پرويز جو ڪتاب ”وڃايل مُرڪ“
اڻ جهل اُڌمن جو اُپٽاري
محمد صديق منگيو
ڪهاڻي، جيڪا ريءَ گناهه مارجي ويل لبنان جي ڪنهن ٻارڙي جي کليل سواليه
اک به آهي، ته اين جي مجمدار جي بي چين روح جي رڙ به آهي. ڪهاڻي، جيڪا ورڊس ورٿ جي نظم جو ”ڊيفوڊل گل“ به آهي ته جمال ابڙي
۽ شيخ اياز جي ڪهاڻين جا ڪردار ”پيراڻي“ ۽ ”کلڻي“ به آهي. ڪهاڻي
جيڪا منهنجي قلم جو موهه ۽ اکين جي اوجاڳن جو اتهاس به آهي، ته پرويز جي اڻ جهل اڌمن جي اپٽار به آهي. اها سنڌي ڪهاڻي، سنڌ جي اڄوڪين حالتن
۾ ٿر جي اڃارين ڀٽن تي مور جي رڙ وانگر آهي، جيئن شيخ اياز چيو هو ته:
اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ائين سمجهين، مئا مور سارا.