01/09/2013

دل جي رکبي ته دل لڳي ٿيندي - دودو چانڊيو (Dodo Chandio)


رخسانه پريت جي شاعري
دل جي رکبي ته دل لڳي ٿيندي
دودو چانڊيو
يونيورسٽيون تعليم سان گڏ علم، ادب، ماڻهپي ۽ محبت جون نرسريون به هونديون آهن. يونيورسٽي جو زمانو هو، هي اُهو زمانو هو، جڏهن سنڌ جي يونيورسٽين، خاص طور ڄامشوري جي محبتي  شاعراڻي دنيا تي حليم باغيءَ جو قبضو برقرار هو، توڙي جو سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد اياز، بخاري، آڪاش، منشي، سرويچ ۽ حسن درس جا گيت ڳائيندا هئا، پر هر شاگرد حليم باغي جا ڄامشوري بابت لکيل شعر تعويذ وانگي پاڻ سان سنڀالي رکندو هو. ان زماني ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ڪاريڊور ۾ معمول مطابق چانهه پيئندي حليم باغي، حسن درس سميت ڪجهه سينيئر شاعرن کي اسان يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجا شعر ٻڌائي رهيا هئاسين، ته نوابشاهه سان تعلق رکندڙ هڪڙي ڇوڪري پنهنجي پرس مان پنو ڪڍي رخسانه پريت جو هڪ شعر پڙهيو. ان شعر جا ٻول هئا:
سوچيم سيني اندر پٿر رکجي،
دل جي رکبي ته دل لڳي ٿيندي.

ان ڇوڪريءَ جي شعر پڙهندي ئي حسن درس دانهن ڪئي ته، ”حليم باغي! تنهنجو ٽوڙ اچي ويو، تون چوين ٿو ته  ڄامشوري مان جيڪو گذري ٿو، اهو پٿر ٿي ٿو وڃي، پر رخسانه پريت ته سيني اندر دل بدران پٿر رکڻ جي صلاح پئي ڏي، ڇو ته دل جي رکبي ته دل لڳي ٿيندي. منهنجي رخسانه پريت سان شعر ذريعي اها پهرين ملاقات هئي. اسان جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين ته ان وقت سنڌ جا کوڙ نوجوان شاعر يونيورسٽي اچي پنهنجون يادون تازيون ڪندا هئا. سندن بيٺڪ گهڻو ڪري سنڌي ڊپارٽمينٽ جو ڪاريڊور هوندو هو، جنهن جي ڪنڊ ۾ ڪرسيون رکي اسان ادبي رهاڻيون ڪندا هئاسين. رخسانه پريت جي هن شعر ٻڌڻ کان پوءِ ڪچهري جو موضوع دل ڏيڻ ۽ وٺڻ جي واپار تي بحث ڪندي گذريو. آخر ۾ سڀني جي راءِ ان شاگردياڻي طرف هئي، جنهن رخسانه پريت جو هي دل لڳيءَ وارو شعر ٻڌائي ڄڻ ته محفل کٽي ورتي هئي.
رخسانه پريت جو هڪ شعر  آهي ته:
”پريت آ ڳالهه ڪئي گهري جو،
محفل ۾ ڇڪتاڻ وڌي آهي.“
شاعري ۽ ادب پڙهڻ جي دلچسپي مون کي رخسانه پريت جي ٻي شاعري تائين پهچايو. جڏهن 1998 ڌاري سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آيو، ته آئون ان ڪتاب جي پهرين خريدارن ۾ شامل هوس. منهنجي لاءِ دلچسپيءَ جو هڪڙو سبب  اهو به هو ته اسان جتي پلياسين، جنهن هوا ۾ ساهه کنيوسين، ان جي هڪ طرف سنڌي لاڏن جي سڀ کان وڏي شاعره مائي مرکان شيخڻ  جو ماحول هو ته ٻئي پاسي، هاجران ڦلڻ، مريم آريسر، ممتاز نظاماڻي، مائي ڀاڳي ۽ سنڌ راڻي جهڙا کوڙ مزاحمتي، ادبي ڪردار هئا، ۽ ان سان گڏ عوامي تحريڪ جهڙي جماعت جوماحول هو، جنهن جو سڄو زور عورتن جي آزادي، انهن جي ڏکن، تڪليفن ۽ انهن جي جدوجهد طرف هو. اسان ڪورس سان گڏ ميران جي شاعري، قرةالعين حيدر، سارا شگفتا، امرتا پريتم، پروين شاڪر سميت عورت اديبائن ۽ شاعرائن کي به پڙهيو، تنهنڪري مون کي سچ ته رخسانه پريت جي شاعري پڙهي اها حيرت ٿئي  ٿي ته ڪا نوجوان سنڌي شاعره اهڙي پابند شاعري به ڪري ٿي، جنهن جي خيالن جي اڏام ايڏي وڏي آهي، جيڪا کيس صف اول جي شاعرائن ۾ آڻي بيهاري ٿي. سندس شاعري ۾ درد، تڙپ، احساس ۽ جستجو ڪمال جي نظر آئي، پنهنجي زندگي جي باري ۾ هوءَ پنهنجي هڪڙي شعر ۾ هيئن چوي ٿي:
هيجن تي هريل ناهيون،
نٽهڻ ۾ عمر گذري،
پاڇن ۾ پليل ناهيون.
يا وري پياس ۽ تڙپ جو هڪڙو منظر هن شعر مان ڏسي سگهجي ٿو:
ڪڪري ته وسي وئي آهي،
بس پياس پُسي ڪانهي،
هر چيز پسي وئي آهي.
رخسانه پريت جڏهن پيار، محبت ۽ عشق تي لکي ٿي ته مون کي الائي ڇو ايئن محسوس ٿئي ٿو ته جيئن اردو شاعريءَ ۾ پروين شاڪر بنا پرواهه جي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي، اهڙيءَ ريت سنڌي شاعرائن ۾ وري رخسانه پريت ڪيو آهي.
چئو پيار ملي ويندو،
ملندو ته ڪڏهن ملندو،
جوڀن ته هليو ويندو.
يا وري ٻئي هنڌ لکي ٿي:
آهي شام کان اوسيئڙو،
پيو ساٿ ڏئي ڏيئڙو،
متان سمجهين ايئن پيارا،
جلندو پيو هڪ ئي جيئڙو،
هر ڪنهن جا ايندا وارا،
تون ايئن نه ڪر پيارا...!
جتي سونهن، سوچ ۽ پيار هن جي شاعري ۾ ڇانيل نظر ايندو، اتي هوءُ هڪ ڌرتيءَ جي اهڙي شاعره به نظر ايندي،  جيڪا سنڌ جي تڪليفن تي نه رڳو مزاحمتي شاعري ذريعي پر عملي جدوجهد ذريعي پڻ هر وقت ميدان تي نظر ايندي. آئون ڇاڪاڻ ته شاعر ناهيان، تنهنڪري مون کي بحر، وزن، رديف، قافيي وغيره جي ڪا ڄاڻ ناهي، پر خيال، تصور، سوچ، نفاست ۽ سچائي اهڙيون شيون آهن، جيڪي هر پڙهندڙ پنهنجي پسند جي شاعر يا ان جي شاعريءَ مان پرکي وٺندو آهي. اجائي نمائش، ميڊيائي ڪوريج، اسٽيجن ۽ شهرت کان پري رهندڙ رخسانه پريت پنهنجي دَور ته ڇا، پر هر دور جي بهترين شاعره آهي، جنهن پنهنجي ذات ۾ ادب، سنڌ، خاندان ۽ پنهنجي ڊاڪٽري شعبي سان هڪ جيتري وفا ڪئي آهي. تڪرارن، اجاين جهيڙن ۽ فضول  اختلاف رکڻ بدران ان هميشه سنڌ ۽ سچائي کي اڳيان رکي پنهنجي زندگي گذاري آهي، ان ڪري سنڌ جا وڏا اديب، ليکڪ ۽ شاعر پنهنجي ڪتابن ۽ پنهنجي ڪم تي رخسانه پريت کان راءِ لکرائڻ پسند ڪن ٿا. الطاف شيخ، ادل سومري، امر سنڌو سميت کوڙ اديبن ۽ ليکڪن بابت سندس لکيل راءِ انتهائي غير جانبدار ۽ وزن واري ليکي وڃي ٿي. سندس فيس بڪ جو وال ڏسبو ته سنڌ جي هر نوجوان شاعر ۽ شاعره جو شعر رخسانه پريت جي راءِ لاءِ ٽيگ ٿيل نظر ايندو.
سندس شاعري ۾ ڏک، تڪليفن ۽ درد جا واهڙ وهندي نظر اچن ٿا. رخسانه پريت جي شاعري ۾ ڪمال جي موسيقي آهي، تصور ۽ خيالن جي اڏام آهي. سندس سالگرهه جي موقعي تي هي سٽون لکندي سوچيان پيو ته رخسانه پريت  پنهنجي شاعريءَ کي پاڻ وٽ لڪائي ڇو رکيو آهي، هڪ ڪتاب ڇپائڻ بعد ٻيو ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڇو ناهي آندو؟ سندس غزل، نظم ۽ وايون آواز جا ويس پائي سنڌ جي جهر جهنگ ڇو ناهن پهتيون. آئون سمجهان ٿو ته مطالعي جي سراڻ تي رکندي هوءَ شاعري جو سفر جاري رکندي ته هڪ نه هڪ ڏينهن سنڌ جي وڏن شاعرن جي لسٽ ۾شمار ڪئي ويندي.

No comments:

Post a Comment