ادل سولنگي
دنيا دم درياءُ
دادلي ناصر زهراڻيءَ جو سماجڪ اِتهاس جي پس
منظر ۾ لکيل ناول مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي. سنڌ ڌرتيءَ مٿان هزارين سالن کان ٿيندڙ
ڪاهُن، حملن، چڙهاين، سازشن، ڏاڍين، غدارين ۽ اُرهه زوراين جي وارتائن جي پس منظر
کي بيان ڪندڙ شاهه سائين جي هنن آفاقي سٽن سان هن ناول ”دنيا دم درياءُ“ جي ارپنا ڪندي
ليکڪ لکيو آهي ته:
مٺڙي جيجل سنڌ! تنهنجي اڻ کٽ دردن جي نالي!
هيءُ ناول اٺن بابن ۾ ورهايل آهي، هن ناول
لکڻ ۾ ليکڪ جي مٿان ڪيترن ئي فرضن، ڪيترن ئي قرضن ۽ ڪيترن ئي دردن جو عمل دخل ۽
بارُ محسوس ٿئي ٿو. هن ناول کي سنڌ جي موجوده سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال جو گڏيل
دستاويز چئي سگهجي ٿو.
سنڌ ڌرتيءَ سان سياسي اُرهه زورائي ۽ ٻه
اکيائي جي حوالي سان مختلف وقتن تي سياستدانن ۽ بيورو ڪريٽن جي اندر ۾ پلجندڙ نفرت
به هن ناول ۾ ٻڌائي وئي آهي.
سردار ولڀ ڀائي پٽيل جا چيل لفظ، لياقت علي
خان جا چيل لفظ، جنرل پرويز مشرف جا چيل لفظ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم
جا چيل لفظ، سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ سندن سوچ
۽ رويو پڌرو ڪن ٿا، جن کي ناول نگار پنهنجي ليکي، دستاويزي شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو
آهي.
سنڌ ۾ ”غيرت مند، اَرڏن ۽ اڙٻنگ سِرن جو
مقدر مقتل گاهه ئي هوندو آهي“
”مال غنيمت صرف جنگين جي ميدان
مان ئي حاصل نه ٿيندو آهي، هن دنيا ۾ هر پهچ وارو انسان بي پهچ، يتيم ۽ غريب کي
مال غنيمت ئي سمجهندو آهي“.
چاليهي جي ڏينهن ۾ اُتر سنڌ ڪچڙي منجهند جو
ائين ويران ٿي ويندي آهي ڄڻ ته رڳو ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ جو آواز بلند ڪري مدد خان پٺاڻ
جي لشڪر جي آمد جو اطلاع ڏنو ويو هجي.
عجب دنيا آهي سنڌ سيڪريٽريٽ، پٽيوالي کان وٺي
سيڪريٽري تائين، خواهش سڀني جي کيسا ڀرڻ آهي، مها بي ايمانن کي ايمانداريءَ جو
چولو پاتل هوندو آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ”سنڌ
جي نالي“ ۾ واپار ڪيو ويندو آهي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ايمانداريءَ کان سواءِ
باقي هر شئي موجود هوندي آهي، سيڪريٽريٽ جي دروازي واري مسجد خلاف توقع آفيس جي ٽائيم
تي نماز وقت ائين ڀرجي ويندي آهي ڄڻ اڄ دنيا جو آخري ڏينهن هجي، لُٽ، ڦر جا
شهنشاهه عوام جي ڳوڙهن کي پنهنجي جوتن جي پالش سمجهندڙ ڊگها ڊگها سجدا ڏيندا آهن.
ڀرا صوفن ميڪون نه مار، موران تيڏي اي،
موران تيڏي اي، ميڪون نه مار، موران تيڏي اي… هڪ پيار تي شڪاري باز جي لامارن جي درد ڀري دانهن.
پيڙا، ۽ اها به موت جي پيڙا عجب آهي. دراصل
موت جي پيڙا انسان ۾ زندگيءَ سان اُنس پيدا ڪندي آهي ۽ موت جو تصور انسان ۾ جيئڻ
جو اُتساهه پيدا ڪندو آهي.
”مِهران“ جي سڀني وصفين سهڻي ۽
سگهڙ ڪردار کي کڻي، ناول نگار لوڪ ڪٿا جي انداز ۾ آهستي آهستي، اسان جي چئوطرف پکڙيل
سماجي براين وارين ٻهراڙين، انهن ۾ ٿيندڙ اجهاڳ ناانصافين، ڏاڍين، ناسهپن، ناڪامين،
نااميدين، انائن، انتقامن ۽ اهڙين اهڙين اُگرين ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ حقيقتن تان
پردو کڻندو وڃي ٿو، جيڪي صدين کان وٺي سنڌ جي قومي تشخص کي نڀاڳ جي نائي ٿي چُهٽي
پيون آهن، ان جي اڇيءَ اجريءَ پيشانيءَ تي بدنما داغ ٿي پيون آهن، جن جو روئڻو
لطيف ۽ ان کان اڳ به سچن قلمڪارن رنو، هو ته اڄ دادلي ناصر زهراڻيءَ جو قلم به
روئي رهيو آهي، ۽ هن جي قلم جي نِبُ مان بي اختيار هي جيڪو سچ جو نُور نروار ٿي
رهيو آهي، اهو پنهنجي روشنيءَ سان اسان جي اڄوڪي جيوت کي انسان جي تاريخ کان اڳ
واري وحشي دور سان ڳنڍي مرن کي ماٺ ڏياري ٿو ڇڏي.
هي ناول، لوڪ ڪٿائي انداز ۾ لوڪ ادب جي قديم
داستانن جيان، نهايت ئي لوڪ داستانن جي ويجهو محسوس ٿيندڙ سماجڪ ۽ رومانوي ناول هجڻ
جو ڏيک ڏئي ٿو. ناول ۾ فڪري گهرائي جي حوالي سان لوڪ ڪٿائون ۽ چونڊ شاعري مُهل ۽
موقعي تي خوب ڪتب آندل آهي، فني مهارت سان ناول جي اُڻت، سٽاءُ ۽ ترتيب رکي وئي
آهي، جنهن مان ليکڪ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، اقتصادي، علم، تجربي، مشاهدي جي ڄاڻ
به پلئه پوي ٿي. هن ناول ۾ مُهڙ کان وٺي، آخر تائين ڳوٺاڻا ڪردار، موچي، ڪينسر، ڪرپشن،
زندگي، موت، سونهن، علم، ادب ۽ تصوف جون روايتون گڏ گڏ هلنديون رهن ٿيون.
غريب جي جواني، خوشي اچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي
ويندي آهي ۽ غريب جي جنازي جي تياري ڄمڻ سان ئي شروع ٿي ويندي آهي، جهڙا جملا به
هن ناول ۾ آهن.
هڪ غريب شاعر موت جي دروازي تي هو، موت جيڪو
سندن اڱڻ اجاڙي ڇڏيندو.آڪهه کي رولي ڇڏيندو، سندس ٻار يتيم ٿي غربت جي اڻ کٽ بار
هيٺان دٻجي ويندا. هن جي شاعريءَ جو مجموعو ڇپائڻ جو خواب وکري ويندو. هو بي يارو
مددگار تڙپي تڙپي مري ويندو. هو جيڪو ادبي سنگت جو روح روان هو، پر ستم ظريفي اها
هوندي ته، ادبي سنگت سندس شعري مجموعو ڇپرائڻ يا سندس ورسي ملهائڻ ته پري جي ڳالهه
ٿي، سندس موت تي ڪو ٺلهو تعزيتي بيان به جاري نه ڪندي.
اديبن مان ڪو سندس اچي اولاد جا ڳوڙها اگهڻ
ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪو سندس تڏي تي ٻه وکون کڻي به نه ايندو ڇو ته هو غريب
شاعر هو. سنڌ ۾ غريب شاعر ۽ ڪاري ڪري ڪٺل جو موت هڪجهڙو هوندو آهي، ٻئي ڪفن لاءِ
محتاج، ٻئي پنهنجي ڪُلهن تي بار، هي پئر ان شاعر خير بخش خيراڻ بابت آهي جيڪو ڪينسر
جي بيماريءَ سان گڏ، ادبي سنگت جي ساڙولن جي ساڙ جو شڪار به رهيو هو.
باڊهه جو آ مائو ڀلو،
خيرو موچي کائو ڀلو.
ادبي سنگت جي انهن ساڙولن ڪردارن نه رڳو
ادبي سنگت جي ٻين خيري جي ساٿين سنگتين سان ساڳي، اڻ سهپ واري روش رکي پر هن شاعر
جي تڏي تي وڃي تعزيت به ڪانه ڪيائون ۽ هن جي ادبي ڪم جو ته ڪو به قدر نه ڪيو پر
سندس ورسي ملهائڻ کان به مختلف اٽڪلون، بهانا ۽ سازشون ڪندي نابري واري ادبي سنگت
جي انهن پاڻ مرادو روشن خيال ۽ ترقي پسند انهن سنگتين ته دنگ ڪري ڇڏيو هو، جو، سنڌي
ادب/ لوڪ ادب ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي تعزيتي گڏجاڻي اهو
چئي نه ڪوٺائي هئي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سرڪاري ۽ رجعت پسند ليکڪ هئو. توڙي جو
ادبي سنگت جي مرڪز ٽي ڏينهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي سوڳ جو اعلان ڪيو هو،
پر ادبي سنگت جي ساڙولن مرڪز جي اهڙي اعلان خلاف عمل ڪيو هو.
ادبي سنگت ۾ اهڙن ماڻهن جي گهڻائي آهي، جيڪي
انساني قدرن جي پاسداري ناهن ڪندا پر اهي نظرياتي دوستي ۽ دشمني پاڙڻ لاءِ موقعي ۽
مَهل جي تاڙ ۾ هوندا آهن، اهڙي نموني هي يار سائين ديدار جي لاڏاڻي مهل به ڪفن ڪُلهي
تي کڻي اچي سندس تڏي تي پهتا هئا ۽ وارثن کي چيو هئائون ته سائين، اسان جو نظرياتي
دوست هيو ۽ اسان سندس نظرياتي وارث آهيون.
*مظلوم، بيوس، لاچار انسانيت جي
بار بار ورجايل ڪهاڻي اڳتي وڌي، طاقت ڪمزور کي ڪچلي ڇڏيو، وحشت اسپين جي مست ڍڳي
جيان ڊوڙڻ لڳي، گل مرجهائجي و يو.
”دنيا ۾ درياءُ“ ناول ۾ ڪيترائي
اڻ ڳڻيا سوال ڪيا ويا آهن، جن کي پنهنجي جوابن جي ڳولا ۽ انتظار آهي.
No comments:
Post a Comment