22/07/2020

ناول ”عشق تمام بره تمام“ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
ناول ”عشق تمام بره تمام“

هي ناول ٻڌ مت جي فڪري پس منظر ۾ لکيل، عشق جو هڪ داستان آهي جنهن جو ڪئنواس سنڌ کان وٺي، لداخ، لمبيني ۽ ويٽنام تائين ڦهليل آهي. سڀ ڪردار ڪنهن اهڙي ڳولا ۾ آهن جيڪا کين شانتي ڏيئي سگھي.
هن ناول ۾ داستان گوئي جو وڏو رس ۽ چس آهي. ٻوڌي ساڌوئن جا داستان، ٻوڌي ڏند ڪٿائون، ويٽنام جون سياسي حالتون، لداخ جي ٻوڌيشالائن جا قصا، مک ڪردارن جي زندگين جو احوال... سڀني ۾ ڪنهن ڪاروان سراءِ جي قصه خواني جو ذائقو آهي.

هن ناول کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: هڪ ناول جي مک ڪهاڻي، ٻيو ٻڌ مت جي تعليم، تشريح ۽ تنقيدي جائزو ۽ ٽيو سفر نامو. هن ناول جا ڪردار پنهنجي پنهنجي ڳولا ۾ لداخ، منالي، ليھ ، نوبرا وادي، هيمس، ڪيلانگ،هندر، لمبيني ۽ سائگان ۾ وڃن ٿا ۽ اتي هو ٻوڌيشالائون گھمڻ سان گڏ، سياحت به ڪن ٿا. انهن علائقن جي حسن ۽ خوبصورتي ڏاڍي شاندار ۽ سفرنامي واري انداز ۾ بيان ڪيل آهي.
جادم ٻڌ مت سان تعلق رکندڙ سنڌي نوجوان آهي جيڪو ميرا سان بي حد محبت ڪري ٿو پر هن کي ٻڌ مت سان به ايتري ئي محبت آهي ۽ هو سنڌ ۾ ٻيهر ٻڌ مت جو اوج ڏسڻ چاهي ٿو. هڪ ڏينهن هو سنياسي ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ سڀ ڪجه تياڳ ڪري، وڌيڪ تربيت لاءِ، لداخ جي ٻوڌيشالائن ۾ داخل ٿئي ٿو. سندس زال ميرا، کيس روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿي پر هو هڪ به نٿو ٻڌي ۽ محبت کي مايا جو موه ۽ ٻوڌي سفر ۾ رڪاوٽ سمجهندي، هليو وڃي ٿو ۽ پنجن سالن تائين ميرا جي ڪا خبر به نٿو وٺي. ايتري تائين جو ميرا جي ڪنهن خط جو جواب به نٿوڏي. سندس واسطو هڪ ٻي سنڌي ٻوڌي، لطيف سان ٿئي ٿو جيڪو 1963ع ۾ ويٽنام هليو ويو هو. جادم خط و ڪتابت جي ذريعي، لطيف کان ٻڌمت جا اسرار و رموز به سکي ٿو ته ساڻس ٻڌمت جي فڪر بابت پنهنجي اعتراضن تي بحث به ڪري ٿو،خصوصي طور سنياس وٺڻ ۽ ناري تياڳ بابت هو گھڻو ڳالهائين ٿا پر جادم، ناري تياڳ جي فڪر سان سهمت نٿو ٿئي ۽ کيس ميرا کي ڇڏڻ جو افسوس ٿو ٿئي. شديد پڇتاءُ سبب، هُو ”موٽ“ کائي ٿو ۽ ميرا طرف واپس اچي ٿو. پنهنجي گهر پهچڻ کان پوءِ کيس خبر پوي ٿي ته ميرا ته کيس، ”ڳولڻ“ لاءِ گھڻو اڳ ئي نڪري ويئي هئي.
ناول جو مک ڪردار، ڪبير برطانيه مان ائنٿراپالجي ۾ ڊگري وٺڻ کان پوءِ، پنهنجي ٻن ساٿين سميت، ٻڌمت تي تحقيق ڪرڻ لاءِ لداخ وڃي ٿو. هڪ ڏينهن هو ڪنهن نوجوان ٻوڌي عورت، مينتوخ، کي يوگا جون مشقون ڪندي ڏسي ٿو جيڪا کيس ڏاڍو وڻي ٿي. هو سندس انٽرويو وٺي ٿو ۽ آخرڪار سندس محبت ۾ گرفتار ٿيو وڃي. هو مينتوخ جي ويجهو رهڻ ۽ سندس دل کٽڻ لاءِ، مينتوخ سان گڏجي ننڍن ننڍن تربيتي ڪورسن ۾ حصو وٺي ٿو. ٻيئي آهستي آهستي هڪٻئي جي ويجهو ايندا وڃن ٿا. ڪبير مينتوخ سان شادي ڪري، کيس برطانيه وٺي وڃڻ چاهي ٿو پر مينتوخ، محبت کي مايا جو ڄار سمجهي ٿي ۽ پنهنجي ٻوڌي سفر کي جاري رکڻ چاهي ٿي. هڪڙي صبح، مينتوخ، ڪبير کي ڇڏي هلي وڃي ٿي. ڪبيري کيس ڪافي ڳولي ٿو پر هو نٿي ملي. ڪبير مايوس ٿي سنڌ موٽي اچي ٿو. هو ٻيهر ۽ ٽيهر به مينتوخ کي ڳولڻ لاءِ لداخ وڃي ٿو. کيس مينتوخ ته نٿي ملي پر ان دوران سندس ملاقات، جادم سان ٿئي ٿي جيڪو لداخ ۾ پنهنجي زال ميرا جي، ”ڳولا“ ڪري رهيو هو. جادم کيس، پنهنجي ۽ ساڌو لطيف سان ٿيل خط و ڪتابت ڏي ٿو ته جيئن، ڪبير کي ٻڌمت سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. هڪ ڏينهن کيس مينتوخ جو خط ملي ٿو جنهن ۾ صرف هڪ جملو ئي لکيل آهي، ”ڪبير! تو سمجهيو؟ محبت موه جو ڄار آهي!“ خط تي لمبيني جي ائڊريس پڙهي، ڪبير جلد ئي لمبيني پهچي وڃي ٿو ۽ مينتوخ سان ملي ٿو ليڪن مينتوخ کيس گھڻي بدليل نظر اچي ٿي. هو ٻوڌي سفر جي انتهائي ڏکيي ڏاڪي يعني سنياس وٺڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي. ڪبير هن کي گھڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي محبت جا واسطا به ڏنا پر هو اٽل رهي. مٿس اهو راز به کلي چڪو هو ته مينتوخ ڪا ٻي نه پر اصل ۾ اها ميرا ئي هئي جيڪا جادم کي ڳوليندي ڳوليندي پاڻ ئي سنياسي بنجي چڪي هئي. ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، ڪبير، جادم کي اطلاع ڪري ٿو جيڪو پڻ جلد ئي لمبيني پهچيو وڃي. ٻيئي مينتوخ عرف ميرا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر بيسود. هوءَ، ڊگهي ڌيان ۾ هلي وڃي ٿي ۽ ويٺي ئي ويٺي سندس موت ٿي وڃي ٿو. هنن ٻنهي جي دلين ۾ ته ماتام هوندو آهي پر ٻوڌي دنيا پرجوش آهي ته گوتم ٻڌ جي ديس ۾ هڪ ٻوڌي ستوَ ناري جو اضافو ٿيو آهي جنهن کي نرواڻ مليو آهي.
جوسٽن گارڊن جو ناول، ”سوفي جي دنيا“ فلسفي جو سليس نصاب هو، ان وانگر، هي ناول جزوي طور، ٻڌ مت جو سليس نصاب آهي جنهن ۾ ٻڌ مت جون شاخون، ٻوڌي فڪر ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ تپسيائن جا تفصيل، ان جو تاريخي پس منظر، ان جو ڦهلاءُ وغيره دلچسپ، قصن ڪهاڻين، ڏندڪٿائن ۽ حڪايتن جي ذريعي بيان ڪيل آهي. ان سان گڏ ويٽام ۽ آمريڪا جي جنگ دوران، ويٽنام ۾ ٻوڌين سان ڪيل ظلمن جو داستان به لڱ ڪانڊاريندڙ پيرائي ۾ قلم بند ڪيل آهي. ناول ۾ ٻڌ مت جي تفهيم ۽ تشريح سان گڏ ان جوتنقيدي جائزو به ورتل آهي جنهن ۾ فاضل مصنفه، ٻڌ مت جي هيٺين شين کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي....توهم پرستي، سنياس وٺڻ ۽ ناري تياڳ.
تياڳ ڪرڻ وارا سڀ جو سڀ، محبت کي مايا جو موه چون ٿا ۽ ان کي ٻنڌڻ سمجهي ٽوڙڻ چاهين ٿا. هي ناول انهيءَ بيانيي کي انساني فطرت جي خلاف ۽ انسان تي وڏو ظلم سمجھندي، ان کي رد ڪري ٿو.
ميرا يا مينتوخ جي سنياس جي آخري حدن تائين وڃڻ ۽ جادم ۽ ڪبير جي گهري عشق کان منهن موڙڻ جي ذريعي فاضل مصنفه، ٻڌ مت جي، ”تياڳ“ واري ريت تي گهري تنقيد ۽ ان خلاف هڪ باوقار احتجاج ڪيو آهي. ساڳي طرح جادم جي، ”ناري تياڳ“ واري عمل کي پڻ نفاست سان تنقيد جو نشانو بنايو آهي. جادم، جيڪو پاڻ به هڪ وڏو ٻوڌي آهي، اهو ناري تياڳ کان پوءِ ان تي، ”پڇتائي“ ٿو ۽ سندس واپسي ئي انهيءَ ڳاله جو ثبوت آهي ته ناري تياڳ نه صرف غير فطري ۽ غير انساني آهي پر اهو معصوم محبتن جو قاتل پڻ آهي.
ٻڌ کان پوءِ ، ٻڌ مت ۾ ڪيتريون اهڙيون رسمون داخل ٿي ويون جن جي خلاف، خود گوتم ميدان تي لٿو هو. پڙهيل پاڻي پيئڻ سان شفا ملي ٿي، صراحين ۾ لافانيت جو شربت، قسمت جا ڦيٿا، جن کي ڦيرائڻ سان مرادون پوريون ٿين ٿيون، آسماني اوتار وغيره سڀ اهڙيون رسمون آهن جيڪي هندو ڌرم جي ذريعي ٻڌ مت ۾ شامل ٿي ويون جن جو حقيقت سان ڪو تعلق ڪونهي.
ڊگهي بحث جي ذريعي، مصنفه اهو ثابت ڪيو آهي ته، ٻڌ مت هڪ ڌرم نه پر فلسفو آهي.
اسان جي سڄي وايو منڊل ۾ عشق ۽ عقل جو جھيڙو متل هوندو آهي ۽ عشق کي عقل تي فوقيت ڏني ويندي آهي پر هتي فاضل مصنفه اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي آهي ته، ”جڏهن عشق، عقل بنا نروار ٿيندو ته ان ۾ اهڙا جنوني ڏيک نظر ايندا. ٻڌ مت، بحيثيت مذهب نه پر هڪ فڪر ۽ رويي طور ئي زنده رهي سگهي ٿو. ٻڌ مت کي عشق ۽ عقل ساڻ کڻي هلڻا پوندا.“ خواهشون ئي انسان جي ڏک جو سبب آهن. خواهشن کي لغام ڏجي. گوتم ٻڌ به پهرين سڀ لذتون تياڳيون هيون پر پوءِ هن ميانه روي جي ڳاله ڪئي. گھڻ هوند ۽ اڻ هوند ٻيئي خراب شيون آهن. سچ ٻن انتهائن جي وچ ۾ هوندو آهي. (ارسطو به ساڳي ڳاله ڪئي) جادم کي سچ جي تلاش آهي ۽ هو سچ کي عقل ۽ استدلال ذريعي ماڻڻ چاهي ٿو نه ڪه عقيدي جي ذريعي.
ٻڌ مت ۾ منزل کان وڌيڪ اهميت، ان منزل ڏانهن ويندڙ پنڌ جي آهي. ٻڌ کي خارج ۾ نه پر داخل ۾ ئي ڳولڻ گھرجي. حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ اهميت وڃائڻ جي آهي، پاڻ وڃائڻ معنا پاڻ تائين پهچڻ. ٻڌ مت هڪ منطقي فڪر آهي جنهن ۾ غير منطقيت، ٻڌ کان پوءِ سندس ڪجه پوئلڳن داخل ڪئي.
پلاٽ جي حوالي کان هي ناول، ”ڳولا“(Quest)  جي ذمري ۾ اچي ٿو. (ڪرسٽوفر بڪر، پلاٽ جا ست قسم ٻڌايا آهن). ڳولا جي پلاٽ وارن ناولن ۾ مک ڪردار، ڪنهن عظيم مقصد، لڪل خزاني يا ڪنهن امله شئي جي ڳولا ۾ نڪرندا آهن، جنهن کي ڳولڻ انهن لاءِ انتهائي ضروري بنجيو پوي. هزار قسمن جون مشڪلاتون سهڻ کان پوءِ ،آخرڪار مک ڪردار پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا آهن ۽ ڪهاڻي جو اختتام خوشگوار هوندو آهي. اهڙي اختتام کي روشن (Light) چيو وڃي ٿو ليڪن ان جي ابتڙ، ساڳي ئي ساخت جي ڪجه ڪهاڻين جو اختتام، اونداهو (Dark) هوندو آهي يعني، مک ڪردار جڏهن پنهنجي ڪاميابي جي صفا ويجهو هوندو آهي ته سندس مقصود يا مطلوب، سندس ئي اکين اڳيان تباھه ٿي ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ مک ڪردار جي حصي ۾ ازلي ڏک، پيڙا ۽ درد ايندو آهي.
هن ناول جي ڪهاڻي ۾، ”ڳولا“ جو انجام به اهڙو ئي ٿئي ٿو. ڪبير، جنهن جي لاءِ، مينتوخ هڪ مقصد بنجي پوي ٿي ۽ جنهن کي ماڻڻ لاءِ هي ڪجه به ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي، اها سندس هزار حيلن جي باوجود به سنياس وٺي ٿي ۽ سندس اکين جي اڳيان، هڪ ڊگهي، ”ڌيان جي مشق“ ڪندي پنهنجي زندگي جو سفر تمام ڪري ٿي. هتي نه ته عشق تمام ٿئي ٿو ۽ نه ئي بره. ٻيئي زنده جاويد رهن ٿا. پر هتي ڳولا تمام ٿئي ٿي ۽ ڳوليندڙ هڪ ابدي ۽ لازوال وجودي ڏک ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. هو جيڪي پنهنجي زندگين جو خلا پر ڪرڻ لاءِ نڪتا هئا، سندن خلا وڌيڪ وسيع ٿي وڃي ٿي ۽ پيڙا سندن مقدر.
آخر فاضل مصنفه هن ناول جو اختتام خوشگوار ڇو نه ڪيو؟ جواب اهو آهي ته هڪ ته ڪهاڻي جي ساخت اهڙي آهي جو، ڪبير ۽ جادم، ٻيئي هڪ ئي هستي جي ڳولا ۾ آهن ۽ ٻيو ته خوشگوار انجام واريون ڪهاڻيون ڪو زياده وقت تائين جٽاءُ نه ڪنديون آهن. بظاهر هي اختتام سانحاتي (Tragedy) لڳي ٿو ليڪن ٽرئجڊي ڪهاڻين جي اختتام وقت صورتحال ڪجه ائين بيهندي آهي ته ليکڪ اهڙي ٻه واٽي تي اچي بيهندو آهي جنهن ۾ کيس انساني قدر يا انساني ڪردار مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي ۽ هميشه انساني قدرن کي بچائڻ لاءِ ، کيس مک ڪردار جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. هن ناول ۾ مک ڪردار کي بچائي، مقصد ۽ مقصود جي قرباني ڏني ويئي آهي. هن ناول جي اختتام کي ڪنهن حد تائين ڪافڪائي انداز (Kafkaesque) چئي سگھجي ٿو.
تياڳ جي موضوع ۽ ڳولا جي پلاٽ تي ٺهيل دليپ ڪمار جي فلم، ”جوگن“ ۽ هن ناول ۾ هڪجهڙايون:
1.         يوڳڻي کي يوگا ڪندي ڏسي، ڪبير کيس دل ڏيئي ويهي ٿو ۽ جوڳڻ کي ڀڄن ڳائيندي ڏسي، دليپ دل ڏيئي ويهي ٿو،
2.         ٻيئي ڄڻا، جوڳڻين کي چون ٿا ته جيڪڏهن ڪو ٻيو طريقو ناهي ته، اهي کين به جوڳي ٺاهين ۽ هو سندن رستي تي هلڻ لاءِ تيار آهن.
3.         ٻنهي جي شديد محبت ڏسي، جوڳڻيون به سندن محبت ۾ گرفتار ٿي وڃن ٿيون پرآخرڪار اهي ٻنهي کي ڇڏي، پنهنجي جوڳ جي اڳئين ڏاڪي ڏانهن نڪري وڃن ٿيون ۽ محبت کي مايا جو موه قرار ڏين ٿيون.
4.         ٻيئي پنهنجيون ڊائريون، هنن کي ڏيئي ڇڏين ٿيون.
5.         آخري سين ۾ ٻيئي جوڳڻيون، ڊگھي تپسيا ڪندي، هڪ ڊگهي ڌيان ۾ هليون وڃن ٿيون ۽ ويٺي ئي ويٺي سندن موت ٿي وڃي ٿو.... جيئن ته هن موضوع جي ساخت ڪجه اهڙي آهي جو سڀني ناولن ۽ فلمن ۾ اهڙيون هڪجهڙايون ٿيڻ فطري ڳالھ آهي.
ناول جي ضخامت جو دارومدار ان جي ڪئنواس تي هوندو آهي. اسان جيئن ته سنڌي ۾ ڇپيل ٻه اڍائي سئو صفحن وارن ناولن کي اڳ ئي عظيم ناول قرار ڏئي چڪا آهيون تنهنڪري هن ناول جي ضخامت اسان کي بار ٿي لڳي ليڪن دنيا جا وڏا ۽ عظيم ناول مختصر نه پر ضخيم رهيا آهن. وار ائنڊ پيس، ڪرائيم ائنڊ پنشمينٽ، رابنسن ڪروسو، لارڊ آف رنگس، آگ ڪا دريا، اداس نسلين وغيره سڀ ضخيم ناول آهن. اسان گھڻو ڪري افسانن جا قاري رهيا آهيون جن کي هڪ ئي نشست ۾ ختم ڪري سگھجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا دوست ڪنهن ناول جي باري ۾ به فخريه چوندا آهن ته انهن فلاڻي ناول کي هڪ يا ٻن نشستن ۾ پڙهي پورو ڪيو. آئون سمجهان ٿو ته هڪ ٻن نشستن ۾ پڙهيا ويندڙ ناول، پنهنجي دلچسپ هجڻ جي باوجود، پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور نٿا ڪن. اهي ناول پڙهندڙ، ناول اندرهلندڙ بحث ۾ حصو وٺي،ناول جو ڪردار بنجي وڃڻ بدران، هڪ تماشبين وانگرناول کي پري کان ڏسن ٿا. اها ناول جي خوبي نه پر خامي آهي. اثر پذيري جي حوالي کان به اڪثر مختصر ناول ديرپا ثابت نٿا ٿين ۽ جلد ئي دل جي ڦرهيءَ تان ميسارجو وڃن. هن ناول جو ڪئنواس جيئن ته وسيع آهي تنهنڪري ايتري ئي ذخامت جو متقاضي آهي.
