23/09/2013

ڪتاب ’شخص ۽ عڪس‘ تي هڪ نظر - الطاف جوکيو (Altaf Jokhyo)


خاڪن تي مبني ڪتاب
’شخص ۽ عڪس‘ تي هڪ نظر
الطاف جوکيو
هو منهنجو استاد آهي، استاد به اهڙو جنهن لاءِ يونان جي مشهور ڏاهي سقراط چيو ته ”ماءُ پيءُ اولاد کي آسمان کان زمين تي کڻي ايندا آهن ۽ وري استاد انهن جي تربيت ڪري هنن کي آسمان تائين رسائي ٿو.“
پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھئي جو ڪتاب ’شخص ۽ عڪس‘ منهنجي نظر مان گذريو، جنهن بي ترتيبيءَ سان نظر مان ڪڍيو اٿم، ان ئي حالت ۾ هي ٻه اکر لکيا اٿم. ڪتاب جي شروعاتي صفحن ۾ ئي سقراط جي هن ڳالهه تي ڪافي دير سوچيندو رهيس، جيڪا هن پنهنجي ڪتاب ’معذرت‘ ۾ لکي آهي ته: ”جيڪو شخص به مون سان ملندو، انهيءَ جي همت افزائي ڪندس ۽ کيس ٻڌائيندس ته هيءَ ڳالهه سچ آهي. مان هن کان سوال ڪندس، هن جو جائزو وٺندس. هن جي اندر کي کوليندس ۽ جيڪڏهن مان ڏسندس ته هو نيڪ هجڻ جي دعوى ته ڪري ٿو، پر حقيقت ۾ هو نيڪ ناهي ته مان هن کي ملامت ڪندس.“

هي سٽون منهنجي محسن استاد، پنهنجي ڪتاب ۾ انتساب طور آنديون آهن. ٿورڙن لفظن ۾ هيڏي وڏي ڳالهه نه فقط ڪرڻ واري جو ڪمال آهي پر جنهن چونڊ ڪري ڏنيون اهو به جس لهڻي.
ڪتاب ’شخص ۽ عڪس‘ پنهنجي نالي ۾ ئي تعارف آهي ته هي شخصيتن جي خاڪن تي ٻڌل هڪ تاريخي دستاويز آهي. علامه آءِ. آءِ قاضيءَ کان وٺي الطاف شيخ تائين جا خاڪا اهڙا ته سهڻي افسانوي انداز ۾ لکيا ويا آهن جو پڙهندڙ ائين پيو محسوس ڪري ته ڄڻ انهن شخصيتن سان گڏ ويهي هنن کان دل جا حال معلوم ڪندو هجي.
ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو بنيادي طور خشڪ سبجيڪٽ، لسانيات کان سماجي لسانيات جو ماڻهو آهي ۽ طبيعت ۾ به خشڪ ئي رهيو آهي. جنهن لاءِ بنا ڪنهن وڌاءَ جي اهو چئي سگهجي ٿو ته ’ڊاڪٽر ٻگهيو جنهن به اداري ۾ رهيو آهي، اتان جا ماڻهو هميشہ هن مان خوش نه رهيا؛ ليڪن هن شخص مان ادارا سدائين سرها رهيا آهن يعني جنهن به اداري ۾ رهيو ان اداري جي ساک اسان کي ٻڌائي ٿي ته ڊاڪٽر ٻگهيو پنهنجي مزاج ۾ خشڪ هجڻ سان گڏ ڪيڏي نه جاکوڙي طبيعت جو مالڪ آهي. مقصد ته ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ رت ڪونه ولوڙبو پر ادارن کي خوش ڪرڻ لاءِ رت به ساڙبو.
هن جو مثال يونان جي ان ڏاهي فلاسفر جهڙو آهي جيڪو ڏينهن جو لالٽين کڻي اٿينس جي گھٽين ۾ چڪر لڳائيندو هو. ڪنهن پاران سوال پڇڻ تي نهايت اطمينان سان هي جواب ڏيندو هو ته ”ماڻهو پيو ٿو ڳوليان.“ جيتوڻيڪ هو هٿن ۾ لالٽين ته نه ٿو کڻي پر سندس ڏاهپ ڀريون روشن اکيون هن ڳالهه جي ساک ڀرين ٿيون ته هو هميشہ پٿرن ۾ هيرن جو ڳولائو رهيو آهي.
ڪتاب پڙهڻ کان اڳ هن جي مزاج بابت مون وٽ جيڪا راءِ هئي تنهن ۾ گھڻي قدر لچڪ ٿي پوي ٿي. پروفيسر ڊاڪٽر ظفر حسن شاهه جي وڇوڙي تي هن جو لکيل تاثر هن هڪڙي سٽ ’اڙي موت ميار، جيڏا روز جدا ڪرين!‘ منهنجي طبيعت کي اداس ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. پروفيسر ظفر لاءِ هن لکيو آهي ته ”هو سنڌي ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ هو ۽ ان عشق ۾ هن اردوءَ کي سنڌي ٻوليءَ جو استحصال ڪندڙ ٻولي سمجهندي، ڪيترو عرصو اردو ٻولي نه ڳالهائي.“ هيءَ اهڙي کري ڳالهه آهي جيڪا شايد عام اديب يا عالم پنهنجي پڙهندڙن سان ههڙي نرالي انداز ۾ ونڊي نه سگهي ها! يا جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو خاڪو لکڻ کان اڳ انهيءَ مضمون جو عنوان ’تن جي لاءِ مثال ڇڏي وڃ‘، پڙهندڙ کي ڄڻ ته سڄي مضمون جو تعارف ڪرائي ڇڏي ٿو. هونئن به سڄي ڪتاب ۾ سندس تاثراتي مضمونن جا عنوان پنهنجي اندر اسان کي مضمون پڙهڻ ڏانهن آماده ڪن ٿا.
ڊاڪٽر بلوچ سميت سڀني شخصيتن جي عڪس تي سندس لکيل سٽون ڄڻ ته هڪ تاريخ جو اولڙو آهن، جنهن ۾ ڪجهه تلخ حقيقتن سان گڏ ادبي چس آسمان تي انڊلٺ جيان ستئي رنگ ورهائيندي نظر اچي ٿي.
ڊاڪٽر بلوچ جي خاڪي ۾ لکيو اٿس ته ”ٻهراڙيءَ جو اهو مرڪڻو ۽ سادو ماڻهو نظر ايندو آهي، جيڪو وزارت ملڻ کان پوءِ به بنا ڪنهن سرڪاري پروٽوڪول جي پنهنجي ويڙهي ڏانهن ورندو آهي. ٿڌي سڙڪ تي ڊگھو پنڌ ڪندي هڪ لمحي لاءِ ڏِک نه ڏيندو ته هو اڄوڪي سنڌ جو سڀني کان وڏو محقق ۽ مدبر آهي، بلڪه هو ته ڪچهري ڪندي به مڙني اعزازن ۽ مرتبن جا جبا لاهي ڦٽي ڪري ڇڏيندو آهي.“
سندس لکيل مٿيون سٽون اهڙيون ته طلسم سان ڀرپور هوشربا ۽ رنگين آهن جن کي بار بار پڙهڻ تي دل مجبور ٿي وڃي ٿي. اهي افسانوي انداز وارا لفظ گواهي ڏين ٿا ته هن جي اندر ۾ هڪ حساس دل رکندڙ ڪهاڻيڪار به موجود آهي.
ساڳئي وقت ڊاڪٽر بلوچ بابت پنهنجا ڪجهه احساس ونڊيندي، غلطيءَ جو اعتراف ڪري معافي گھرڻ ظاهر ڪن ٿا ته هو پنهنجي طبيعت ۾ ڪيڏو نه کرو ۽ سچو ماڻهو آهي. سندس اهڙو انداز مون کي امرجليل جي انهيءَ ڪردار ڏانهن توجهه ڏياري ٿو جيڪو ان ضد تي هو ته اڄ هو چؤڪ تي بيهي سچ ڳالهائيندو.
