12/07/2013

پوپٽيءَ جا ناري ڪردار - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



هڪ پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب
پوپٽيءَ جا ناري ڪردار
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
هند توڻي سنڌ جي سنڌي لکندڙن توڻي پڙهندڙ ۾ بيحد احترام سان ورتو ويندڙ نالو آهي، پوپٽي هرا ننداڻي، حيدرآباد وارين هيرا آباد جي هوائن ۾ پليل پوپٽي هيرا ننداڻيءَ هڪ اهڙي ليکڪا آهي جنهن ادب جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پوءِ به سندس هڪ تخليقڪار طور سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس واري آهي، هوءَ هڪ بيباڪ لکندڙ طور پڻ مشهور آهي، ساڳئي وقت کيس ناريءَ لاءِ وڙهندڙ پڻ سمجهيو ويندو آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻين جي ناري (عورت) ڪردارن کي کڻي ڊاڪٽر ورشا آڌو داساڻيءَ، اجمير يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي آهي، سنڌيءَ جي نامياري ليکڪا، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جي رهبريءَ هيٺ هي ٿيسز لکندڙ ڀيڻ ورشا اڌو داساڻيءَ پوپٽي هيرا ننداڻيءَ جي لکڻين ۾ آندل عورت ڪردارن کي آڻي پنهنجي ٿيسز کي نالو  ڏنو آهي ”پوپٽي جا ناري ڪردار“ هن ڪتاب لکڻ لاءِ جيڪا محنت ڊاڪٽر ورشا ڪئي آهي ان جو تفصيل هن پنهنجي نوٽ ۾ ڄاڻايو آهي. دادي پوپٽيءَ جي ناري ڪردارن جا الڳ الڳ روپ، الڳ الڳ ڪري انهن جي تفصيل سان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي ليکڪا.
پوپٽيءَ جي لکڻين ۾ عورت جا سڀ روپ اچي وڃن ٿا، پر شايد تفصيلي طور اهي لکڻيون هڪ نقط نگاهه کان نه پڙهي سگهجن ها، هن ڪتاب پڙهڻ سان اهي سڀ روپ ڌيان ڇڪائين ٿا جيڪي هونئن شايد ايتري شدت سان ڌيان نه ڇڪائين ها، البته اهو ضرور ٿيو آهي ته خود پوپٽيءَ جهڙي ٻهو مکي ليکڪا جو ۽ سندس لکڻين جو هڪ طرفو اڀياس آيو آهي، سندس مڪمل اڀياس اڃا رهيل آهي، جنهن تي به هن ڪتاب جهڙو ئي هڪ ڪتاب يا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب اچڻ گهرجن، تڏهن ئي هوءَ هڪ مڪمل ليکڪا جي روپ ۾ سامهون اچي سگهندي، ٻئي طرف ائين به آهي ته هند جي عورت ليکڪائن مان جيترو تعريف توڻي تنقيد جي حواليءَ ۾ دادي پوپٽيءَ بابت لکيو ويو آهي ايترو شايد ئي ڪنهن تي لکيو ويو هجي ۽ اهو به سچ آهي ته هند جي عورت ليکڪائن مان جيترو گهڻو خود دادي پوپٽي لکيو آهي ايترو ڪنهن به نه لکيو آهي، بحرحال ڊاڪٽر ورشا اڌو داساڻيءَ دادي پوپٽي جي لکڻين تي هڪ اعليٰ اعزاز واري ڊگري ورتي آهي ۽ هاڻ جڏهن ان ڊگريءَ واري ٿيسز ڇپي آهي ته اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ورشا ڀيڻ جتي پوپٽيءَ کي موضوع بڻائي مٿس ٿيسز لکي کيس ڀيٽا ڏني آهي اتي پنهنجي لاءِ پڻ هڪ مانائتي جڳهه جوڙي ورتي آهي، اٺن بابن ۾ ورهايل هن ڪتاب ۾ موضوع سان لاڳاپيل ڪيترائي ننڍا ننڍا موضوع آهن، جيڪي پوپٽيءَ دادي جي ناري ڪردارن بابت معلومات ڏين ٿا، ڇا به هجي ڀيڻ ورشا جو هيءَ ڪتاب سنڌي ادب ۾ ياد رکڻ جهڙو آهي. 296 صفحن جو هي لاجواب ڪتاب 250 رپين جو آهي، ڊاڪٽر چيٺي لالواڻيءَ قرب ڪري موڪليو آهي، سندس احسان، جو هن هڪ سٺو ڪتاب موڪليو!

No comments:

Post a Comment