09/07/2013

هري دلگير جي شعر ۾ درشن - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



هڪ ڪتاب، جنهن ۾ هڪ شخص بند آهي:
هري دلگير جي شعر ۾ درشن
رکيل مورائي
لاڙڪاڻي جي مٽي مان جڙيل، سنڌي جديد شاعر ڪشنچند بيوس جي پوئلڳيءَ ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي درد کي اوتيندڙ، آخري ساهه کڻڻ تائين آشا وادي سوچ پاليندڙ هڪ بيحد نفيس شاعر ۽ شخص هري دلگير ورهاڱي کان پوءِ به هڪ ڏهاڪو سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ پوءِ هو هڪ بيحد اذيت ڀرئي ورتاءُ سبب سنڌ کان جدا ٿيو ۽ اتي وڃي رهيو، جنهن کي هنڌ جا سنڌي نئين سنڌ ٿا چون، ان شهر جو نالو آهي آڌيپور.
هري دلگير جو نالو زبان تي اچڻ سان اکين ۾ سندس معصوم مرڪ ڀريو چهرو لهي اچي ٿو ۽ هو شاعر اهڙو آهي جنهن کي بار بار پڙهڻ تي دل چوي ٿي. اهڙي ٻهڳڻي شخص ۽ شاعر تي ۽ سندس علمي ادبي ۽ سماجي شيوائُن تي، سنڌين جي وسندي الهاس نگر ۾ رهندڙ اسان جي مانواري ڀيڻ آشا منگها رام رنگواڻي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺي ڊاڪٽر بڻي آهي. سندس ٿيسز جو نالو آهي ”هري دلگير جي شعر ۾ درشن. پي ايڇ ڊي جيئن هڪ اڪيڊمڪ ڪم آهي ۽ ان جون پنهنجون گهرجون آهن پر ان لاءِ اهو ضروري ڄاتو ويو آهي ته موضوع سان ڪيترو  نڀايو ويو آهي.

هيءَ ڪتاب پڙهي ان جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته ڀيڻ آشا رنگواڻي دادا هري دلگير بابت ته سموري ڄاڻ ڏني آهي پر هن مجموعي طور هري دلگمير جي لکڻين تي جنهن انداز سان ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي، اهو ڪنهن ادب سان لاڳاپيل شخص جو ئي انداز ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ليکڪا سنڌي شاعري بابت جيڪا بنيادي معلومات ڏني آهي، اها هند ۾ رهندڙ نئين نسل جي لکندڙن لاءِ گهڻي گهڻي ڪارائتي آهي ۽ ان مان نئين نسل جو لکندڙ گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو.
آشا جي ٻولي سٺي ۽ ڪٿي تخليقي آهي، جنهنڪري ان ۾ هري لگير ۽ سندس شاعري جو احساس تري آيو آهي. اٺن بابت تي ترتيب ڏنل هيءَ ٿيسز دادا هري دلگير بابت تمام گهڻو ٻڌائي ٿي، ساڳئي وقت هند ۾ سنڌي ادب بابت به گهڻي ڄاڻ ڏيندڙ آهي. ڪتاب جي پهرئين باب ۾ شروعات دور جي شاعراڻي ادب بابت عاليشان تعارف آهي. ٻئي باب ۾ آشا وادي نظريو ٻڌايو ويو آهي. ٽئين باب ۾ سندس شعر ۾ جماليات جو ذڪر آهي. چوٿين باب ۾ هري دلگير جو قدرت بابت تصور ٻڌايل آهي. پنجين باب ۾ هري دلگير جو اهو شعر جائزي ۾ آيل آهي، جنهن ۾ عورت جو ذڪر آهي. ستين باب ۾ ٻارڙن بابت سندس تصور شاعري ۾ سمجهايو ويو آهي ۽ آخري باب ۾ اختصار ۽ بيليوگرافي وغيره ڏنل. ائين 322 صفحن جو هي لاجواب ڪتاب هري دلگير جي سڀني پاسن تي هڪ دستاويز آهي، جيڪو آشا رنگواڻيءَ سنڌي پڙهندڙن کي ڏنو آهي. سندس هيءَ پورهيو کيس سماجي ۽ مالي فائدو ته ڏيندوئي، پر هيءَ ڪتاب کيس هڪ لکندڙ جي ناطي سندس آبرو بڻبو اهڙي پڪ آهي. هن ڪتاب کي سنڌي جي ذهين نقاد پروفيسر هيري شيوڪاڻي اهم کوجناتمڪ اڀياس ڪوٺيو آهي.

No comments:

Post a Comment