30/07/2020

ڪهاڻي ڪتاب ”ڀانڊارو“ جو اڀياس - مختيار چنو (Mukhtiar Chano)


مختيار چنو
ڪهاڻي ڪتاب ڀانڊارو“ جو اڀياس

نيٺ انتظار ختم ٿيو. ڀانداري ڀڄڻ سان سڀ راز پڌرا ٿي پيا.
ڀانڊارو ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب آهي. سَو سٺ صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ ننڍيون وڏيون 27 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب سنسار پبليڪيشن اينڊ پرنٽرس ڪراچي ڇپرايو آهي.
ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار
طارق قريشي لکيو آهي. بيڪ پيج ڪهاڻي جي شهزادي ضراب حيدر لکيو آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر، فرزانہ شاهين، سامي ميمڻ، مير عباس ٽالپر، جمشيد زهراڻي ۽ مرتضى ناريجو ڪتاب، ڪهاڻي جي فن فڪر ۽ ڪهاڻيڪار جي شخصيت مطلق لکيو آهي.
روايتي طور تي ڪتاب جي پبلشر، ”پبلشر نوٽ“ جي شروعات پراڻي بحث کي ڇيڙڻ سان ڪئي آهي.
اسلم کٽياڻ پبلشر نوٽ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي ڪهاڻي مري وڃڻ وارو بحث هاڻي وقت جي دز ۾ لٽجي چڪو آهي. ڪهاڻي کيتر ۾ هر آئي ڏينهن نت نوان تجربا ٿي رهيا آهن. جيڪي ڪهاڻي کي نہ رڳو ڏيھ پرڏيھ ۾ بہ پاڻ مڃائڻ جو جوهر ۽ سگھ رکن ٿا.“

جڏهن ناميارو ڪهاڻيڪار نسيم کرل قبائلي جهيڙن ۾ قتل ٿي ويو. ان صدمي ۾ هڪ وڏي ڪهاڻيڪار بي ساختا چيو هو تہ ”سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي.“
لفظن ۾ ڪيتري حقيقت هئي يا آهي. پر سچ اهيو آهي تہ انهن لفظن وڏي اهميت اختيار ڪئي آهي. اڄ تائين جڏهن بہ سنڌي ڪهاڻيءَ تي بحث ٿيندو آهي. ڪهاڻي جو نئون ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندو آهي. اهي لفظ هڪ دفعو ٻيهر جيئرا ٿي پوندا آهن. هي بحث ختم ناهي ٿيڻو.
جيتوڻيڪ ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻي جي ڪتاب ”ڀانڊارو“ جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪار طارق قريشي ئي لکيو آهي. هر لکڻي جي پنهنجي سائٿ هوندي آهي.
ڪهاڻي ڇا آهي؟
ڪهاڻي ڪيئن لکبي آهي؟
دنيا ۾ ڪهاڻي ڪيئن/ڪهڙي لکي وڃي ٿي؟
انهن جوابن لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب ۾ ڪيئي ڪتاب هوندا. ڳولڻ سان ڪيترائي حوالا ملندا. سڀ ڇڏي ڪري نامياري ڪهاڻيڪار ضراب حيدر جي ڪتاب ”حيدرآباد“ جو مهاڳ پڙهي ڇڏجي، جيڪو طارق قريشيءَ لکيو آهي. هڪ، ٻہ، ٽي ۽ ان کان بہ وڌيڪ دفعا پڙهڻ لاءِ، اوهان جي دل چوندي. پڙهڻ سان ڪهاڻي جي دنيا اوهان جي آڏو کلي پوندي.
ھتي وڏي بحث کان بچڻ لاءِ مان ڪهاڻي لاءِ رابرٽ فرسٽ (1963_1874) جا لفظ ورجائيندس، جيڪي ھن سٺي ڪهاڻيءَ جي ڪسوٽي جاچڻ لاءِ چيا آهن.
”ڪهاڻي لکڻ وقت جيڪڏهن ليکڪ جي اکين ۾ ڳوڙها نہ آهن تہ پڙهڻ واري جي اکين ۾ بہ ڪو نہ هوندا.“
اچو تہ رابرٽ فسٽ جي چوڻي جي پس منظر ۾ جيجي ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين کي جاچيون.
