12/07/2013

مرَوُ تيرٿ هنگلاج - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



هڪ بيمثال بنگالي ناول
مرَوُ تيرٿ هنگلاج
رکيل مورائي
سنڌ جي آڳاٽي سنڌي ادب بابت دل سان اها ڳالهه قبول ڪري سگهجي ٿي ته ان تي ننڍي کنڊ جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ بنگالي ٻوليءَ جو اثر رهيو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته بنگالي ٻوليءَ جو ادب اڄ به ننڍي کنڊ جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ سگهارو آهي. ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته ان جا بنياد مضبوط رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ٽئگور ۽ شرت چندر جهڙا لکندڙ بنگالي ادب ۾ موجود هئا، پر جنهن ڪتاب جو ذڪر مان ڪري رهيو آهيان اهو بنگالي ٻوليءَ جو ته آهي، پر لکيل سنڌ بابت آهي ۽ سنڌ کان اڳتي هنگلاج ياترا بابت آهي.
بنگال جي ليکڪ اوڌت جو لکيل بنگالي ٻوليءَ جو ناول هڪ اهڙي ڪردار جي ڪٿا آهي يا سفر آهي، جيڪو 1946ع ۾ ڪلڪتي کان ڪراچيءَ آيو هئو ۽ اتان کان هڪ قافلي سان گڏجي هنگلاج ياترا تي روانو ٿيو هئو. ان پنهنجي سفر بابت هيءَ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو هنگلاج جو سفر ئي آهي پر ان کي ناول ئي چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ليکڪ پڻ هن کي ناول ئي لکيو آهي. چوڏهن ڏينهن ۽ چوڏهن راتين جي پنڌ جي سفر بابت هيءَ ناول ٽيهن ماڻهن جي ان قافلي جي ڪٿا آهي، جن  ۾ ٻه عورتون آهن ۽ ٻيا الڳ ڪردار آهن ٻه مسلم اوٺي آهن، جيڪي اٺن تي هن قافلي جو سامان کڻي هلي رهيا آهن. گل محمد ۽ دل محمد ۽ باقي هنگلاج ياتري آهن.
2761  ڪلوميٽرن جي پنڌ هلندڙ هن قافلي کي واٽ ۾ جيڪي تڪليفون اچن ٿيون انهن جو ذڪر به آهي ته قافلي ۾ شامل ماڻهن جي مراج جي عڪاسي به آهي، ته رستي جو ڏس پتو به آهي، جيڪو دراصل 1946ع ۾ هئو ڪو نه. هي سڄو قافلو فقط اوٺين جي پٺيان هلي رهيو آهي ۽ اوٺي وري اٺ جي پنڌ سان هلي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته کين به خبر نٿي پوي ته رات جو سفر ڪهڙي رخ ۾ ڪرڻو آهي. رات ڏينهن پنڌ سفر ڪرڻ وارن هنن ياترين سان سفر ۾ جيڪي وهي واپري ٿو اهو بنهه سادي سولي انداز ۾ لکيل آهي پر پڙهندي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. عجيب ڪيفيت ۾ لکيل هيءَ علول انساني من کي به ظاهر ڪندڙ آهي ته انساني سڀاءُ کي پڻ.
هن ناول تي 1964ع ڌاري بنگالي ٻوليءَ ۾ فلم پڻ ٺهيل آهي، جنهن کان پوءِ سنڌيءَ جي بزرگ، اديب، رام ڪڪڙيجا صاحب هن املهه ناول کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو لڳ ڀڳ اڌ صدي پيو رهيو. ويجهڙ  2012ع ۾ اسان جو دوست اديب لکمي کلاڻي جڏهن الهاس نگر ۾ ڪڪڙيجا صاحب سان مليو ته هن ناول جو کيس پتو پيو. جيئن ته لکمي کلاڻي صاحب پاڻ خود ڪلڪتي ۾ وڏو عرصو رهيو آهي ۽ بنگالي ٻولي پڻ ڄاڻي ٿو ۽ ٻيو ته ورهاڱي کان اڳ جو هي لکيل املهه ناول جو هن ڏٺو ته ان کي ڇپائيندي دير نه ڪيائين ۽ ائين هي ناول انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالا جيءَ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيائين. نهايت وڻندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هيءَ ناول، سچ پچ هڪ احساس آهي، اهڙو احساس، جيڪو ان ماڻهوءَ کي هوندو آهي، جنهن کي منزل تي پڄڻ جو ته وشواس هوندو آهي پر اتان هو جيئرو واپس ايندو اهڙو  وشواس کيس نه آهي.
تارونءَ مٿان ٽانڊا اوڳاڇيندڙ سج، تئي وانگر تتل واري ۽ آڳ لڳائيندڙ گرم هوا ۾ ٿيندڙ هيءُ سفر هڪ عجيب سفر آهي، جيڪو هنگلاج ماتا جي ياترا جي لاءِ اختيار ڪيو ويو. ڪو به رستو نه، پاڻيءَ جي اڻ هوند، هر شخص پنهنجيءَ ۾ پورو، ٿڪ، پريشاني، ڊپ، سڀ ماڻهو عقيدي جي بنياد تي ڪيئن برداشت ڪري ٿو، اهو سڀ ڪجهه هن ناول ۾ موجود آهي. شايد هنگلاج جي سفر بابت هيءَ آڳاٽو ڪتاب آهي. ٻيءَ طرح ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ان سفر جا ڪي عڪس ضرور آهن. ساڳئي وقت بدر ابڙي صاحب جو ڪتاب ”هنگلاج ۽ لاهوت“ سنڌيءَ ۾ پهريون تحقيقي ڪتاب آهي. هن املهه ڪتاب کي سنڌ جو ڪو ادارو ڇپائي ته سٺو ٿي پوي. انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي آڌيپور هيءَ ڪتاب ڇپائي سنڌي ادب ۾ هڪ سٺي ڪتاب جو واڌارو ڪيو آهي. رام ڪڪڙيجا صاحب هن ڪتاب جو ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ سان وڙ ڪيو آهي ۽ لکمي کلاڻيءَ هيءَ ڪتاب ڇپائي پنهنجون ڪلڪتي جون يادون تازيون ڪيون آهن. 335 صفحن تي ٻڌل ناول جو ملهه 250 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment