24/12/2017

سنڌو پيرزاده جو شعري مجموعو ”اداسي“ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

رياضت ٻرڙو
سنڌو پيرزاده جو شعري مجموعو ”اداسي“

ايڪويهين صديءَ جي جديد سنڌي شاعرائن جا، جيڪي نانوَ روشن ستارن مثل، سنڌي شعر ۽ ادب جي آسمان تي جرڪي رهيا آهن، تن ۾ هڪ رنگارنگي ستاري ”سنڌو پيرزاده“ جو به سهڻو واڌارو ٿيو آهي، جنهن جي شاعريءَ جو مجموعو ”اداسي“ چَوڏسا پنهنجي فڪر ۽ فن جي ندرت جا ترورا پکيڙي رهيو آهي:
گيت ڪوئي ڳائڻ لاءِ دل ۾ چاندني آهي،
تو کي گنگنائڻ لاءِ دل ۾ چاندني آهي. (سنڌو)
 اِها ’چاندني‘ ان جذبي، ان اُڇل جو نالو آهي، جيڪو من ۾ موجود سنسار کي مَوجزن ڪري رهيو آهي، جنهن سان دل ۽ دماغ ۾ گيت گونجي رهيا آهن، جيڪي پنهنجي اظهار لاءِ آتا آهن. هيءُ سنسار، هي جذبا، هيءَ چاندني، اِهو سڀ ڪجهه جنهن هستيءَ لاءِ ’سنڌوءَ‘ جي سوچن کي ساگر جي لهرن جيان پکيڙي رهيو آهي اها ’تون‘ آهي. ’تون‘، جنهن کي بيان ڪرڻ هر شاعر، هر اديب، هر محبت ڪندڙ انسان جي لاءِ سهنجو نه آهي. ’تون‘ هڪ جستجو ۽ هڪ آرزو آهي. ’تون‘ اُها ڪيفيت آهي جيڪا جيءَ اندر واسو ڪيون ويٺي آهي، جنهن کان سواءِ اسان کي پنهنجو پاڻ اوپرو محسوس ٿيندو آهي.

هي تنهنجي ياد جا
آوارا بادل هِن،
يا ڪائي جستجو آهي
جيڪا مون ۾ سمائي آ! (سنڌو)
سنڌو پيرزاده ڀاڳوند آهي، جو سندس چوڦير خيالن جون خوبصورت دنيائون موجود آهن. انهن منجهان مکيه دنيائن ۾ هڪڙي سُندر دنيا ستار پيرزادي جي آهي، ٻِي رم جهم دنيا رحمت پيرزادي جي آهي، ٽين موهه ڀري دنيا سائين مير محمد پيرزادي جي آهي، ۽ چوٿين سونَ روپي معصوم دنيا سونوءَ جي به آهي. اهڙين علم، ادب ۽ محبت ڀَرين دنيائن منجهه سنڌو پيرزاده به هڪ نئين دنيا دريافت ڪري ورتي آهي جيڪا ردم سان ڀرپور آهي ۽ جنهن ۾ ڏات ۽ ڏانوَ جا چنڊ ۽ ستارا پنهنجين حسناڪين جو اظهار ڪري رهيا آهن:
منهنجي اندر ۾ هاڻي
اوندهه رهي نه آهي،
ڪنهن ياد جا ستارا
روشن رهن ٿا سارا
ڪيڏو وشال چاهتَ
جو آسمانُ آهي-
پر ذات منهنجي ساري
ڪو صبح جو ستارو! (سنڌو)
سنڌو پيرزاده جي خوبصورت ۽ پُختي شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”اداسي“ ڇپيو آهي، ته اهو اداسيءَ بدران سرمستيءَ جو خُوبتر احساس کڻي آيو آهي. اها ان ’اداسي‘ جي ڪاميابي آهي، ته منجهس سرشاري سمايل آهي، جيڪا سنڌوءَ جي سرجيل غزلن، نظمن، گيتن، دُهرين، نثري نظمن، وائين ۽ سانيٽن جي صنفن ۾ بخوبي اوتيل آهي. ”اداسيءَ“ جو مهاڳ نامور شاعره روبينه ابڙو لکيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌو پيرزاده جي شاعريءَ کي روح مان ڦُٽي نڪتل سڏيو آهي. هوءَ لکي ٿي: ”سنڌوءَ وٽ سندس هر صنف جو پنهنجو هڪ باغ آهي ۽ هر باغ کي پنهنجي بهار رت آهي، هر صنف جو پنهنجو شانُ ۽ مانُ آهي، لطف آهي، مزو آهي.“
هن سهڻي شعري مجموعي ۾، سنڌي شاعريءَ جي اهم نانوَ امداد حسينيءَ جو لکيل ليک ”آس پاس رهندڙ شاعري“ به شامل آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي: ”سنڌو جي شاعريءَ ۾ سانوريون سانجهيون، جدائيءَ جون ڊگهيون راتيون، تپندڙ ٻپهريون، پيلن پنن جيان ڇڻندڙ پل، پهر، رٺل رُتون، مُٺل مندون، دوريون، مجبوريون آهن. انهن موضوعن کي هُن تنهائيءَ، اداسيءَ ۽ ياد/سار جي تاڃي پيٽي تي اُڻيو آهي.“
مان سنڌو پيرزاده کي هيءُ سهڻو شعري مجموعو رَچڻ تي دل سان واڌايون پيش ڪريان ٿو، ان اميد سان ته هوءَ پنهنجِي شعرِي دنيا ۾ سهڻن شعرن سان چنڊ ۽ ستارن جو اضافو ڪندي رهندي.

No comments:

Post a Comment