ناول ۾ سٺي ڄاڻ به ملي ٿي پر ڪٿي ڪٿي ته ڄاڻ جي ايتري ڀرمار آهي جو ان تي ڊاڪيومينٽري جو گمان ٿو ٿئي. ويٽنام جي باري ۾ پڙهندي ائين ٿو لڳي ڄڻ وڪي پيڊيا پيو پڙهجي. ڪيترين ئي شين جو گھڻو ورجاءُ آهي. ناري تياڳ بابت بار بار بحث ٿو هلي، لفظ مختلف پر ڳالهيون ساڳيون. ايترو ورجاءُ ناول جي جماليات کي ڇيهو ٿو رسائي.
ناول ۾ استعمال ٿيل ٻولي رک رکاءُ واري آهي پر سڀني ڪردارن جي ٻولي ۽ لهجي ۾ يڪسانيت آهي. سڀ هڪ ئي انداز سان ڳالهائين ٿا.
ناول جي ڪهاڻي جاندار آهي پر ان ۾ ٻوڌي فڪر تي ايترو ته گھڻو لکيو ويو آهي جو ان کي جيڪڏهن ناول کان الڳ ڪري ڇپائجي ته ايم فل ته لهڻي.
فاضل مصنفه، گوتم ٻڌ کي برهمڻ قرار ڏنو آهي ليڪن حقيقت ۾ هو برهمڻ نه پر کتري هو. هن باقاعده تلوار بازي، تير اندازي ۽ ٻيا سڀ جنگي هنر به سکيا هئا. دراصل ٻڌ مت، برهمڻ ازم جي خلاف، بغاوت ۽ سخت احتجاج بنجي اڀريو. ٻڌ اهو ڏسي چڪو هو ته، برهمڻ، غريب ترين ماڻهن کان به، آخري رسمن جا پڻ ڏوڪڙ وٺندا هئا ۽ هر خوشي توڙي غمي جي موقعي تي ڪجه نه ڪجه اڳاڙيندا رهندا هئا. پاڻ کي سڀني انسانن کان وڌيڪ اتم سمجهي، انهن جي ڪمائي تي ڄورن وانگر چهٽل هئا.
تعجب آهي ته هي ناول شروع کان وٺي تقريبن، ٻڌ مت جي تبليغ آهي پر ناول جي آخري بابن ۾ ٻڌ مت تي تنسيخ جيتري تنقيد آهي. هي ناول سالن تائين لکت هيٺ رهيو آهي، ٿي سگھي ٿو ته مصنفه آخر ۾ پنهنجو نقطه نظر تبديل ڪيو هجي. ناول جو اختتام پڙهي، ٿي سگھي ٿو ته ڪيترائي پڙهندڙ، ٻڌ مت جهڙي خوبصورت فڪر کان ئي بدظن ٿي وڃن. ان ڳاله جي بحرحال سمجھ نه آئي ته، ايڪيهين صدي جي سنڌي معاشري ۾ تياڳ نالي جهڙي ته ڪا شئي نه آهي ته پوءِ انهيءَ روايت خلاف ايتري ڀرپور احتجاج جي ضرورت ڇو پيش آئي؟
هي ناول پنهنجي ڪجھ خامين جي باوجود، سنڌي ادب ۾ تمام اهم اضافو آهي. مستقبل ڏسندو ته هي ناول، سنڌي ٻولي ۾ لکيل ناولن ۾ تمام اهم جاءِ والاريندو.

No comments:

Post a Comment