ڪتاب پڙهندي منهنجو توجهه انهيءَ شخص محمد هاشم ميمڻ جي عڪس ڏانهن به هليو وڃي ٿو، جيڪو منهنجي تَر جو رهاڪو هو؛ پر ڪڏهن به هن کي انهيءَ نظر سان نه ڏٺو هيم، جهڙيءَ ريت ڊاڪٽر ٻگھئي سندس تعارف بيان ڪيو آهي. سندس پاران هن لاءِ لکيل هڪ سٽ ”محمد هاشم ميمڻ جو ادا ڪيل ڪردار ڪنهن پراڻي ياد ۽ اڳ ڏٺل فلم وانگر ذهن جي تهه خانن مان نڪري چٽو ٿي اڳيان اچي ٿو.“ هن سٽ پڙهڻ کان پوءِ اسان مجبور ٿي وڃون ٿا ته ميمڻ مرحوم جو مڪمل خاڪو پڙهون، انهيءَ کان اڳ ان جي خاڪي جو عنوان ’هڪ سنڌ دوست ڪامورو‘ به اسان کي هن جي ڪردار کي سمجهڻ ۾ سؤلائي پيدا ڪري ڏئي ٿو. هونئن به دنيا ۾ اهي ئي ليکڪ ڀلوڙ تصور ڪيا وڃن ٿا جيڪي ٿورڙن لفظن ۾ پنهنجو مڪمل پيغام اسان تائين پهچائين ٿا. هن خاڪي ۾ ڊاڪٽر ٻگھئي جهڙيءَ طرح ميمڻ مرحوم جو ذڪر ڪيو آهي ته ائين محسوس پيو ٿئي هي ڪردار سنڌي ماڻهن جو سڄڻ ۽ محسِن هجي. سنڌ جي هڏ ڏوکي ڪردارن کي اهڙي انداز سان پيش ڪرڻ مان بيشڪ ليکڪ جي سنڌ دوستي ظاهر ٿئي ٿي.
علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي خاڪي پڙهڻ دؤران هن جي لفظن: ’اسان جو ڏاهو‘ تي ڪافي دير سوچيندو رهيس؛ سچ ته هنن ٽن لفظن ۾ ئي مون قاضي صاحب جو پورو خاڪو پڙهي ورتو. لکڻ جو اهو ڪمال ته جنهن تي لکيو وڃي انهيءَ کي پهريان پنهنجو ڪيو وڃي. مٿان لفظ اها ساک ڀرن ٿا ته علامه قاضي اسان سڀني جو ڏاهو هو. ڊاڪٽر ٻگھيو جڏهن سندس بابت هي لفظ لکي رهيو هو ته: ”پاڻ سچ جو ساٿاري ۽ ڪوڙ، حسد، دغا ۽ منافقت کان نفرت ڪندڙ هو. هر طرف ڪوڙ ۽ نفرت جي ڪاروبار کي ڏسي هن سچ ۽ فلسفي جي قوَت ذريعي سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ سوچيو ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪئي.“ انهن لفظن پڙهڻ کان پوءِ تصور ۾ ڊاڪٽر ٻگھئي کي علامه قاضيءَ جو تسلسل ۽ ساڳيو عَلم هٿ ۾ کڻي بيٺل ڏسان ٿو.
