمار ملازمت ڪري باعزت نموني رٽائر ٿيڻ ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ واري زندگي جا باب ٺهي ملن ها.
قربان پيرزادي جي ابتدائي زندگي بابت لطف پيرزادي، الطاف پيرزادي ۽ سندس پٽ امجد جا مضمون ڀرپور مواد ڏين ٿا. قربان پيرزادي ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ لاءِ ڇا ڪيو. يا ڳوٺ ٻلهڙيجي وارن قربان کي ڪيئن ڏٺو، انهيءَ جو مواد اوهان کي محب، ماما رمضان ساريو، شاهه محمد، فيض الله، الهه وسايو، انور پيرزادو (جونيئر) ۽ زبير ٻگهيو جي مضمونن ۾ ملندو.
قربان پيرزادي ۽ انور پيرزادي جي سنگت ۽ گهرائپ جي حوالي سان هونئن ته اوهان کي هر مضمون ۾ ذڪر ملندو پر خاص ڪري بدر ابڙي، محمد علي پٺاڻ، زيد، امر جي مضمونن ۾ ان جو مواد گهڻو ملندو.
قربان پيرزادي جي جسماني قد ڪاٺ، رنگ ڍنگ، سونهن، وصفن، عادتن، کلڻ، ٽهڪ ڏيڻ، طنز،  ڀوڳن چرچن سندس مخصوص لفظن، تڪيئه ڪلامن ۽ انهن جي ادائيگي، سندس پوشاڪ، سندس ڪچهريون، برادري ۽ دوستن سان پير کڻڻ جي سليقي ۽ ڏانءُ بابت اوهان کي انور ابڙي، غوث پيرزادي، سرور سيف، محمد علي پٺاڻ ۽ مينهون خان سوز ٻروچ جي مضمونن ۾ احوال ملندو.
قربان پيرزادو پنهنجي خاندان لاءِ ڪيئن ڀرجهلو رهيو آهي، نوجوانن جي اتساهه جو  مرڪز ڪيئن ٿيو، ان جو احوال اوهان کي اقرار پيرزادي ۽ انور جونيئر جي مضمونن ۾ نظر ايندو.
قربان پيرزادو دوستن لاءِ ڪيئن هو، دوستيءَ جو حق هن ڪيئن ادا ڪيو، تنهن جو سڀ کان وڏو تحريري ثبوت سندس گهاٽي يار مينهون خان سوز ٻروچ جي مضمونن مان ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ليکڪن قربان پيرزادي کي يارن جو يار، توڙ تائين نڀائڻ وارو، ڪچهري جو مور، قربائتو، محبتي، ميلا مچائڻ وارو، سڪ واري سڏ  ۾ شريڪ ٿيڻ وارو وڙ ڄاڻايو آهي.
قربان پيرزادي جي جاکوڙي ڪردار تي به تمام گهڻو لکيو ويو آهي. بدر ابڙو سندس جاکوڙ واري پهلو تي لکي ٿو ته ”ٿر جي سفر تي قربان به هليو. مون کي ۽ انور کي توقع ڪو نه هئي ته ڪو قربان ڪارونجهر ۾ هلي سگهندو جو کيس ڪرنگهي ۾ تڪليف هُئي پر هن ڏکيو سفر به ڪري ڏيکاريو“.
مينهون خان سندس سياسي نظرئي بابت لکي ٿو ته”مهنجو مهربان دوست قربان سياسي طور وطن دوست،  روشن خيال ۽ هميشه ترقي پسند لڏي سان واڳيل رهيو آهي. جيتوڻيڪ هو باضابطه طور ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر نه رهيو پر تنهن هوندي به انهن جي منشور سان سهمت رهيو ۽ سندس ياري باشي ۽ اٿڻ ويهڻ ترقي پسند ساٿين سان رهيو“.
قربان پيرزادي کي حقيقي معنيٰ ۾ ڀيٽا ڏيڻ جا ٻه طريقا هُيا ۽ آهن. هڪ اِهو ته سندس تحريرن ۽ شخصيت  تي ٻڌل ڪتاب جيڪو اچي  چُڪو آهي ۽ ٻيو اُهو طريقو آهي جيڪو امر پيرزادي ٻلهڙيجيءَ ۾ قربان پيرزادي سان ٿيل رهاڻ جي موقعي تي پنهنجي مختصر تاثر ۾ لکيو آهي ته”جيڪڏهن ڪير ڪاڪي قربان کي ڪو حقيقي ٽربيوٽ پيش ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو کيس اها پراڻي ٻلهڙيجي موٽائي ڏي، جيڪا هن لٽل ماسڪو ڪري ٺاهي ڏيکاري هُئي.امر جو اهو ليک هن ڪتاب ۾ شامل آهي جنهن ۾ هن اهو به لکيو آهي ته ”ڪاڪو قربان هن وقت وڏي بهادري ۽ پابندي سان ڊائلاسز ڪرائي رهيو آهي ۽ سندس چپن تي اها ئي دعا آهي ته ڪاش هن ڳوٺ جي جوان جسم کي ڪڏهن ڊائلاسز جي ضرورت نه پوي“.

No comments:

Post a Comment