29/12/2017

ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون“ جو سرسري جائزو - حڪيم يوسف کتري (Hakeem Yousif Khatri)

حڪيم يوسف کتري
ڪتاب ”لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون جو سرسري جائزو

اعظم ڀٽي هڪ ڏينهن آفيس ۾ مون کي چيو ته؛ سائين هڪ دوست جو ڪتاب آهي، ان تي تبصرو لکڻو آهي. خير! مفت جو ڪتاب ملڻ ڪري، مون ها ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. پر پوءِ سوچيم ته؛ تبصرو اڄڪلهه انهيءَ کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڪنهن اخبار يا ادبي رسالي ۾ ٻه ڪاپيون موڪلي تبصري لاءِ گذارش ڪبي آهي. ان جو مصنف کي اهو فائدو ٿيندو آهي ته سندس ڪتاب، ان اخبار يا رسالي جي سرڪيوليشن مطابق متعارف ٿي ويندو آهي ۽ ضرورتمند گھرائي وٺندو آهي. مون به ويهارو کن ڪتاب لکي، انهن جا تبصرا شايع ڪرايا. انهيءَ ۾ گھڻو ڪري، ڪتاب جي سائيز، قيمت، ڇپجڻ جو سال ۽ ايڊريس لکي، منڍ ۾ ساراھ ڪبي آهي ۽ آخر ۾ ٿورو گھڻو پروف جون غلطيون يا قيمت زياده هجڻ جو ذڪر يا ڪجهه سٽن ۾ ٿورين ڪوتاهين جو به ذڪر ڪبو آهي. ايئن آخر ۾ لکبو آھي ته ڪتاب انتهائي بهتر آھي ۽ مصنف ڏاڍي محنت ڪري شايع ڪرايو آهي. انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب، هڪ دفعو ضرور پڙهجي. ايئن مڙيئي ادارا جان ڇڏائيندا آهن.

آئون به جڏهن ماهوار صحت سرير جي ڪڍندو هوس يا ڏات اخبار ۾ تبصري لاءِ جي ڪتاب آيو ته اسان جي کٽين جي چوڻي مطابق؛ ڌڪ ڦرهو، ڍڪ پاڻي ڪري، جان ڇڏائيندا هئاسين. پر جڏهن ڪتاب پڙهيم ته تبصري لکڻ جي ته گنجائش نه هئي. آئون نه ڪنهن اخبار جو يا رسالي جو ايڊيٽر، نه ئي ڪو تبصره نگار آهيان. ان ڪري اعظم کي چيم ته؛ ڪتاب بابت، پنهنجي جامع راءِ لکڻ سان گڏ، ٽنڊو محمد خان ۾ مستعمل چوڻين ۽ پهاڪن جو به ذڪر ڪري ڇڏيان، جيئن اڳتي جيڪڏهن ٻيهر ڪتاب ڇپجي ته منجھس مصنف ٽنڊو محمد خان جو باب قائم ڪري سگھي، جيڪو هو مرحوم اميد علي جي ڀرپور مدد باوجود قائم ڪري نه سگھيو.
هن ڪتاب جو نالو آهي؛ لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون، جيڪو انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو ترتيب ڏنل آهي. منهنجي لاءِ اها انتهائي خوشيءَ جي ڳالهه هئي ته هن دور ۾ به اهڙا مصنف موجود آهن، جيڪي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪتاب لکي رهيا آهن، اهو به خشڪ موضوع تي. اسان جي قوم اهڙن موضوعن تي ڪتاب پڙهڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي. پر ادبي لحاظ سان اهي موضوع، انتهائي اهم هوندا آهن. جن جي بالڪل اڻاٺ آهي. وري سوني تي سهاڳو، ته پاڻ ٿري، اترادي پهاڪن ۽ چوڻين تي به ڪتاب لکي چڪا آهن. جيڪو ڪنهن ڪارنامي کان گھٽ نه آهي. آئون انهن وڏن اديبن جو معترف نه آهيان، جيڪي سرڪاري خرچ تي ڪتاب لکن. جڏهن لکڻ کان وڃن، ته سرنديءَ وارا هجڻ جي باوجود، پنهنجا ڪتبخانا به وڪڻيو ڇڏين. ڪتاب، ذاتي طور لکڻ ۽ وڪڻڻ جو، مون کي تجربو آهي. ان حساب سان آئون چوندس ته؛ عبدالوهاب سهتو، سنڌي قوم تي احسان ڪري رهيو آهي، ڇو ته کيس ملڻو ته ڪجهه به نه آهي. جي پبلشر پاڻ آهي ته صحيح، نه ته بغل ۾ ڪتاب کڻي منٿن سان، اهڙا ڪتاب ڇپرائڻا پون ٿا. سندس هيءُ ڪتاب، مون انتهائي دلچسپيءَ سان هر هر پڙهيو آهي. انهيءَ ۾ خوبين سان گڏ، رڳو خاميون نه پر ڪوتاهين جو به ذڪر ڪندس. انهيءَ لاءِ ته موضوعاتي لحاظ سان، نه هئڻ برابر خاميون آهن، پر ترتيب جي لحاظ سان، مون کي ڪافي ڪوتاهيون نظر آيون آهن، جن جو ذڪر به ڪندس.
پهرين ڳالهه ته ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جس لهڻي، جنهن هن موضوع تي، هيءُ ڪتاب ڇپرائي، پنهنجي ادب دوست هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. انهيءَ سان گڏ هن مهنگائيءَ جي دور ۾، تمام بهترين ڪاغذ تي ڇپائڻ جو سهرو، محبت اڪيڊمي تي آهي. انهيءَ سان گڏ، مجلد هجڻ به ڪتاب جي حياتي وڌائي ٿو. هن ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون نه هئڻ برابر آهن، نه ته اڄڪلهه پروف جون غلطيون ڪتابن ۾ عام جام هونديون آهن. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته عبدالوهاب صاحب نه صرف ڪتاب لکڻ ۾ نور نچويو آهي پر پروفن ڏسڻ ۾ به ڪافي محنت ڪئي اٿس. سندس ڪتاب لکڻ ۾ ڪوششن جو اندازو انهيءَ مان لڳائبو ته پاڻ حافظ حبيب سنڌي ۽ عزيز جعفراڻي (جيڪي منهنجي قوم سان ئي تعلق رکن ٿا)، رسول بخش تميمي، اميد علي سٺيو سان مليو آھي. اهي سڀ، منهنجا به قريبي دوست رهيا آهن، پر تعجب جي ڳالهه آهي ته منهنجي سائينءَ سان ملاقات نه ٿي سگھي آ. هن ڪتاب ۾ سائينءَ لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنيون آهن، پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا جيڪي پهاڪا ٽنڊو محمد خان ۾ رائج آهن، اهي پوري لاڙ ۾ رائج آهن يا وچولي واري علائقي ۾ به رائج آهن. جيئن ته مٽياريون، اسان لاڙ ۾ شامل نه ڪندا آهيون. انهيءَ ڪري شاھ جي رسالي جي ٻولي به وچولي علائقي جي کاتي ۾ اچي ٿي. نه لاڙ، نه اتر يا ٿر يا ڪوهستان.
آئون محترم رياضت ٻرڙي جي ان ڳالهه سان سؤ سيڪڙو سهمت آهيان ته؛ انهيءَ مان اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته ڪهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون، ڪنهن هڪ خطي تائين محدود رهڻ بدران، وسيع ٿيندي ٻن يا ٽن خطن ۽ ڪهڙا سڄيءَ سنڌ ۾ مستعمل ٿي ويا آهن. انهيءَ مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته؛ ڪجهه پهاڪا يا چوڻيون، پوريءَ سنڌ ۾ ساڳيون رائج آهن ته وري ڪي مخصوص علائقن سان تعلق رکن ٿيون.
سهتي صاحب جي هن ڪتاب جي ترتيب، مون کي پسند نه آئي، جيڪا چُڪ نه، پر ڪوتاهي چئي سگھجي ٿي. جيئن ته ڪتاب پهاڪن ۽ چوڻين تي آهي، ان ڪري مصنف کي پهاڪي، چوڻي ۽ قول جو فرق ڄاڻائڻ لاءِ وضاحت ڪرڻ گھرجي ھا، ڇو جو اهي ٽئي صنفون، جدا جدا آهن، پر هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. انهن ۾ ترتيب سان ٿورو گھڻو فرق آهي. انهيءَ ڪري سائين عبدالوهاب کي هر هڪ جي الڳ تعريف ۽ تفصيل، کڻي هڪ صفحي تي هجي ها، ٽنهي کي معني سان الڳ الڳ سمجهائڻ گھرجي ها ته قول ڇا آهي؟ چوڻي ڇا آهي؟ ۽ پهاڪو ڇا آهي؟ ته تمام سٺو ٿئي ها.
ترتيب جي اها به غلطي آهي ته هڪ باب، لاڙ جي جاگرافي تي هجي ها ته لاڙ جو ڪهڙو علائقو آهي ۽ ان ۾ ڪهڙا ضلعا اچي وڃن ٿا. نقشي سان سمجهائين ها ته اڃا وڌيڪ بهتر ٿئي ها.
جيئن ته سائين پهاڪا ۽ چوڻيون لکيون آهن ته انهن جو به الڳ الڳ باب قائم ڪري ها يعني پهاڪا الڳ لکي ها ۽ چوڻيون الڳ لکي ها.
جيئن ته ابتدائي ادب، وچولي ۾ لکيو ويو ۽ معياري لهجو به وچولي جي ٻولي کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ حيدرآباد جا ٽئي ضلعا به اچي وڃن ٿا پر ٽنڊو محمد خان، لاڙ ۽ وچولي جي بارڊر تي لاڙ طرف آهي. انهيءَ ڪري ٽنڊو محمد خان لاڙ جي علائقي ۾ ايندو. باقي مٽياريون، ٽنڊو الله يار ۽ حيدرآباد، لاڙ نه آهي. مون به وس آهر ٽنڊو محمد خان ۾ مستعمل ۲۰۰ کان مٿي پهاڪا ۽ چوڻيون لکيون آهن. جيئن ته سائين جا مون ٻيا ڪتاب پهاڪن ۽ چوڻين وارا نه پڙهيا آهن، ان ڪري ممڪن آهي ته ڪافي انهن ۾ موجود هجن، پر جيئن ته ادي رياضت ٻرڙي واري ڳالهه ته پهاڪا ٻن ٽن خطن ۾ ڳالهايا ويندا هوندا. ڪي ته همه گير، پوري سنڌ ۾ رائج هوندا. ان ڪري مون ۲۰۰ کان مٿي پهاڪا لکيا آهن.
سائين عبدالوهاب سهتو صاحب، اترادي جي ٻن پهاڪن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي، جنهن ۾ جيڪو پهاڪو اترادين جي خلاف آهي، ان کي صرف تڪ بندي چيو اٿس. اهو پاڻ صفحي نمبر ۷۲ تي ڏنو اٿائين. جيئن؛ اترادي ٻچو، مور نه سچو (چوڻي). پر ٽنڊو محمد خان ۾، اهو پهاڪو هيئن مشهور آهي؛ اترادي ٻچو، مور نه سچو، جي سچو ته ڪتي جو ٻچو.
سائين، پهاڪن کي سؤ في صد شايد حقيقت سمجھي ٿو. ايئن نه آهي. پهاڪا يا چوڻيون، ڪنهن هڪ ماڻهو جو مشاهدو هونديون آهن، پوءِ اهي تڪبند ھئڻ ڪري يا ٿوري گھڻي حقيقت ھئڻ ڪري، مشهور ٿينديون آهن. بعد ۾ ماڻهو ضرورت آهر، انھن کي استعمال ڪندا آهن. سائينءَ، ان پهاڪي کي، تڪ-بند ھئڻ کان وڌيڪ اهميت نه ڏني آهي. اهو غلط آهي. باقي اهو چوي ها ته؛ چوڻيون يا پهاڪا سڄي قوم جي عڪاسي نٿا ڪن ته بهتر ٿئي ها.
ساڳي جڳهه تي پاڻ لکن ٿا ته؛ لاڙي ڀاڙي، پاڻ کائي پان، گھر ۾ زال اگھاڙي. آئون لاڙ جو آهيان. اڃا عزت وارن غريبن جون زالون اٻاليون ڏسندا آهيون پر ڀاڙين جون زالون ته ڪپڙي گندي ۾ اميرن جو مقابلو ڪنديون آهن. ان ڪري، اديب کي موضوع تي لکندي، ڪنهن هڪ جو پاسو کڻڻ نه کپي.
وري صفحي ۷۳ تي؛ اتر جو ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو، چوڻيءَ تي وچولو تبصرو ڪندي، ان کي جھڙو سچي چوڻي سمجھي ٿو. جي آئون تبصرو ڪريان ته اها چوڻي ڪُوڙي آهي ته درست نه ٿيندو. ڇو جو اهو ڪنهن هڪ يا ٿورن ماڻهن جي روين تي ٻڌل هوندو آهي. اترادين جي هڪ ڳالهه تي تبصرو ڪريان ته ماءُ ڀيڻ سوٽ ماسات، ڀاڄائي کي ڪارو ڪري مارڻ ڪهڙي عقلمندي آهي. ان کان وڌيڪ جهالت ڪهڙي ٿيندي! اسلام چوي ٿو ته زنا لاءِ چار شاهد بيهاريو، پوءِ سزا ڏيو، سا به حڪومت ڏئي. جي ٽي شاهد هجن ته مرڳو انهن کي درا هڻو. هاڻ عبدالوهاب صاحب، خود فيصلو ڪري ته ڏوهاري خود سڳن رشتن کي ماري ته ڪهڙي عقلمندي آهي. انهيءَ کان وڌ ٻي ڪهڙي جهالت ٿيندي. ان حساب سان ته لاڙ جو ڍڳو، اتر جو ماڻهو، چوڻي درست ٿيندي.
بهرحال ٻيا مثال ڏيندي، آئون به ايئن چوان ته؛ ڀٽائي اترادي نه هو. سڄو ادب پهرين لاڙ ۾ سرجيو. اترادين به اعلى تعليم لاڙ مان حاصل ڪئي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مير علي شير قانع ۽ خود اترادين به عقل جون ڳالهيون لاڙ ۾ رهي سکيون ۽ لکيون. پر منهنجي خيال ۾ انهن جو، ان ڳالهه سان تعلق نه آهي. جيئن اسان کٽي برادريءَ سان تعلق رکون ٿا. ڪي سومرا ته ڪي کٽي ته ڪي کتري ته ڪي شيخ سڏائيندا آهن. پر مون سومرن لاءِ لکيو آهي سؤ مِرون، برابر هڪ سومرو. ڪٿي ڪٿي نوانوي مرون، برابر هڪ سومرو به مستعمل آهي. ان مان مراد اها نه آهي ته واقعي سومرا، مرون آهن. ڪي ته مون کي به چئي سگھن ٿا ته؛ تو شون شون آهين، ان ڪري سومرو آهين ۽ ۱۰۰ سوئرن جي برابر آهين، ته مون کي به ڪاوڙجڻ نه کپي. ان ڪري پهاڪن ۾ ٻوٽي پاڻ ڏانهن سيرڻ سهي نه آهي. چوڻين، پهاڪن کي چند ماڻهن جي مشاهدن جو مجموعو سمجھڻ کپي. همه گير حقيقت نه هوندي آهي. اهڙيءَ طرح ڪورين جا پهاڪا، جنهن ۾ ڪورين کي گھٽ ذات ڏيکاريو ويو آهي، پهاڪن يا چوڻين جي حد تائين ته صحيح آهي پر جي ٽيڪا ٽپڻي ڪبي ته لطيف جو هڪ بيت ئي سڀني چوڻين يا پهاڪن تي پاڻي ڦيري ڇڏيندو.
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا. (شاه)
مون جيڪي چوڻيون يا پهاڪا لکيا آهن، اهي خالص ٽنڊو محمد خان ۾ مستعمل آهن، جيڪي ڪتابن تان ورتل نه آهن، ياد لکيا ويا آهن، جن ۾ ڪافي منهنجي گھر واريءَ ٻڌايا ۽ سائين پروفيسر موسى سٺيو، اقبال ٻرڙو به هڪ ويهڪ ۾ ٻڌايا. ڪجهه گارين تي مشمل پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن. پهرين منهنجو ارادو انهن جي لکڻ جو نه هو. جيتوڻيڪ اهي نصيحت آموز آهن. پر جيئن ته سائين عبدالوهاب به هڪ اڌ گارين وارو پهاڪو ڏنو آهي. انهيءَ ڪري مون به ارادو ڪيو جي اهي ٽنڊو محمد خان ۾ مستعمل آهن ته آئون به ڇو نه لکان. هونئن به ادب ۾ ضرورت آهر اهڙا جملا لکڻ عيب نه آهي.
عبدالوهاب جي هڪ چوڻي، ڀونءِ تار؛ زمين مان پار ڪندڙ. ٻيو جيئن؛ ڀاڙيا ڀاڙين جا يار، هڪڙا ڀڙوا ٻيا ڀوتار. ان کان علاوھ؛ لنگھو، پيٽ ۽ لن، ڀرجي نه ڀرجن. ٽيون ته: لاڙي؛ ڀاڙي، پاڻ کائي پان، گھر ۾ زال اگھاڙي.. چتو رهي، چتو جي چت نه رهي.. اهي مولف استعمال ڪيا آهن. انهيءَ ڪري مون به ڪجهه ڏنا آهن، جيڪي ٽنڊو محمدخان سان تعلق رکن ٿا. انهيءَ ڪري ٽنڊي محمد خان ۾ مستعمل گاريال چوڻيون ۽ پهاڪا مون ڏنا آهن. انهيءَ تي اعتراض نه ٿيڻ کپي. انهيءَ ڪري ته اهو مون يا عبدالوهاب صاحب، دل وندارئڻ لاءِ نه پر نج فني ادبي ضرورت هيٺ، لکيا آهن. اميد ته پڙهندڙ يار ارها نه ٿيندا. باقي جيڪي چوڻيون يا پهاڪا مون ڏنا آهن، انهن جو تفصيل ڏيڻ ممڪن نه آهي. گھڻا ته پوري سنڌ ۾ رائج آهن. جي تفصيل لکبو ته ۱۰۰ کن صفحن جو ڪتاب جڙي پوندو. ان ڪري صرف چوڻين ۽ پهاڪن کي لکي پنهنجي مضمون جي پڄاڻي ڪندس.
هيٺ ڪجھ گارين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون به اچي ويا آهن. جن لاءِ اڄڪلهه پارليمينٽري زبان يا ان-پارليمنٽري جا اصطلاح به مستعمل آهن، تن کي مضمون جي گھر سمجھي، نظر مان ڪڍيو وڃي ته بھتر آھي.

1.                  اڀري هنڌان، واڙ ڀڄي.
2.                  اترادي ٻچو، مور نه سچو، جي سچو ته ڪتي جو ٻچو.
3.                  اترادي؛ نر نه مادي.
4.                  اٿي پاڻ نه سگھي، لعنت گوڏن کي.
5.                  اڃا، لهي اڀري پيو.
6.                  اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب.
7.                  اسان جو ڪک نه بچيو ته ٻي جو تيلو نه ڇڏينداسين.
8.                  اسي، مت کسي.
9.                  اک ڪاڻي ڪجي، ڏس ڪاڻي نه ڪجي.
10.              اڪن کان، انب گھرڻ.
11.              انبن جون سڪون، انبڙيون ڪو نه لاهينديون.
12.              انڌن وڃي، ملتان لڌو.
13.              انڌير نگري، چرٻٽ راجه، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
14.              آه غريبان، قهر خدائي.
15.              اهو وڻ ئي نه آهي، جنهن کي واءُ نه لڳو هجي.
16.              ايترو ڪر، جو ساڪرو سهي.
17.              ايمڻا مٽيو ته تيل ٿي پيو.
18.              آئي ته روزي، ٽري ته بلا.
19.              آئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي وئي بورچياڻي.
20.              ايئن ويا، جيئن ڏوين مٿان ڏند.
21.              بار گڏھ تي، ٽٽ ڏئي کوتي.
22.              بکيا گڏيا ڀينگين کي، چي؛ اڄ عيد ڪنداسين.
23.              ٻٻرن کان ٻير گھرڻ.
24.              ٻٽيهه لکڻو ٻار، ڇٽيهه لکڻو موچڙو.
25.              ٻلي کائيندي ڪو نه ساري، پر هنگندي ساري.
26.              ٻليءَ کي، خواب ۾ ڇيڇڙا.
27.              ٻليءَ کي گھنڊڻي، ڪير ٻڌي.
28.              ٻن ملن وچ ۾، ڪڪڙ حرام.
29.              ڀاءُ کان، ڀڙوو ڀلو.
30.              ڀاڙين مٿان ڀت، ڪانگن ڪيرائي.
31.              ڀتين کي به، ڪن ٿيندا آهن.
32.              پاڻ نه پاري، ڪتا ڌاري.
33.              پري جو گل، سرهو هوندو آهي.
34.              پلاند، پراڻا ڪو نه ٿيندا آهن.
35.              پنج هٿ پٽڪو، ڇهه هٿ ڇيڙو، ڪوڙ ته تنهنجو، سانگو ڪهڙو.
36.              پنهنجي گھوڙي ڀلي، پرائي زال ڀلي.
37.              پهاڄن جون قبرون به پاڻ ۾ وڙهنديون.
38.              پوڙهو اٺ، ٻه ڪنواٺ لهي.
39.              پير مان لاهي، منهن ۾ هڻڻ.
40.              پيسو جان سان، زال ران سان.
41.              تڪبر، ڪنڌ-ڀر.
42.              تڪڙ، ڪم شيطان جو.
43.              ٿڪ اڇلي، ڪير ڪو نه چٽيندو.
44.              ٿورو ڏسي نه ارهو ٿجي، گھڻو ڏسي نه سرهو ٿجي.
45.              ٽٽوءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.
46.              ٽلومل جي ڪوٺي، ڪانهي.
47.              ٽنڊو محمد خان، جت معشوقن جو مان.
48.              جتي باھ ٻري، سا جاءِ جلي.
49.              جتي ٻير هوندي، اتي کڙا لڳندا.
50.              جتي لوڀي هجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.
51.              جمعرات، ڀلي مراد.
52.              جن آهرن ۾ کاڌو، سي توبرن ۾ ڪيئن کائيندا.
53.              جنهن جي پويان باھ، تنهنجو آسرو لاه.
54.              جنهن جي ناني نڀاڳي، ان جي ڏوهٽي ڏاتار نه ٿيندي.
55.              جنهنجو رب، تنهنجو سڀ.
56.              جھرڪيءَ جي ڳئيءَ ۾ مهري.
57.              جھڙا ڪانگ، تهڙا ٻچا.
58.              جهڙو پوکبو، تهڙو لڻبو.
59.              جهڙو ديس، تهڙو ويس.
60.              جهڙو ماڻهو، تهڙو ناڻو.
61.              جھڙو منهن، تهڙو موچڙو.
62.              جھڙو واءُ لڳي، تهڙو منهن ڏجي.
63.              جھڙي نيت، تهڙي مراد.
64.              جھنگ جي ٻڪري، ان تي هري.
65.              جو دلئين نه ڳنڍيو، سو ڪامڻين ڪهڙو ڳنڍبو.
66.              جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.
67.              جيڪو اڳي، سو تڳي.
68.              جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو، ان ۾ پاڻ ڪرندو.
69.              جيڪو ڪري جيئرو، مئي جي مٽي به ڪم نه ايندي.
70.              جيڪو لڳي، سو ڪاڻي جي اک ۾.
71.              جيڪي چلهه تي، سي دل تي.
72.              ڄٽ، ڦٽ ۽ ٽٽ ٻڌا چڱا.
73.              چاچو نه پيءُ، ماسي نه ماءُ.
74.              چانڊيا چور، مگسي شاهد.
75.              چٽي، مٺي آهي.
76.              چڏ پٽ دهلاري؛ نه شرنائي، نه توتاري.
77.              چريءَ کي چوڙو؛ ڪڏهن ٻانهن ۾، ڪڏهن ٽنگ ۾.
78.              چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا مامرا.
79.              چريون ڏئي چار، واڇان ورتم هڪڙي.
80.              چڱائيءَ کي، هڻ چار موچڙا.
81.              چڱائي ڪر، گلي ۾ وجھ.
82.              چڱن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان چڱا.
83.              چور جي ماءُ، ڪنڊ ۾ روئي.
84.              چور ڦُري رات جو، سودو ڦُري ڏينهن جو.
85.              چورن مٿان، مور.
86.              ڇتو ڪتو، ڌڻي سڃاڻي.
87.              حاڪم ۽ باھ، ٿوري ڪري نه ڀاءُ.
88.              حاڪم جي حڪم کان، ظالم جي ظلم کان؛ خدا بچائي.
89.              خون ۽ کٿوري، لڪڻ جا نه آهن.
90.              دادلو ٻار؛ يا چريو يا چتو.
91.              ڍائو کڻي ساھ، بکيو وڃي پيٽ.
92.              ڏاهو ڪانگ؛ ڦاسي نه، جي ڦاسي ته ٻه پيرو ڦاسي.
93.              ڏجي نه، ته ڏکوئجي نه.
94.              ڏڏو ڪجي، ڏيڪر ڪجي، هو نه ڀڄي، ته پاڻ ڀڄجي.
95.              ڏکئي وقت، پاڇو به ساٿ ڇڏي ويندو.
96.              ڏند ڏيهه ڏسي پر ڏيرياڻي نه ڏسي.
97.              ڏني خان جو راڄ، آهي ڇا.؟
98.              ڏي ڏاتار، چت ڦاٽي ڀانڊار جي.
99.              ڏيرياڻي، توڙ تائين ويرياڻي.
100.         ڏيڻ ۽ روئڻ، هيئين هيٺان آهي.
101.         ڏيڻ به، هڪ گھر ٽاريندي آهي.
102.         ڌڪ جو ڦٽ ڇٽي ويندو، پر زبان جو ڦٽ نه ڇٽندو.
103.         ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
104.         ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گھر جو، نه گھاٽ جو.
105.         رب رسي، مت کسي، هڻي ڪو نه هٿيار.
106.         رت، دانگيءَ تي به اٿليو پوي.
107.         رڍ اڳيئي مرڻي، پر بد پيئي بگھاڙ تي.
108.         رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورھيه ٿيا.
109.         رلي ڪلهي تي، ماني راڄن تي.
110.         رنون رب وڃايون، ڌارين ڪهڙا ڏوھ.
111.         زال کي نه هي کپي نه هو کپي، پيسن جو کوھ کپي.
112.         ساڪڙ مان پولڙي ڪڍڻ.
113.         ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگھ.
114.         سانن کي ڪهڙيون سونگون.
115.         سائين ماڃر ڪين لڄائيندس.
116.         سڀاڳا ٻار، پينگھن ۾ پڌرا.
117.         سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.
118.         سچ ته بيٺو نچ، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.
119.         سس، ديڳڙي جي ڪس.
120.         سعيدپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري.
121.         سکڻي ڪني، گھڻو اڀامي.
122.         سهڻا ته ٽوھ به هوندا آهن، پر ڪڙا.
123.         سهي جون ٽنگون ٽي، چوٿين ٺهي ڪا نه.
124.         سؤ ڌڪ سوناري جا، هڪ ڌڪ لوهار جو.
125.         سؤ ماڪوڙا، هن ڍڍر ۾.
126.         سؤ مرون، برابر هڪ سومرو.
127.         سوٽ، سنجھي مان جوٽ.
128.         سوٽي هجي ساڻ ته گڏھ گوهي نه ڪري.
129.         سوڙ آهر، پير ڊگھيڙجي.
130.         سوڙهي جاءِ تي، سودو نه ڪجي.
131.         سونارو، ماءُ جي سون مان به کائيندو.
132.         سيد سپاهي، غضب الاهي.
133.         سيد سکيو ته لٺو لٺ، بکيو ته پٽو پٽ.
134.         سيدن کان، ڀينگ ڀلي.
135.         سيڻن سان سنمک، پئنچن سان پورو.
136.         شيخن کي ڀت پهتو.
137.         غريب، رڍ جي پوئين ٽنگ.
138.         ڦڙي ڦڙي تلاءُ.
139.         قرض مرض آهي.
140.         کائڻ مهل گڏ، سمهڻ مهل مسيت ۾.
141.         کٽو واڻيو، وھيون سنڀالي.
142.         کور واھ جي لاري، گڏھ جي سواري؛ سدائين خواري.
143.         کوسو هجئي يار، ته دشمن ڪو نه ڌار.
144.         ڪارو ٻڌ ڪمري سان، رنگ نه مٽائي ته اوساڻ ضرور ڏي.
145.         ڪانگ کي پيلا هجن ها ته اڏامندي نظر اچن ها.
146.         ڪانگ کي ڪوڏي ٿئي ته سمنڊ تري.
147.         ڪتا ڀؤنڪندا رهندا، فقير پنندو رهندو.
148.         ڪتو به کائجي، ڪک به نه ڀرجي.
149.         ڪتو مري نانَ لاءِ، ماڻهو مري شانَ لاءِ.
150.         ڪتي جي وات ۾، هڏي ڀلي.
151.         ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا.
152.         ڪڃر ٿا ڪاڄ ڪن، ڀڙوا ٿا ڀت کائن.
153.         ڪڃر ٿا لٺيون هڻن، خيرپور ٿي خالي ٿئي.
154.         ڪڏهن ڪاڄ ڦٽي، ڪڏهن راڄ ڦٽي.
155.         ڪم لٿو، ڪاغذ ڦاٽو.
156.         ڪنن جي ڳالهين، مير مارايا.
157.         ڪني اڀامندي، پنهنجا ڪنا کائيندي.
158.         ڪني آڱر، وڍي چڱي.
159.         ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي.
160.         گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي ٿو کٽا.
161.         گڏھ ساڳيا، آٿر ٻيا.
162.         گڏهه ڏسي، گوڏا ٿڪجي پيا.
163.         گھر جو پير، چلهه جو مارنگ.
164.         گھر غريباڻو، شوق شاهاڻو.
165.         لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي.
166.         لٺ کڻجي ڀاءُ پاران، شاهدي ڏجي خدا ڪارڻ.
167.         لٺيون جھلي ڀولڙو، کٽيو کائي فقير.
168.         ماءُ مري ڌيءُ لاءِ، ڌيءُ مري ڌڪن لاءِ.
169.         ماڇي جي پٽ، گڏهه جي ٽٽ.
170.         ماڇي نه ماڻهو، ڪتو نه مال.
171.         ماسات، مٺي ذات، ڪڪڙ ڪهه ته ٽڪان رات.
172.         مانگھ ريون، ڌٻن ڌراڙن جون ڳيون.
173.         ماڻهو مرن، پر مجيجي نه مرن
174.         ماڻهو مئو، وزن جي خبر پئي.
175.         ماين کان جنڊ ويا، مڙسن کان پنڌ ويا.
176.         مائي جي مار، سار نه سنڀال.
177.         مٿي الله، هيٺ ملاح.
178.         مرشد پٽ نه ڏيندو ته زال نه کسيندو.
179.         مڙس ته ڦڏو، نه ته آهي جڏو.
180.         مڙس لاءِ ناڻو، اٺ لاءِ لاڻو، گھوڙي لاءِ داڻو، (محبوب لاءِ ماڻو).
181.         مڙس، ماڻهو جي خون مان ڇٽي ويندو پر ڀاڙيي جي ڀيل مان نه ڇٽندو.
182.         موالين رکيا روزا، ڏينهن به ٿيا وڏا.
183.         مون ڀانيو فقير، پر بازن کان بڇڙو.
184.         مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو ٽمي ڇهه پهر.
185.         نادان دوست کان، داناءُ دشمن ڀلو.
186.         نانگ جو ڏنگيل، نوڙيءَ کان ڊڄي.
187.         نانگ نڪري ويو، ليڪو پيو ڪٽجي.
188.         نانگن جي شاديءَ ۾، ڦوڪون.
189.         نانگو مئو، ڪنهن نه سئو.
190.         ناڻو، نر چتو ڪري.
191.         نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙهيا واٽ تي.
192.         نڪا گھٽتائي گھوٽ ۾، نڪا ڪمي ڪنوار ۾.
193.         نڪو جيئرن گڏ، نڪي مئن سان مقام ۾.
194.         نڪو مري، نڪو منجو ڇڏي.
195.         ننڍو ٻار، مڇ جو وار.
196.         ننهن آئي کائي نه لاٿس، ڌي آئي پائي نه لاٿس.
197.         نيت بد، مانيءَ جو اڌ.
198.         نيت بد، ويران وير وڌ.
199.         نينگري به ننڍي، جمعا به گھڻا.
200.         هٿ نه وجھجي سر ۾، نانگ نه وجھجي ور ۾، ڌاريو نه آڻجي گھر ۾، (گھوڙو نه ٻڌجي در ۾، چئني مان چڱائي نه ٿيندي.)
201.         هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ته ڏس رحيم ڏنو ڪاڻو.
202.         هڪ بکيو، ٻيو ڏکيو.
203.         هڪ ڏينهن مهمان، ٻئي ڏينهن بلاءِ جان.
204.         هڪ سج، ٻه پاڇا.
205.         همراھ هنگڻ ڇڏيو، رڳو پڇو اندر وڃي.
206.         هڻ ڌيءُ کي، سکي ننهن.
207.         وات کائي، اکيون لڄائين.
208.         واڻيو ۽ ماڪوڙو، ڪڏهن به آرام نه ڪندو.
209.         وڇ ڪڏي، ڪلي تي.
210.         وڏا واڪ نه ڏي، بندو بي ايمان آهي.
211.         وڏي عمر جي شادي؛ پاڙي جو سک.
212.         يڌي به جهان خان، هلو به جهان خان ڏي.
هي مون جيڪي پهاڪا ۽ چوڻيون لکيون آهن، سي ٻن ڏينهن ۾ ياد لکيون آهن. ڪنهن به ڪتاب يا رسالي تان مدد نه ورتي وئي آهي. ان ڪري ڪجھ جملن جي گھاٽي واڌي، ممڪن آهي.
آخر ۾ آئون محترم انجنيئر عبدالوهاب سهتو کي مبارڪباد ڏيندس، جنهن هن خشڪ موضوع کي هٿ ۾ کڻي، سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ، ڪمر بسته ٿيو آهي. منهنجي دعا آهي ته پاڻ اهڙي خدمت جاري رکن. اها ئي وقت جي ضرورت ۽ قوم جي گھرج آهي.

[حڪيم يوسف کتري صاحب جن جي وڏي مھرباني جو راقم جي محنت تي نظر ڦيريائون ۽ پنھنجي نقطه نظر کان آگاھ به ڪيائون. اڄ جي دور ۾، پنھنجي گوناگون مصروفيتن منجھان چند گھڙيون سيڙائي، ڪتاب پڙھيائون. بقول سندن؛ ”هيءُ ڪتاب، مون انتهائي دلچسپيءَ سان هر هر پڙهيو آهي.“
ان بعد پنھنجي خيال جو اظھار ڪرڻ لاءِ، سندن راءِ آھي ته؛ ”انهيءَ ۾ خوبين سان گڏ، رڳو خاميون نه پر ڪوتاهين جو به ذڪر ڪندس. انهيءَ لاءِ ته موضوعاتي لحاظ سان، نه هئڻ برابر خاميون آهن، پر ترتيب جي لحاظ سان، مون کي ڪافي ڪوتاهيون نظر آيون آهن. جن جو ذڪر به ڪندس.“
آخر ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي پھاڪن ۽ چوڻين جي وچور پڻ ڏني وئي آھي ته جيئن مؤلف آئندھ واري ايڊيشن ۾، اگر چاھي ته، واڌارو ڪري سگھي.
اھي اندراج ۲۰۷ نه، بلڪ راقم جي ڳڻپ واري حساب سان ۲۱۲ آھن. ڪن پھاڪن تي نمبر ڏيندي ڀول ٿيل آھي. جيڪي مٿي الفابيٽ ترتيب ڏيڻ بعد، ڪمپيوٽر جي مدد سان ڳڻي انگيا ويا آھن. ياد رھي ته ڪمپيوٽر اندر سنڌي الفابيٽ رکڻ جو پروگرام ڪونھي. لھذا اردو الفابيٽ ترتيب تحت رکيا ويا آھن. سنڌيءَ واري ترتيب، ھاڻي ٺاھڻ آسان رھندي. گھڻا تڻا اندراج، پھاڪا ۽ چوڻيون آھن. باقي ڪجھ اھڙا آھن، جيڪي يا اصطلاح آھن، يا ورجيسون آھن يا موراڳو ورجيسي جملا / گفتارون آھن. اھي ڇنڊ ڇاڻ، ترتيب ۽ وضاحتن بعد لاڙي پھاڪن/چوڻين جي ڪتاب جي ايندڙ ايڊيشن اندر، نئين باب طور يا وڌايل مضمون طور، ڪتب اچي سگھن ٿا. واضح رھي ته جيڪا حڪيم صاحب مٿي وچور ڏني آھي. ان وچور اندر سٺ جي لڳ ڀڳ اھڙيون داخلائون به آھن جيڪي راقم جي نظر منجھان اڳي ڪڏھن به نه گذريون آھن، جنھن لاءِ، راقم حڪيم صاحب جو، خاص طور تي مشڪور رھندو. (انجنيئر عبدالوھاب سھتو)]

No comments:

Post a Comment