08/12/2017

ديوان امام زين العابدين - ابو رافع (Abu Rafiu)

ابو رافع
هڪ برڪت ڀريو ڪتاب ديوان امام زين العابدين

ڪتاب لکيا ويا آهن، لکيا وڃن ٿا ۽ سدائين لکيا ويندا. ائين هر ڪتاب جو پنهنجو دائرو هوندو آهي. جن ڪتابن جو دائرو ڪائنات جيترو وسيع هوندو آهي انهن کي الهامي ڪتاب چيو ويندو آهي، مذهبي ڪتاب آسماني ڪتاب ڪوٺيا ويا آهن. پر ڪي ڪتاب اهڙا به آهن، جيڪي آسماني نه آهن، پوءِ به انهن جو دائرو گهڻو گهڻو ويڪرو هوندو آهي. اهي ڪتاب، گروهن، نسلن ۽ قومن جي رهنمائي ته ڪندائي آهن، پر اهي ڪتاب، انسان ذات لاءِ رهمنائي جو سبب به بڻجندا آهن. جيڪي انسان کي پنهنجي ننڍين سڃاڻپن کان ٻاهر ڪڍي، انسان ذات جو حصو بڻائيندا آهن، انهن ڪتابن جو مرتبو گهڻو گهڻو اعليٰ ۽ اتم هوندو آهي اهڙن ئي ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”ديوان امام السجاد زين العابدين“ آهي.

هيءُ ڪتاب امام زين العابدين جي شاعريءَ جو ديوان آهي، جيڪو ظاهر آهي ته اصل عربيءَ ۾ آهي، عربي جيڪا شعر و ادب جي ٻولي آهي، جيڪا اسلامي دنيا لاءِ عقيدت واري ٻولي پڻ آهي ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ قديم کان جديد شاعري، علم ۽ ادب جا ڀنڊار آهن، ان ٻوليءَ ۾ سرجيل هيءُ ديوان نهايت اهم آهن.
هن ديوان کي جيتوڻيڪ اسلامي دنيا ۾ هڪ خاص اهميت ته آهي ئي پر هن ڪتاب جي علمي، ادبي ۽ شاعراڻي اهميت عالمي ادب ۾ خاص طور شاعراڻي ادب ۾ قبول ڪئي وئي آهي. ان ڪري پڪ سان اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ديوان جو سنڌي ٻولي ۾ ترجمو سنڌي ٻوليءَ لاءِ به هڪ سڀاڳ آهي.
”ديوان امام زين العابدين“ شاعراڻن ديوانن وانگر الف کان ي تائين آهي، ان کان پوءِ پڄاڻيءَ جو شعر آهي ۽ شاعريءَ جي حوالي  سان ته هن ديوان جو پنهنجو مرتبو آهي ئي آهي، پر منجهس جيڪو فڪري پيغام آهي، اهو به انسان ذات جو اهڙو گڏيل ورثو آهي.  جنهن ۾ نه مذهبي متڀيد آهي ۽ نه مسلڪي، ويڇو، ان ڪري هيءُ ديوان ادب ۾ به اها ئي عالمي مڃتا رکندڙ آهي جيئن دنيا جا ٻيا عظيم ڪتاب رکندڙ آهن.
هن ديوان کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ترجمو جي گڏيل صورت ۾ شايع ڪرايو ويو آهي.
هن ڪتاب جي پهرئين صفحي تي عربي ۽ فارسيءَ جا اصلوڪا عڪس ڏنل آهن ۽ سامهون واري صفحي تي، اردو سنڌي ۽ انگريزي ترجما شامل ڪيا ويا آهن، ايئن هيءُ ديوان ممڪن حد تائين مڪمل نظر اچي رهيو آهي، جيڪي عالم ۽ اديب عربي ۽ فارسي ڄاڻن ٿا، اهي اصل ديوان کي پڙهي سگهندا،  ٻي صورت ۾ ڏنل ٽن ٻولين جا ترجما، هن ڪتاب جو دائرو ويڪرو ڪري  بيٺا آهن، جنهن ڪري هن دنيا ۾ رهندڙ ۽ الڳ الڳ ٻولين ڄاڻندڙ هن اهم ڪتاب مان فيض حاصل ڪري سگهندا ۽ ضروري حاصل ڪرڻ گهرجين به! ڇاڪاڻ ته علم جي ڪا به ٻولي، ڪو به ديس، ڪو به مذهب نه ٿيندو آهي،  اهو هن ڌرتيءَ تي رهندڙ سڀني انسانن جي گڏيل ميراث هوندو آهي، هيءُ ڪتاب پڻ اسان سڀني لاءِ هڪ جيترو اهم آهي.
بيمثال نموني شايع ٿيل هن ڪتاب کي پڙهڻ ته گهرجي ئي پر سچ اهو آهي ته هيءُ ڪتاب ڏسڻ جهڙو به آهي، جتي هيءُ ڪتاب پڙهڻ سان روح خوش ٿئي ٿو، اتي هيءُ  ڪتاب ڏسڻ سان اکيون پڻ ٿڌيون ٿين ٿيون.
هن املهه ديوان جي ترجمو ڪندڙ جا نالا آهن، مولانا تلميذ حسنين رضوي، پروفيسر انيتا غلام علي ۽ اعجاز علي بيگ مرزا. هن ڪتاب کي محبت ۽ عقيدت سان مرتب ڪيو آهي، اسان جي ۽ سنڌ جي خاص طور لاڙڪاڻي جي قادري خاندان جي ادبي وارث سائين ذوالفقار علي قادري صاحب. هن ڀلمانس، ادب ۽ علم سان بي پناھ پيار ڪندڙ، قادري قلم قبيلي جي نالي سان هڪ ادارو جوڙي لڳ ڀڳ پنهنجي خاندان جو سمورو ادبي، پورهيو، نه فقط سهيڙيو آهي، پر ان کي اعليٰ نموني ترتيب ڏيئي، ڇپايو به آهي، ائين سنڌ جي هن علمي ادبي ۽ شاعر گهراڻي جون علمي، ادبي ۽ مذهبي خدمتون تاريخ ۾ محفوظ ٿي ويون آهن.
”ديوان امام زين العابدين“ جي ڇپائڻ جو سڀاڳ به قادري قلم قبيلي جي نصيب ۾ آيو آهي. ڊبل ڊيمي سائيز ۾، چمڪدار پيپر تي  چئن رنگن ۾ ڇپيل هيءُ ديوان، طبرق طور به هر لائبريري ۾ هجڻ گهرجي ۽ علمي ادبي طور به هجڻ گهرجي، ساڳئي وقت عقيدت طور به رکڻ جهڙو ڪتاب آهي. جتي هيءُ املهه ڪتاب ڇپائڻ نيڪي جو ڪم آهي، اتي وڌيڪ نيڪي اها آهي ته هن اکين تي رکڻ جهڙي ڪتاب جو ڪو به ملهه نه رکيو ويو آهي، جيڪو به پڙهندڙ هيءُ ڪتاب پڙهڻ چاهي، پنهنجي گهر ۾، پنهنجي لائبريريءَ ۾ رکڻ چاهي، قادري قلم قبيلي کان گهرائي سگهي ٿو. اسان جو علم ادب دوست ۽ شاعري شناس سائين ذوالفقار قادري، ان اوسيئيڙي ۾ آهي ته سنڌ جي هر لائبريريءَ توڻي سنڌ جي هر گهر ۾ هي ڪتاب موجود  هجي.

No comments:

Post a Comment