هتي سندس ڪتاب ڀانڊارو ۾ آيل ڪهاڻين جا ڪجھ ٽڪرا ڏجن ٿا. پڙھندڙ پاڻ فيصلو ڪن، ڇو تہ آرٽ خود ڳالهائيندي آهي. آرٽ کلائيندڙ آهي. آرٽ روئاريندي آهي.
* نياڻي:
مجموعي جي پهرين ڪهاڻي آهي. عورت دنيا جي خوبصورت تخليق آهي. ان ڳالھ تي سڀ متفق آهن. اسان جي دين مطابق نياڻي رحمت آهي. پر جُڳن کان مرد نياڻيءَ جي ڄمڻ، پنهنجي بي عزتي سمجهندو آيو آهي. ٻئي طرف ساڳيو مرد خوبصورت زال جي طلب ڪندو آيو آهي.
مقدس دين کي پنهنجي مطلب، مفاد ۽ ضرورت لاءِ استعمال ڪندو آيو آهي.
جديد تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بہ ان فرق، ان سوچ کي مٽائي نہ سگھي آهي.
ياسمين چانڊيو جي هي ڪهاڻي ان پسمنظر ۽ سوچ کي ريپريزنٽ ڪري ٿي. جيتوڻيڪ ڪهاڻي جو موضوع روايتي آهي. پر ڪهاڻيڪار جي اسلوب، پيشڪش ۽ ٻوليءَ جي خوبصورت استعمال ڪهاڻي ۾ ساھ وجهي ڇڏيو آهي.
ھتي ڪهاڻيءَ جون ڪجھ سٽون ڏجن ٿيون.
صفحو...................................... 40
”زيبوءَ جا پِيءُ! ڪجھ تہ خدا جو خوف ڪر ڀلا، وقفو بہ ڪر کڻي، مان روز روز ٻار ڄڻي مري پئي آهيان.“
تنهن تي پڻهنس گار ڏيندي چوندو هيس:
”شودي رن وقفي ڪرڻ سان اللہ ناراض ٿيندو. جيڪڏهن ان جي قدرت سان هٿ چراند ڪندينءَ تہ قيامت ۾ ڪارو منهن ٿيندو.“
تنهنجو بہ تہ منهنجو بہ"
صفحو...................................... 44
”ڇا ڄڻيو آهي ماڻهين؟“
زيبوچيو: ”ادڙي.....“
پڻهنس ٻڌندي ئي چيو: لک لعنت اٿس، ڀلا ماڻهين نڀاڳي ٻيو ڄڻيندي ڇا؟“
* رنڊي:
هيءَ هن ڪتاب جي آخري ۽ شاهڪار ڪهاڻي آهي. هيٺ ڏنل سٽن مان هن جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. جيجي ياسمين چانڊيو کي بہ داد ڏيڻ کان نہ رهي نہ سگهندا. ان ڪري هن ڪهاڻي سان ڪا ڇيڙڇاڙ نہ ٿا ڪريون. اوهان جي پڙهڻ لاءِ راز ڪري رکون ٿا. خود پڙهي پوءِ راءِ ڏجو.
صفحو................................... 155
هلڪو ڌڪو ڏنم ڌر کلي ويو. سامهون ڪپڙن کان آجي چاچي ۽ مٿان ماما ساجد اگهاڙا لٽيل هئا.“
”راڻي ڪنهن کي نہ ٻڌائجان تہ مان هتي علاج ڪرائڻ لاءِ آئي هيس.
منهنجي دل بہ چوندي آهي تہ تون جهڙي سهڻي ڌيءُ مون کي پيدا ٿئي. ان ڪري ساجد ماما کان علاج ڪرائڻ آئي هيس. جيڪو ڪپڙن کان بغير ٿيندو آهي.“
”اندر جهاتي پاتم تہ ڊاڪٽر عاصم جيڪو شام جو پاڙي ۾ ننڍڙي ڪلينڪ هلائيندو هو، ڪمري ۾ موجود هو. منظر ساڳيو ئي هو سامهون ليٽيل ڪپڙن کان آجي چاچي ۽ مٿان اگهاڙو ليٽيل ڊاڪٽر عاصم. مان يڪدم پوئتي موٽيس. مون کي ان ڏينهن واري چاچيءَ جي ڳالھ ياد آئي تہ ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪپڙا لاهي علاج ڪرائڻو پوندو آهي.“
* عشق آرزو، عشق التجا:
ھيءَ هڪ پيار جي شادي ڪندڙ جوڙي جي ڪهاڻي آهي.
شاديءَ کان پوءِ عورت چاهي ٿي تہ اڳ جيان هن جو مڙس ساحل هن جي خوبصورتي ۽ ادائن جي تعريف ڪري. جڏهن ساحل جي سوچ آهي. شادي ٿي ويئي آهي. هڪ گهر ۾ رهون ٿا. ان ڪري هر هر ۽ روز روز جي تعريف ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
هن ڪهاڻي ۾ ياسمين چانڊيو پنهنجي آرٽسٽڪ اپروچ سان ساحل کي احساس ڏياري تہ پيار هر وقت، هر گهڙي تجديد چاهيندو آهي. اسان جون روز جون عبادتون ان جون ڪڙيون آهن. ڪهاڻيءَ مان ڪجھ سٽون پڙهو.
صفحو...................................... 50
”عشق خدا سان هجي يا انسان سان، ان کي قائم رکڻ لاءِ هر ڀيري ۽ هر وار اظهار ڪرڻ تمام ضروري آهي.“
* ڪِني:
ڪهاڻي ڪني بہ هڪ پيار ڪندڙ جوڙي جي ڪٿا آهي، جنهن ۾ منصور ڪٿي وڃائجي وڃي ٿو. واعدو ڪري ويو هو تہ واپس ايندو. جيڪو پيار مان هن کي ڪني ڪوٺيندو هو.
پويان هوءَ انتظار ڪندي رهي ٿي.
منصور نہ موٽڻو، نہ ٿو موٽي. هڪ ڏينهن هوءَ پارڪ ۾ پنهنجي يادن ۾ گم ويٺي هئي تہ، ڪني لفظ ٻڌي ڇرڪي پوي ٿي. اهو منصور هو جيڪو پنهنجي پوٽين کي پارڪ گهمائڻ آيو هو. هڪ ڃوڪري گل پٽي رهي هئي. روڪڻ لاءِ ڪني چئي روڪي ٿو. هڪ ٻئي سڃاڻين ٿا. خبر پوي ٿي، هن پنهنجي پوٽيءَ جو نالو ڪني رکيو آهي. ڌيءَ ڪونہ هيس نہ تہ ان جو نالو رکي ها.
واپسي تي پير ٿاٻڙجي ڪري ٿو تہ هو هن کي سهارو ڏيئي ٿي ۽ منصور ھيئن چوي ٿي. سٺي ڪهاڻي آهي.
صفحو.....................................71
”ڪني! ڇو سنڀاليئي مون کي، سڄي زندگي مون زماني جون ٺوڪرون ۽ ڌڪا کاڌا آهن. ڪيترائي ڀيرا ڪريو ۽ ٽٽو آهيان. سدائين ايئن پنهنجي ڀُريل ۽ ٽٽل وجود سان جيئندو رهيو آهيان.“
* سنگ مر مر ۽ سنگ تراش:
هيءَ هيرَ ۽ سانول جي پيار جي ڪهاڻي آهي. جيڪي ڊسمبر جي هڪ سرد رات ريلوي اسٽيشن تي پٿر جي بئنچن تي ويهي گذارن ٿا. محبتن کي سارن ٿا. ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي چهرين کي پڙهڻ ٿا. هن ڪهاڻي ۾ کوڙ ساريون شاعراڻيون تشبيهون آهن. هڪ جڳھ تي هير عورت جي ڇاتين کي تاج محل گنبذن سان ڀيٽي ڪهاڻيءَ ۾ دلچسپي پيدا ڪري ٿي. ٽرينون ختم ٿي وڃن ٿيون. اهي ويٺا رهن ٿا. قلي هنن کان پڇي ٿو.
صفحو..................................... 80
هن قليءَ جي آواز تي ڇرڪ ڀريو جيڪو سانول کي چئي رهيو هو تہ ”رات جو پويون پهر بہ گذري ويو آهي. هاڻي هن اسٽيشن تي فجر کان پهريان ڪا بہ ريل نہ ايندي. توهان کي ڪٿي وڃڻو آهي، شام کان وٺي توهان ويٺل آهيو.“
تاثراتي ڪهاڻي آهي. جيتوڻيڪ پڙهندڙ کي گڏ کڻي هلي ٿي. تفريح مهيا ڪري ٿي. ڪلائمڪس سمجھ نه ٿو. ڪوئي پيغام نہ ٿو ڏيئي.
* محبت جو ڪاڪ محل:
ھي ڪهاڻي گڏ پڙهندڙ ڇوڪرين/دوستن رضيا ۽ ڪلثوم جي ڪهاڻي آهي. ٻنهي جي دوستي پورو ڪاليج رشڪ ڪري ٿو.
صفحو.................................... 101
سڄو ڪاليج سندس دوستيءَ رشڪ ڪندو هو. اڪثر جڏهن کي چوندو هو تہ: ”شادي ڪڏهن ڪنديون؟“
ھي جواب ۾ چونديون هيون تہ: ”اسان ٻنهي هڪ ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي آهي. اسان جي وچ ۾ ڪو مرد نہ ايندو. جنهن جي ڪري ڪو وڇوڙو اچي.“
ھڪ ڏينھن ڪلثوم، رضيا کي پاڻ سان يونيورسٽي وٺي وٺي وڃي ٿي. اتي پروفيسر علي کي ڏسي رضيا جي دل ۾ محبت جنم وٺي ٿي. دل هي دل ۾ هن کي چاهڻ لڳي ٿي. هن جي خيالن ۾ گم ٿي وڃي، جتي ڪلثوم کيس چئي ٿي:
”رضيہ توکي خبر آهي ته اڄ مون تو کي ڇو آندو آهي؟“
رضيہ حيران ٿيندي چيو: ”نہ!“
ڪلثوم چيو تہ : هڪ سرپرائيز...."
”ڪهڙو؟“ رضيا اتاولي ٿيندي يڪدم سوال ڪيو.
ڪلثوم چيو: ”سر پرائيز اهو آهي تہ مان ۽ پروفيسر علي ڪجھ ڏينھن ۾ مڱڻي ڪرڻ وارا آهيون.“
اهو ٻڌي رضيہ جي هٿ مان چانھ جو مگ ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو.
* من اندر مانڌاڻ:
ھي نج معاشرتي ڪهاڻي آهي. ڳوٺن ۾ ڪنوارين گهوٽن جي راضپي کان سواءِ رٿيل بي جوڙ شادين جي نشاندهي ٿيل آهي. ڳوٺن ۾ اڪثر ڪنوار کان راضپو پڇڻ والدين پنهنجي بي عزتي سمجهندا آهن. ان ڪري اڪثر شاديون دين جي اصولن مطابق ناهن هونديون. سادي سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيل بهترين ڪهاڻي آهي. پڙهڻ کان پوءِ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. اچو پڙهون.
صفحو.................................... 117
ڪيترا سال ان مرد سان سمهندي رهي، جنهن کي هن دل سان تسليم هي نہ ڪيو هو. هڪ ڏينهن هن پاڙي جي ملياڻي کان پڇو هو تہ: ”نڪاح جو مطلب ڇا آهي؟“
هن ٻڌايس تہ: شرعي حڪم تحت هڪٻئي جي رضامنديءَ سان مرد ۽ عورت جو هڪ ٿيڻ.
”پر منهنجي شاديءَ ۾ منهنجي رضامندي ڪونہ هئي تہ ڇا اهو نڪاح ٿيو؟ هن ملياڻي جيجي کان سوال پڇو.
تڏهن جيجيءَ ڪنڌ مٿي کڻي هن جي اداس نگاهن ۾ نهاري، وري جهڪائي ڇڏيو.
* يادن جي رڄ:
سگهاري موضوع تي لکيل مختصر ڪهاڻي آهي. ياسمين چانڊيو عورت ٿي هن موضوع تي دليراڻو ڪري لکيو آهي.
اڪثر ٻهراڙين ۾ شادي رات عورت کان رت اچڻ کي ڪنوراپ جي نشاني سمجهو ويندو آهي. رت نہ اچڻ ڪري ڪيتريون ئي عورتون شادي رات ئي مڙسن هٿان قتل ٿي وينديون آهن.
گهوٽ ردعمل نہ ڏيندو آهي تہ هن کي نامرد سمجهندا آهن.
صفحو.................110
”امان پڇي ٿي تہ“ الاجي ڇوڪري پھرين کان ئي ڪنهن سان کريل تہ ڪونہ هئي جو چادر تي ڪو داغ ئي ناهي.“
”صبح سويل جڏهن هن جي سس ڪمري ۾ داخل ٿي، پهرين نظر وڇايل چادر تي پيس، جنهن تي رت جا چٽا نشان هئا.
”پٽ کي خوشيءَ وچان چيو هو:
”مبارڪون هجن پٽ توکي.“
* سائيڪل وارو:
ھي بہ ھڪ جاندار موضوع تي لکيل سٺي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ بهادر ڇوڪري مرد معاشري جي خلاف وڙهي ٿي. ڪجھ ڏينھن کان ڀر واري مسجد جو ملان جوسو سائيڪل تي هن جو پيشو ٿو ڪري. جڏهن ويجهو اچي ٿو اڪيلائي ڏسي اشارا ڪري ٿو ۽ سائيڪل تان هن کي جنسي عضوو بہ ڏيکاري ٿو، جنهن ڪري هوءَ پريشان رهي ٿي. ڀو ڪري ڪنهن سان ڳالھ بہ نہ ٿي ڪڍي. هڪ ڏينهن چادر ۾ سروٽو لڪائي ٻاهر نڪري ٿي. سامهون ملان جوسو ساڳيو جنسي عضوو ڏيکاري ٿو. هي کيس سروٽو وهائي ڪڍي ٿي.
صفحو............................ 141
”سروٽي لڳڻ شرط ملان جوسو هيٺ ڪري پيو. ملان جوسي ملان جوسي جي مٿي مان رت وهي رهيو هو. کيس روڊ جي ڪناري ويهاريو پئي ويو تہ سندس قميص مٿي ٿي ويئي. ماڻهو ڏسي حيران ٿي ويا تہ ملان جوسي جو جنسي عضوو شلوار کان ٻاهر نڪتل هو.“
ياسمين چانڊيو هي هڪ بهترين ڪهاڻي آهي. عورت ٿي دليريءَ سان لکيو آهي. جس هجي جيجي کي.
جيئن تہ هي ياسمين چانڊيو جو پهريون ڪتاب آهي. مون ڪوشش ڪري ڪتاب جي سگهارن پاسن کي فوڪس ڪيو آهي. هونئن ڪو بہ ڪتاب خامين کان آجو ڪونهي.
ڪتاب ڀانڊارو جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪندي هتي مان نامياري ڪهاڻيڪار طارق قريشي جي مهاڳ جي لفظن تي اتفاق ڪريان ٿو. وڌيڪ پڙهندڙ فيصلو ڪندا.
”ڪتاب تي پيش لفظ يا مهاڳ، ذاتي تعلق جي بنياد تي لکيو ويندو آهي. زير نظر ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻين کي پڙهڻ ۽ هي مهاڳ لکڻ تائين، مون نياڻي ياسمين چانڊيو کي روبرو ڏٺو بہ ڪونهي. ان ڳالھ جو سڌو سنئون مطلب اهو آهي تہ ياسمين چانڊيو جون ڪهاڻيون ايتريون سگهاريون آهن، جو انهن تي لکڻ لاءِ ڪنهن کي ڪا بہ سفارش ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪونہ ٿئي.“

No comments:

Post a Comment