17/07/2013

سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



غلام رباني آگري جو آخري لکيل ڪتاب
سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي بيمثال نثر نويس غلام رباني آگري صاحب جو نئون ڪتاب پنهنجي نالي سان ظاهر آهي ته هي ڪتاب هڪ اهم اڀياس آهي.  ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جو ادب ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان جي پيل اثرن بابت چڱوئي مواد موجود آهي، ائين سنڌيءَ ۾ به ان موضوع تي چڱو مواد آهي. جنهن کي آڌار بڻائي رباني صاحب هيءُ ڪتاب لکيو آهي.
رباني صاحب خود اهڙن سنڌي اديبن مان هڪ آهي جن تي ترقي پسند تحريڪ پنهنجا زوردار اثر ڇڏيا آهن. رباني صاحب نه رڳو شخصي طرح ان تحريڪ جو حصو رهيو آهي پر هن جي شروعاتي لکڻين ۾ ان جو اظهار به ڪيل آهي. سنڌ جي حقن لاءِ ٻوليءَ  ۽ ادب لاءِ هلايل سڀني تحريڪن ۾ سندس ادا ڪيل ڪردار کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هڪ ليکڪ طور به هن جو پنهنجو حصو آهي ادب ۾ جيڪو سندس نالي سان ياد رکيو ويندو. اها ٻي ڳالهه آهي اها تحريڪ جنهن جو رباني صاحب هڪ اهم حصو رهيو، ان کان هن ادبي توڻي شخصي لاتعلقي اختيار ڪئي، پوءِ به اهو چئي نه سگهبو ته رد عمل ۾ هن ان تحريڪ جي مخالف ڪيمپ وڃي وسائي، پر ايترو ضرور ٿيو ته هو آخري ڏينهن ۾ ذهني طور ان تحريڪ جو نه هئو، جنهن کي ترقي پسند چئجي ٿو.

هو سنڌ جي ادبي حلقن ۾ اختلافن جي شاهراهه تان به گذاريو. خود سندس لکڻين ۾ ۽ تازي ڪتاب پڻ اهڙا اشارا موجود آهن. هن مختصر ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هئو، پر شايد عمر جي آخري حصي ۾ اهو سڀ ڪجهه کيس ميسر ٿي نه سگهيو جيڪو هوندو هن ڪتاب لکڻ وقت سندس ٽيبل تي هجڻ گهرجي ها! جن ٻن ڪتابن سندس سنڌي ادب بابت مدد ڪئي آهي ۽ پاڻ انهن مان حوالا به کنيا اٿائين تن ۾ هڪ گوبند مالهيءَ جي آتم ڪٿا آهي ”سنڌڙي منهنجي جندڙي“ جيڪو اهم ڪتاب آهي، باقي هن پنهنجي مشاهدي ۽ پنهنجي دور تي نظر  وڌي آهي، هن سجاد ظهير جي ڪتاب روشنائيءَ کي به آڏو رکيو آهي، جيڪو خود مٿين عنوان جو دستاويز آهي، يعنيٰ ننڍي کنڊ ۾ ترقي پنسد تحريڪ جو.
سنجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي ته هيءُ ڪتاب سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر، هڪ مٿاڇرو احوال آهي، جيڪو به رباني صاحب هڪ تاريخدانن واري انداز کان وڌيڪ پنهنجي خوبصورت تخليقي نثر ۾ ائين لکيو آهي، جيئن هو ٻين موضوعن تي لکندو رهيو آهي. رباني صاحب پنهنجي دور تائين جي اثرن کي به وقت جي گهٽتائيءَ ۽ طبعيت جي ناسازيءَ سبب گهڻو مختصر ڪيو آهي. ممڪن آهي. جيڪڏهن کيس قدرت کيس ڪي گهڙيون وڌيڪ ڏئي ها ته هيءُ ڪتاب هڪ اتهاسڪ گرنٿ ٿي پوي ها. تنهن هوندي به ڪي ڳالهيون محفوظ ٿي ويون آهن جيڪي ايندڙ وقت ۾ رڪارڊ نه ٿي سگهن ها. ڇاڪاڻ ته پويان ايندڙ نسل انهي سڀني ڳالهين ڏانهن جوڳو ڌيان نه ڏيئي سگهي ها.
هن ڪتاب مان گمان اهو به آهي ته شايد رباني صاحب ترقي پسند تحريڪ تي ۽ ان جي سنڌي ادب تي پيل اثرن بابت گهڻو ئي لکڻ پئي چاهيو، ڇاڪاڻ ته هن موضوع تي هن هڪ نقاد طور لکڻ پئي چاهيو، پوءِ به هيءُ 103 صفحن جو مواد، مٿين موضوع تي سراسري معلومات ضرور ڏئي ٿو، پر اهو لنوائي نٿو سگهجي ته هيءُ ڪتاب مٿئين موضوع تي بنهه اڻ پورو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ جي ڪنهن لکندڙ کي، هيءُ ڪتاب  بنياد بڻائي، ترقي پسند تحريڪ جي سنڌي ادب تي پوندڙ اثرن تي هڪ تفصيلي اڀياس لکڻ گهرجي. ٻيءَ طر هن موضوع تي سنڌيءَ ۾ هڪ پي. ايڇ. ڊيءَ جو مقالو به لکي سگهجي ٿو، جنهن جي گنجائش بهرحال موجود آهي. اها گنجائش پيدا ڪرڻ وارو رباني صاحب آهي، جنهن هن اهم موضوع تي بنيادي معلومات ڏني آهي، پنهنجي لحاظ کان هڪ اهم موضوع تي هڪ اهم ڪتاب لکي رباني صاحب رستو جوڙي ويو آهي ۽ ايندڙ لکڻ واري لاءِ روشني به ڪري ويو آهي. اڄ فقط انهيءَ رستي تي هلڻ لاءِ ڪو نوجوان آڏو اچي.
هن اڀياسي ڪتاب کي به رباني صاحب اهڙي پيرائي ۾ لکيو آهي، ڄڻ سندس ڪا ڪهاڻي پڙهي رهيا آهيون. سنڌي ادبي بورڊ هيءَ ڪتاب ڇپائي، هڪ اهو موضوع سنڌ جي پڙهندڙن کي ڏنو آهي، جنهن لاءِ ادارو ۽ سندس سربراهه کيرون لهڻن. هن پڪي جلد واري ڪتاب جو ملهه 170 رپيا آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ هيءُ سنجيده ڪتاب اڄ جي سموري لکندڙ نسل لاءِ هڪ ادبي تاريخ آهي، جنهن کي پڙهڻ کان سواءِ هو هڪ اهم ۽ ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب کان وانجهيل رهندا.

No comments:

Post a Comment