20/07/2020

حَسن پنهيار جا چُمي وارا سڀ گناھہ معاف ڪرائيندڙ ھڪ غزل - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
سواءِ چُمي جي گذارو ڏکيو آ
(حَسن پنهيار جا چُمي وارا سڀ گناھہ معاف ڪرائيندڙ ھڪ غزل)


چُمي جي حوالي سان، حَسن پنھيار جو ھي غزل، ائين کڻي چئجي تہ حَسن جي سمورن اسمن جي ھي شاھہ ڪڙي، ٻين جي مرضي، پر مون کي دل سان وڻي. ان ڪري سندس شاعري جي مختلف اسمن ۾، چمي جا بند پڙھي، جڏھن جڏھن بہ چڙ چڙھي، ھر چڙ لھي وئي، ان ڪري چمي وارا حسن جا سڀ گناھہ معاف ڪجن ٿا.
ان ھڪ غزل جي ڪري، حَسن پنهيار جا چمي وارا سڀ گناھہ ان ڪري معاف ڪجن ٿا، ڇو تہ غزل جو ھر بند، بي ڏوھي ھجڻ جو جاندار دليل آھي.
ڇا تہ حق سچ تي مبني مطلع آھي:
چُميءَ جي لذت جو مزو جنهن چکيو آ.
سواءِ چُمي جي گذارو ڏکيو آ.
مطلع کان ڪير بہ انڪار ڪري، تہ مطلع بعد ھي بند پڙھي چُپ ڪري:
امڙ جي چُمي ۽ ابي جي چُمي ڏِس،
اِنهيءَ پيار کان وڌ ڀلا ڇا رکيو آ.
امڙ ۽ ابي جي ابتدائي چُمي، جيڪڏھن تربيتي چمي چئجي، تہ غلط نہ ٿيندو. ڇو تہ چمي ڏيڻ وٺڻ بہ امڙ ابي جي ڏنل بنيادي سکيا مان ھڪ آھي. ان کان پوءِ ئي چمي جو عمل اڳتي وڌي ٿو.
نصيبن ۾ ملندو تہ مرشد جو در آ،
وتي جنهن چُميءَ هڪ سدائين سُکيو آ.
مرشد لفظ ھڪ، ان جو استعمال انيڪ معنائون، مطلب ۽ مقصد رکندڙ آھي. ان سان گڏوگڏ حَسن تي کڻي حاجي، مديني، ڪعبي جو ذڪر ڪيو آھي، پر چمي تہ ڪنھن بہ مذھب ۽ ڪنھن بہ فڪر ۾ غلط نہ سمجهي وئي آھي.
وڃن روز حاجي مديني ۽ ڪعبي،
انهن کان چُميءَ جو ڀلا ڪنهن پُڇيو آ.
صحت جي اصولن پٽاندر چمي کان وقتي پرھيز ڀلي تہ ڦَلائتو ھجي، پر جنھن تي ضابطو لاڳو ڪبو آھي، تہ ان جو اندازو موجودہ ڪورونا وبا جي صورتحال آڌر بھتر نموني سمجهي سگهجي ٿو، تڏھن، جڏھن ھي بند پڙھندا، محسوس ڪندا، سمجهندا:
ٻچن ۾ نياڻي نہ ملھ تنهن چُميءَ جو!
اهو ئي تہ رحمت جو رستو مليو آ.
اڳتي وک کڻجي، تہ دوست. ڪھڙا دوست دل وٽان چمي نہ ڏيندا نہ وٺندا؟ پڙھو:
اڃان دوست پيارا ملڻ ڪان سَڪن ٿا،
چُميءَ تي دلين جو تہ ميلو مچيو آ.
حد جي حد مقطع آھي. مقطع پڙھي سڀ شڪ شبھا، شرڪ شيطان ختم. اخلاقي قدرن جي آبياري ان کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪيئن ٿي ڪري سگهجي:
نرالي چُميءَ آ وني جي تہ مون لئہ،
تڏهن ئي تہ منزل حَسن ڪو رَسيو آ.
حَسن پنھيار، يار، سچ تہ اڄ تو دل کٽي ورتي. منھنجي طرفان چمي وارا تنھنجا سڀ گناھہ معاف.

No comments:

Post a Comment