01/07/2013

سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نامياري تاريخدان مولائي شيدائي جو ڪتاب
سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
سنڌ جو ناميارو تاريخدان رحيم داد خان مولائي شيدائي سچ پچ هڪ اهڙو تاريخدان آهي، جنهن کي سنڌ سدائين ياد ڪندي رهندي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ تاريخ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي سڀ پنهنجي جڳهه تي تاريخ جا الڳ الڳ دور ۽ موضوع ظاهر ڪن ٿا پر هُن کي جيڪا پذيرائي ۽ آبرو ”تاريخ جنت السنڌ ۽ تاريخ تمندن سنڌ“ جي معرفت نصيب ٿي، ان جهڙو ٻيو مثال نٿو ملي.
مولائي شيدائي، سنڌ جي تاريخ جي الڳ الڳ موضوعن تي جيڪو ڪم ڪيو ۽ جن حالتن ۾ ڪيو، انهن بابت گهڻو لکت ۾ اچي چُڪو آهي، پوءِ به هن وطن دوست شخص جي محنتن بابت جيڪي ڪجهه لکجي اهو هن کي ڀيٽائي چئي سگهبو. سندس ڪم جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ گهڻا صفحا گهرجن. سندس ڪيل تاريخ بابت تحقيق جو ڪم اڃا تائين ڪيتروئي اشاعت هيٺ نه اچي سگهيو آهي. جڏهن اهو سڀ ڪم اشاعت هيٺ اچي ويندو ته شايد مولائي شيدائي صاحب جي شخصيت سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ بابت لکندڙن ۾ وڌيڪ اُڀري اچي.

سنڌي ادبي بورڊ تازو ئي مولائي شيدائي جو لکيل هڪ اهم ڪتاب ”سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. بورڊ هن ڪتاب کان اڳ سندس ٻه ڪتاب ”جنت السنڌ ۽ تاريخ سکر“، پڻ شايع ڪيا آهن ۽ هيءُ تازو ڪتاب شايع ڪري نه رڳو تاريخ بابت هڪ اهم ڪتاب سنڌي پڙهندڙن کي ڏنو آهي پر مولائي مرحوم کي پڻ ياد ڪيو آهي. هي ڪتاب سنڌ ۾ تاريخ بابت مجموعي طور هڪ ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب ته آهي، پر ڪتاب جو موضوع جيئن نالي مان ظاهر ٿئي ٿو، ان دائري ۾ آهي. ممڪن آهي ته تاريخ لکندڙن جون ڪي اسهمتيون پيدا ٿين پر پنهنجي موضوع جي دائري ۾ هيءُ ڪتاب ججهي معلومات ڏئي ٿو ۽ ان جو واسطو تاريخ سان آهي. تاريخ جيڪا حڪمرانن جي نه آهي، پر عام ماڻهن جي آهي.
ڏهن بابن ۾ ترتيب ڏنل هن ڪتاب ۾ سنڌ تي سنڌ نالي پوڻ کان وٺي، انگريزن جي هتان واپس وڃڻ تائين جو مختصر ذڪر آهي، جنهن ذڪر جي نسبت بلوچ نسلن بابت آهي جيڪي اڄ سنڌ ۾ موجود آهن. تاريخ بابت هيءُ اهم ڪتاب گهڻي دير سان ڇپيو آهي پر بورڊ جنهن تيزيءَ سان سنڌ جي تاريخ ۽ ٻين علمن بابت ڪتاب آڻڻ شروع ڪيا آهن، ان تيزيءَ مان اميد ٿي آهي ته بورڊ وٽ پيل سڀ تاريخي ڪتاب سج جي روشني ڏسندا. 379 صفحن جو سٺي پني تي ۽ پڪي جلد سان اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل واري هن ڪتاب جو مُلهه 280 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment