17/07/2013

نئون ادب نيون ڳالهيون - امتياز دانش (Imtiaz Danish)



چندر ڪيسواڻيءَ جو نئين ويچار تي ٻڌل ڪتاب
نئون ادب نيون ڳالهيون
امتياز دانش
چندر ڪيسواڻي گهڻ مطالعاتي ۽ گهڻ رخي ادبي شخصيت جو مالڪ آهي. هن ادب ۾ تخليق، تنقيد ۽ تحقيق تي ڪم ڪري ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهيو آهي. هونئن ته چندر پابند شاعري به ڪئي آهي، پر نثري نظمن ۾ سندس نانءُ سر فهرست آهي. هن انگريزي ادب مان سنڌي ادب ۾ آيل نثري نظم کي پنهنجي احساس ۽ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب ۾ رڱي سنڌي ادب جي نج پنهنجي صنف ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري اهو سڃاڻڻ مشڪل آهي ته نثري نظم چندر جي سڃاڻپ آهن يا چندر نثري نظمن جي سڃاڻپ آهي.
چندرڪيسواڻيءَ جا ٻه شعري مجموعا ”زندگي - خواب - خودڪشي“ ۽ ”روپوش محبت“ ڇپجي چڪا آهن ۽ هاڻ سندس ٽيون ڪتاب ”نئون ادب نيون ڳالهيون“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. هي ڪتاب مضمونن تي ٻڌل آهي. هي ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ ”نئين سوچ“ جي سري هيٺ مختلف موقعن تي لکيل ليکڪ جا مضمون آهن. ٻئين حصي ”ڏيهي ادب۾ چندر جا مختلف ڪتابن ۽ ليکڪن تي لکيل مضمون آهن. ٽئين حصي ”پرڏيهي ادب “ ۾ عالمي ادب ۽ اديبن بابت مضمون آهن
.
چندر ڪيسواڻيءَ جي نئين ڪتاب ” نئون ادب نيون ڳالهيون“ ۾ جيڪي مضمون آهن، اهي سڀ تخليقي، تنقيدي ۽ تحقيقي آهن. اهي پنهنجي دور جو سچ آهن. تاريخ آهن ضمير کي جهنجهوڙيندڙ احساس آهن. چندر جو مطالعو وسيع آهي. هي نه رڳو پنهنجي ادب تي نظر رکي ٿو پر عالمي ادب تي به!
اها هڪ سجاڳ، ليکڪ جي علامت آهي. هڪ اديب کي نه رڳو پنهنجي سماج، ادب ۽ سياست تي نظر رکڻ گهرجي پر ٻاهرئين ادب ۽ سياست تي به نظر رکڻ گهرجي ته اسان وٽ ڇا پيو ٿئي ۽ ٻاهر ڇا پيو ٿئي.
چندر پنهنجي نئين ڪتاب ”نئون ادب نيون ڳالهيون“ ۾ نيون ڳالهيون ڪيون آهن. نوان بحث ڇيڙيا آهن. هونئن ته چندر جا سڀئي مضمون پنهنجو مٽ پاڻ آهن پر شوڪت حسين شوري جي چواڻيءَ سندس ”نڪارا گُوا ۾ اقتدار ۽ شاعري“ ان ڪري به اهم آهي جو ان ۾ هن، اديبن جي ڪردارن کي وائکو ڪيو آهي. سندس ”نڪارا گُوا ۾ اقتدار ۽ شاعريءَ“ مضمون پڙهڻ کان پوءِ سوال ٿو اڀري ته ڇا هڪ اديب کي ظلم ۽ جبر خلاف لکڻ گهرجي يا وري ان خلاف ٿيندڙ جدوجهد ۾ عملي طور حصو به وٺڻ گهرجي؟ هڪ اديب کي ادب سان گڏ سياست ۾ به هئڻ گهرجي يا نه؟ چندر پنهنجي ان مضمون ۾ اهو ڄاڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جڏهن به ڪنهن قوم مٿان ڏکيا ڏينهن اچن. ان مٿان ظلم ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرايا وڃن تڏهن ان قوم جي ليکڪ کي پنهنجي لکڻين سان گڏ عملي روپ به اختيار ڪرڻ گهرجي. چندر بهتر ڳالهه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اديب ۽ شاعر ذهن ۽ ضمير جو آواز هوندا آهن. تنهنڪري انهن کي پنهنجي لکڻين تائين محدود رهڻ نه گهرجي پر وقت اچڻ تي عملي واٽ وٺي ڌرتيءَ سان پاڻ ملهائڻ به گهرجي.
چندر جا مضمون ڏيهي ۽ پرڏيهي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. سهڻي پيرائي ۾لکيل مضمونن جي ٻولي شاعراڻي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏي ٿي. هڪ پاسي بهترين موضوع ۽ ٻي طرف خوبصورت ٻولي، ڄڻڪه سون تي سهاڳو. ”نئون ادب نيون ڳالهيون“ ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپيو ويو آهي، جنهن جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري لکيو آهي. بيڪ ٽائيٽل تي سٽون شاعر ۽ صحافي حسن مجتبيٰ لکيون آهن. فليپ تي تاثر شاعره ارم محبوب لکيو آهي. ان خوبصورت ڪتاب ۾ 28 مضمون ڏنا ويا آهن، جيڪي تخليق، تنقيد ۽ تحقيق سان ائين ڇلڪن ٿا، جيئن موکيءَ جو مٽ مڌ سان!
اسان جي سهڻيءَ سنڌ پنهنجي ڪک مان ٻه چندر ڄڻيا آهن. هڪ اهو ماسٽر چندر جنهن سُرن وسيلي سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪئي ۽ ٻيو اهو چندر ڪيسواڻي، جيڪو پنهنجي ڏات وسيلي پنهنجي ماتا، ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. خدا سندس جنون جو سلسلو دراز ڪري ته جيئن هو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي ٻيا وڌيڪ ڪتاب ڏئي سنڌ جي ماڻهن کي ــــــ دنيا جي ماڻهن کي مستفيض  ڪري!

No comments:

Post a Comment