اهي سٽون به علم جي روشني ڦهلائيندي محسوس ٿين ٿيون جنهن ۾ علامه قاضيءَ لاءِ لکيو ويو آهي ته ”علامه صاحب علم کي روشني سمجهندي پنهنجي سموري زندگي روشنيءَ جي پکيڙ ۽ اونده کي ڪڍڻ ۾ گذاري. سڄي عمر اها ئي دعا گھرندو رهيو ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ جو مُک مقصد بڻايائين.“
ڪتاب ’شخص ۽ عڪس‘ ۾ ڊاڪٽر ٻگھئي سنڌ جي سر موڙ شاعر شيخ اياز جي زندگيءَ ۽ سندس ڪم کي ٽن مرحلن ۾ رکيو آهي. پهرين ۾ شيخ اياز جي شاعري ۽ شاهه لطيف جي ذڪر ۽ فڪر جو اڀياس شامل ڪيو آهي؛ انهيءَ مضمون جي عنوان مٿان هيءَ سٽ ’ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀرسان ويهي پنهنجي ڳجهه کي ڳول!‘ پڙهڻ واري جي احساسن کي لطيف جي روضي سامهون بيهاري ڇڏي ٿو، جنهن ۾ هو ڪافي دير تائين ڀٽ ڌڻيءَ جي زيارت ڪندي ڪجهه گھڙين لاءِ ڪراڙ جي ڪپ تي ستل شيخ اياز ڏانهن به ڏسي ٿو. هو سنڌ جي ٻنهي عظيم شاعرن جي ڀيٽ ڪندي ساڳي سٽ ’...پنهنجي ڳجهه کي ڳول‘ ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
مضمون جا هي لفظ ”شاهه کان علاوه، ٻين اثاثي شاعرن سچل ۽ ساميءَ لاءِ به هن جي من ۾ عجيب قسم جي محبت مؤجزن آهي، اهڙي محبت جهڙي صوفيءَ کي پنهنجي محبوب سان هوندي آهي جو هو محبوب ۾ گم ٿي، عاشق ۽ معشوق ۾ ڪوبه فرق محسوس نه ڪندو آهي ۽ وحدت الوجود جو عملي پرچار ڪندو آهي. اها ساڳي ڪيفيت شيخ اياز تي طاري ٿيل نظر اچي ٿي.“ سنڌ جي شاعر لاءِ ڊاڪٽر ٻگھئي جا هي خيال مڪمل تعارف بڻجي اسان جي سامهون بيٺا آهن. هو اسان کي زندگيءَ ۽ عاشقيءَ بابت اياز جو پيغام اهڙن ته دل لڀائيندڙ افسانوي انداز ۾ ٻڌائي ٿو جو ڳالهه هڪدم سمجهه ۾ اچيو وڃي.
ڪتاب جي تبصري ۾ ذڪر هيٺ آيل شخصيتن کان سواءِ به شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، پير حسام الدين راشدي، ذوالفقار علي ڀٽو، پروفيسر محمد عمر ميمڻ، سراج، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، عبدالغفار تبسم، تاج بلوچ ۽ الطاف شيخ تي لکيل تفصيلي خاڪا پڙهڻ کان پوءِ اسان انهن شخصيتن کي پنهنجي تمام ويجهو ۽ دوستن جي دائري ۾ ڏسي سگهون ٿا. سچ ته خاڪن تي ٻڌل هي ڪتاب مختصر هوندي ايڏو ته جامع آهي جو جيڪر ڪتاب تي تبصري لاءِ هڪ الڳ ڪتاب لکي سگھجي ٿو. ڊاڪٽر ٻگھئي پنهنجي ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ’معذرت‘ مان سقراط جي عدالت ۾ ڪيل آخري تقرير نقل ڪئي آهي؛ جنهن ۾ سقراط بار بار ايٿينز جي شهرين کي مخاطب ٿيندي کين علم ۽ فلسفي ڏانهن رغبت ڏياري ٿو. جڏهن به سقراط جو هي جملو ”ايٿينز جا شهريو!“ نقل ٿيل آهي ته ائين پيو محسوس ٿئي ته ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو چوندو هجي ته ”اي سنڌ واسيو، پنهنجو ڌيان علم ۽ ڏاهپ ڏانهن ڏيو!“
خاڪن جا ڪتاب گھڻو ڪري عمر جي پڇاڙيءَ واري حصي ۾، تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي لکيا ويندا آهن، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي پوري زندگيءَ جي عرق ريزي شامل ڪندو آهي. هي ڪتاب نه فقط اسان کي ادبي چسڪو مهيا ڪن ٿا بلڪ سماجي زندگيءَ جي پيچرن کان به آگاهي ڏين ٿا. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اهڙن ڪتابن جي تمام گھڻي مڃتا آهي. لکن جي انگ ۾ هي ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پڄن ٿا، انهيءَ جي ابتڙ سنڌي ادب ۾ خاڪن جا ڪتاب نه هجڻ جي برابر آهن پر هي ڪتاب انهيءَ کوٽ جو ڪنهن حد تي خال ڀري ٿو. علم دوستن کي گذارش ته هڪ ڀيرو هن ڪتاب کي پنهنجي نظر مان ضرور ڪڍن.

No comments:

Post a Comment