رکيل مورائي
نامياري محمد علي پٺاڻ جو نئون شاعراڻو ڪتاب
مون کي آهه اٿاريو
سنڌي شاعرن جي ڊگهي فهرست ۾ محمد علي پٺاڻ نمايان طور ڳڻائڻ جهڙڻ نالن مان هڪ
آهي، جيتوڻيڪ هاڻ محمد علي پٺاڻ فقط شاعر
نه آهي، سندس کاتي ۾ نثر جون به چڱيون
تخليقي صنفون شامل آهن، ان ڪري هو شاعر به آهي، ته اديب به!
سنڌي ادب کي هن گهڻن رخن کان شاهوڪار ڪيو
آهي، اهو سچ آهي،۽ اڄ جي تاريخ تائين هو پنهنجي ان ادبي ڪرت کي لڳل آهي، جنهن ۾ هن
ڪڏهن به ٿڪجي ويهڻ جو احساس نه ڏنو آهي، البت ڪيترن ئي ٿڪجي ويهي رهيل دوستن کي هن
نئون اتساهه ڏنو آهي، جيڪو سندس پهلو به ساراهڻ جهڙو آهي.
اڄ تائين محمد علي پٺاڻ جو آخري شاعراڻو ڪتاب ”مون کي آهه اٿاريو“ آهي، جيڪو تازو ئي مارڪيٽ
۾ آيو آهي. سندس جيئن ته ادب ۾ سگهاري سڃاڻپ موجود آهي، ان ڪري سندس ڪتاب ڌيان سان
پڙهيو ويندو، ان ۾به ڳالهيون نه آهن.
محمد علي پٺاڻ سنڌي شاعريءَ جي سڀني باريڪين
تي اک رکندڙ شاعر آهي، ان ڪري سندس شاعري پڙهندي درياءَ جي رواني وارو احساس محسوس
ٿيندو آهي، هن شاهه سائينءَ کي ڌيان سان پڙهيو آهي، ان ڪري وٽس ڪلاسيڪل ٻوليءَ جو
رچاءَ آهي، هن پنهنجي دور جو ادب پڙهيو آهي ۽ پڙهندو رهي ٿو، ان ڪري اڄ جي لهجي
کان بخوبي واقف آهي، سندس شاعريءَ ۾ نه رڳو اڄ جي ٻولي آهي، پر اڄ جي ٻرندڙ سنڌ جي
گرمي به موجود آهي، اڄ جا مسئلا به سندس اظهار ۾ موجود آهن، سندس شخصي احساس سندس
شاعريءَ جي هر سٽ مان ليئا پائيندا آهن، خاص طور سندس اظهار ڪنهن به ابهام کان ڪوهين ڏور آهي، اهو سنڌ جيان سندس من جيان صاف ۽ شفاف آهي، جنهن ڪري سندس شاعري پڙهڻ ۽ ٻڌڻ
جو لطف هر گهڻ پڙهيو ۽ ٿور پڙهيو شخص/ پڙهندڙ
هڪجيترو ماڻي سگهندو آهي.
سچ اهو به آهي، ته محمد علي پٺاڻ جي شاعري
روح مان نڪتل اهڙي رڙ هوندي آهي، جيڪا ان ئي تيزيءَ سان سفر ڪري، پڙهندڙ/ٻڌندڙ جي
روح ۾ هڪ خنجر جيان چڀي ويندي آهي، هن جو هر شعر معصوم، سڌو سادو ۽ ڪنهن به نماءَ ۽ مصنوعيت کان جي اثر کان پاڪ آهي، ان ڪري
اهو پيار ڪرڻ جهڙو لڳندو آهي، سندس ٻولي، ان جا مهاورا ، ٿشبيهون ۽ تمثيلون سنڌ جي
مٽيءَ جيان نج نبار هونديون آهن، ساڳئي وقت سندس اظهار جي قوت به سندس شعرن مان ڏسي
سگهي آهي، ڪنهن به ڏک تڪليف ۽ پيڙا جو احساس جيئن ڪنهن نفيس شخص جي چهري مان
ظاهر ٿيندڙ آهي، ائين محمد علي پٺاڻ جي
شعرن مان به ظاهر ٿيندو آهي.
هونئن محمد علي جو چهرو يا ورتاءَ اهڙو
احساس گهٽ ڪرائيندا آهن، ان ڪري منهنجو خيال آهي ته تخليق مان ئي تخليقار جي حقيقي
درد / ڏک / پيڙا يا خوشيءَ/ حاصلات / اتساهه جو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو،
ائين محمد علي جي پرک به سندس تخليقن مان وڌيڪ ڪري سگهجي ٿي، ممڪن آهي، ته ڪن پڙهندڙن
کي ائين محسوس نه ٿيندو هجي.
ڪيئن به محمد عليءَ جو هيءَ ڪتاب ”مونکي آهه
اٿاريو“ پنهنجو قديم / ڪلاسيڪل ۽ جديد / نئون گڏيل احساس ۽ ان جو اظهار کڻي آيو ۽ سندس اڳين رچيل تخليقن
کان ڪجهه الڳ به ! ۽ پڪ سان جڏهن به ۽ ڪوبه
تخليقڪار ڪجهه به الڳ ڏيڻ لڳندو آهي ته ڪيتريون ئي، اميدون جاڳائيندو آهي، پنهنجي
همعصر ادب ۾، جيتوڻيڪ مجموعي سنڌي ادب مان ڪجهه ”الڳ“ ملڻ جون جيتريون اسان
اميدون رکيون آهن، اوترو الڳ / نئون نه ملي رهيو آهي. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪجهه چڱو
ملي وڃي ٿو ته تسڪين ڏئي ٿو ۽ اميد جون دامن ڪنهن به طرح ڇڏي ڏيڻ ٺيڪ نه آهي، پوءِ
به ڪڏهن سچ سان مهان منهن ٿيڻ ۾ حرج ڪونهي، ڀلي اهو سچ مايوسي ڏئي، پر ڪو رستو به
ته ڏيندو!
محمد علي پٺاڻ جو نئون ڪتاب ”مون کي آهه
اٿاريو “ پڪ سان مايوسيءَ ۽ اُتساهه جي وچ تي هڪ پل آهي، تخليڪار ڪنهن به ڇيڙي تي
هجي کيس مايوسي کان دور رهڻ کپي، اهو ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، سنڌي شاعري اڳتي وڌي
ايندي اهڙي اميد محمد علي پٺاڻ جهڙن ڪوتاڪارن مان ته اوس رکي سگهي ٿي، هڪ سئو ڇٽيهن
صفحن جو هيءُ شاعري جو ڪتاب مارئي پبليڪيشن
ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو ملهه 2 سئو رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment