01/06/2013

ادبي چور... - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jaskani)



ادبي چور...
مٺل جسڪاڻي
مون کي خبر نه آهي ته اوهان ڪيترن قسمن جي چورن کي سڃاڻو ٿا، ڪيترن بابت ڄاڻو ٿا، پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته اوهان کير پياڪ ٻار نه آهيو، جو بلڪل بي خبر هجو. ٿي سگهي ٿو، بلڪ پڪ سان اوهان کي ڪجهه وڌيڪ معلومات هوندي، پر مون ڏٺو، ٻڌو ۽ پڙهيو آهي ته چورن جا ڪيترائي قسم آهن. سڀني کان وڌيڪ اتم، اهم، اعلى قسم جو چور، ادبي چور ٿئي ٿو.

ادبي چور اڳي اخبارن ۾ ڇپيل، ٻين جون لکڻيون، پنهنجي نالي سان ٻيهر، اخبارن ۾ ڇپرائيندا هئا. پوءِ خبر پئي ته ڪي ادبي چور اخبارن ۽ رسالن مان مواد چوري ڪري، ايم اي جو مقالو (ٿيسز) تيار ڪري جمع ڪرائيندا هئا، ته انهن کي ايم اي سڏجندڙ اعلى تعليمي سند (ڊگري) ملي ويندي هئي. اهڙي قسم جا ڪجهه چور اخبارن ۾ اهڙا به پڌرا ٿيندا رهيا آهن، جيڪي ساڳئي طريقي سان ڪيل چوري جي آڌار تي، ايم اي کان به اعلى سند، يعني ايم فل، بلڪ پي ايڇ ڊي حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيندا رهيا آهن ۽ پاڻ قابل علاج هجڻ باوجود ڪنهن جو به، ڪهڙو به علاج ڪرڻ کان سواءِ ڊاڪٽر سڏجڻ لڳا آهن...
مٿي ڄاڻايل سڀني قسم جي ادبي چورن کي، بهرحال اڳي ته وڏو خفو ڪرڻو پوندو هو، پر اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر جو دور آهي، انٽرنيٽ زور آهي، ان ۾ وري سوشل ميڊيا يعني فيس بوڪ گهڻو اڳتي وڌيل آهي، جنهن ڪري ادبي چوري تمام سولي ٿي پئي آهي.
اڄ ڪلهه جو ادبي چور گهڻن خفن کان آجو آهي. هن کي نه ڪنهن اخبار، رسالي، ڪتاب جي گهرج پوي ٿي، نه ئي کيس ڪاغذ ۽ قلم جي ضرورت پوي ٿي، نه وري ٽپال جو خرچ ڀرڻو ٿو پوي. بس، آڱرين جي اشارن تي، انتهائي سولائي سان ڪاپي ڪري، پيسٽ ڪرڻ ۾ دير ئي نه لڳندي آهي ۽ سيڪنڊن ۾ عام رواجي شاعر کان وٺي نئين استاد، نئين اياز طور جنم وٺي وٺي ٿو...
اڳي ڪو ڪو، بس ايڪڙ ٻيڪڙ ادبي چور هوندو هو، هاڻي ادبي چور ڳاڻيٽي ۾ گهڻا ٿيندا پيا وڃن. اڳي ڪنهن ڪنهن خاندان جو ڪو هڪ ڀاتي چور هوندو هو، هاڻي... هاڻي جي حقيقت تي اعتبار ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. جيڪو به بي اعتبار آهي، اهو ٿورو ڌيان سان، تحقيقي اصول اپنائيندي، سالم دماغ سان، پنهنجو هوش، حواس سنڀالي، جيڪڏهن ٿوري به محنت ڪندو، ته ان کي سڄو سڄو خاندان ادبي چور لڀي پوندو. ۽ ڳولڻ ڦلورڻ سان ڪو هڪ نه، اهڙا ڪيترائي خاندان، هن عالم آشڪار پيشي ۾ مهارت ماڻيل ملي پوندا.
خاندان تان ياد آيو، بلڪ مون کي اها ضرورت محسوس ٿي پئي ته ٿوري وضاحت به ڪريان، ته خاندان ۾ مرد ۽ مايون به ٿين ٿيون، ان ڪري اهو ڪير به نه سوچي ته ڪو ادبي چوري جي حوالي سان، خاندان ۾ جنس جو ڪو فرق هوندو، نه، ائين ناهي، اوهان کي هڪ ئي خاندان جا مرد ۽ مايون علمي، ادبي چور ملي پوندا، ملي پونديون.
خانداني ادبي چور منهن جا مٺڙا ۽ منهن جا پڪا به تمام گهڻا ٿيندا آهن. جنهن جي چوري ڪندا، ان سان دوستي به رکندا، ان وٽ اچ وڃ ۽ هجتون به وڌائي ڇڏيندا، چانهيون به پيئندا، مانيون به کائيندا، چوري نه، چوريون به ڪندا ۽ سندن هجتون ايتريون وڌائي چڪا هوندا، جو چوري پڪڙجڻ تي ڀاڳيو پشيمان ٿي پوندو آهي، ته هاڻي ڪنهن کي ڇا چوي!؟ ڇا ڪري!؟
هي اهڙو دور آهي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر، ڪمپيوٽر سبب انٽرنيٽ، انٽرنيٽ تي فيس بوڪ ۽ فيس بوڪ تي ادبي چور زور آهن، ڏسون ته اُهي ڪٿي ٿا ڇيهه ڪن.

No comments:

Post a Comment