08/12/2016

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس
رکيل مورائي
شاھ سائين سنڌي ٻوليءَ جو ڪيڏو وڏو شاعر آهي، اهو سوال ته ئي آهي، ان جي جواب ۾ اسان ڇا ڏيکاري سگهنداسين، اهو ٻيو سوال آهي، شاھ سائين  جي شاعريءَ جي تخليقي پهلوئن تي الڳ الڳ ٻولين ڪيترو ۽ ڪهڙي معيار جو لکيو ويو آهي، اهو واڌو سوال آهي، جيڪو اسان مان انهن تي وڌيڪ لاڳو ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي سڄي ڄمار لطيف شناسيءَ کي ارپي ويٺا آهن.
اهو به سچ آهي ته شاھ سائين تي سنڌيءَ ۾ گهڻو ئي لکيو ويو آهي، پر ان جو وڏو حصو اهڙو آهي جيڪو شاھ سائينءَ جي تخليقي عمل کان وڌيڪ هن جي خانداني بزرگيءَ جو احاطو ڪندڙ آهي، يا سندس سوانح حيات بابت آهي، جيڪو به نهايت ضروري آهي پر اهو ڪو ٻيو فهم به آهي، جنهن سان پرينءَ جو پسڻ ٿئي ٿو.

شخصي طور مونکي تخليقيء حوالي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو شاھ جي شاعريءَ تي لکيل ڪتاب بيحد وڻندو رهيو آهي آهي ۽ بار بار پڙهڻ جهڙو سمجهندو رهيو آهيان.
تازو اسان جي دوست ۽ نوجوان اسڪالر ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جو ڪتاب پڻ شاھ سائينءَ تي ڇپيو آهي، جنهن جو نالو آهي. ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ب جو جديد اڀياس ” شآھ سائين بابت گهڻا لکندڙ اڪثر سندس شاعريءَ بابت، نئون، جديد، مارڊرن يا اهڙو ڪو به لفظ لاڳو ڪرڻ مناسب نه سمجهندا رهيا آهن. ساڳئي وقت ”اڀياس“ لفظ پڻ، اسان وٽ شاھ سائين جي حوالي ۾ ٺيڪ نه لکندو آهي. اتي پهچي اسان نه رڳو اهو وساري ٿا ويهون ته مغربي تنقيد، ادب/شاعريءَ لاءِ خاص ۽ ماپا قبول ڪيا آهن، ان ڪري دنيا جا عالم ۽ اديب توڻي محقق مغربي علمن کان فيض پرائي رهيا آهن، ان جو مقصد اهو بنهه نه هئڻ گهرجي، ته اسين مشرقي علمن کي نظر انداز ڪري رهيا آهيون.
جنهن ڏس ۾ به مان ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي تازي ڪتاب کان  پهريان سندس ڇپيل ان ڪتاب جو حوالو ڏيڻ گهرندس، جيڪو نه رڳو جديد علمن جي آڌار تي لکيل آهي. پر اهو شاھ سائين جي خانداني بزرگي کان وڌيڪ هن جي شاعراڻي پهلوءَ تي لکيل آهي ۽ اهو هڪ پهلو آهي، ”شاھ جي شاعريءَ ۾ جماليات“
جماليات جي تفصيل ۾ نه وڃي مان ايئن چئي خوش ٿيندس، ته تنوير عباسي صاحب جي ڪتاب کانپوءِ هيءَ ٻيو ڪتاب آهي، جنهن ۾ شاھ جي تخليقي پهلوءَ کي فوڪس ڪيو ويو آهي. شايد ائين به هجي ته ويجهي عرصي ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان شاھ سائين بابت جيڪي به ڊاڪٽرس  لاءِ  مقالا لکيا ويا آهن ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جو اهو مقالو سڀني ۾ وڌيڪ اهم آهي.
هڪ سبب ته اهو آهي ته هيءَ مقالو شاھ سائين جي شاعراڻي عظميت بابت آهي، هن جي خانداني بزرگي بابت بنهه نه!
ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر شير اها ڳالهه ڄاڻي ٿو ته اسين عالم کي شاھ سائينءَ جي بزرگي ڏيکاري وڏو شاعر ثابت ڪري نه سگهنداسين، سندس شاعريءَ ئي کيس وڏو يا ننڍو ڪندي، ان ڪري سندس شاعريءَ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ڊاڪٽر شير مهراڻي جي تازي ڪتاب ۾ شاھ جي شاعريءَ جو جديد/نئون مطالعو/ اڀياس آهي ۽ پڪ سان اهو علمي آهي احوالي نه آهي.
’ شاھ سائين جي شاعريءَ جا تخليقي پهلو ڪيترا ئي آهن، انهن بابت تخليقي انداز ۾ لکڻ اڄ جي گهرج آهي ۽ ان کان وڌيڪ تنقيدي رخن کان، پر سنڌيءَ ۾ ڪتب آندل تنقيد کي پاسيرو رکي، علمي ۽ تخليقي تنقيد کي آڏو رکي ئي شاھ سائين جي شاعريءَ تي وڌيڪ سٺو ۽ ڪجهه اهم لکي سگهجي ٿو. ٻيءَ طرح اسان شاھ سائين تي جيڪو لکيو آهي، اهو ڪافي نه آهي. ڊاڪٽر شير مهراڻي نوجوان اسڪالر آهي. ساڳئي وقت نهايت سنجيده ويچاريندڙ ۽ لکندڙ!
۽ اها سندس سنجيندگي، سندس لکڻين ۾ به ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿي، اهم ڳالهه اها ته هو اڄ جي نوجوان وانگر نماءَ پسند بنهه نه آهي، گهڻو پڙهندڙ ۽ ٿورو لکندڙ آهي. اڄ جي لکندڙن جي بنهه ابتڙ!
ايئن شاھ سائين جي شاعراڻي عظمت بابت هڪ اهم ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي مليو آهي، جيڪا ڳالهه خوشي ڏيندڙ آهي.
مقدمه لطيفي لکندڙ گربخشاڻي صاحب پهرين عالم هو، جنهن شاھ سائين تي مغربي تنقيد کي  آڏو رکي ڪجهه لکڻ چاهيو ۽ بيحد ئي اهم لکيو. ان کانپوءِ گهڻي ڀاڱي شاھ سائين جي شخصيت ۽ خانداني بزرگي سندس عظيم تخليق جي مٿان هڪ دز وانگر اچي وئي، جنهن سبب سندس تخليق ثانوي ۽ شخصيت اهم بڻجڻي آهي.
اڄ جو نوجوان ان لڪير کان ٻاهر بيهي لکندو ته پڪ سان هڪ عظيم تخليقڪار جي عظيم تخليق وڌيڪ نکري ايندي ۽ اسان عالم دنيا کي اهو ٻڌائي سگهنداسين ته اسان وٽ هڪ عظيم شاعر آهي، اهڙو اعتماد ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جو پهريون ڪتاب ۽ هاڻي سندس تازو آيل ڪتاب ” شاھ لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس“ اسان کي ڏياري ٿو، ياد ڪرڻ جي ڳالهه اها به آهي ته سنڌ وٽ عظيم شاعر فلحال فقط ڀٽائي ئي آهي، انڪري ” عظيم“ لفظ جو استعمال درست نموني ڪيو وڃي.
پڪ سان شير مهراڻيءَ جو ڪتاب شاھ سائينءَ جي نون/جديد رخن کان ڪيل هڪ اڀياس آهي، جنهن ۾ هن نوجوانن ليکڪ جو پيار به آهي ته پورهيو به، محبت به آهي ته محنت به ۽ ان کان وڌيڪ سندس اعتماد!.. اهڙو اعتماد جيڪو کيس اهڙو يقين ڏياري رهيو آهي ته هو جنهن حوالي ۾ شاھ سائينءَ تي لکي رهيو آهي، اهو ئي هڪ عظيم تخليقڪار جو اهم حوالو آهي، ٻيا سڀ حوالا پوءِ اچن ٿا.
۽ انهن پوءِ ايندڙ حوالن تي لکڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪ ڊگهي فهرست موجود آهي، گهرج اها آهي ته شاھ سائين تي ڪجهه الڳ ۽ ڪجهه اهم لکڻ وارن جي هڪ خاص الڳ فهرست به ٺهڻ گهرجي جنهن جي شروعاتي نالن ۾ ڊاڪٽر شير مهراڻي جو نالو اوس موجود هوندو.

No comments:

Post a Comment