23/09/2013

شاهه ڪريم جي شاعري - غلام نبي ڪيريو (Ghulam Nabi Keeryo)


سنڌي ٻولي جو اثاثو
شاهه ڪريم جي شاعري
غلام نبي ڪيريو
سنڌي ٻوليءَ جي عظيم لاکيڻي شاعر ۽ شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالڪريم جي شاعري واري مجموعي بيان العارفين و تنبيه الغافلين جي سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمي باوجود سندس شاعريءَ جي سموري مجموعي کي چار صديون هڪ سال گذرڻ باوجود اڃا تائين آسان سنڌي ۾ نه آندو ويو آهي، نه وري ان بابت سنڌ سرڪار جي ثقافت، اوقاف ۽ ٻين تحقيقاتي ادارن ڪا تحقيق شروع ڪئي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي هن عظيم شاعر جي شاعري اڄوڪي دور ۾ اڃا به سنڌي ۾ ڇپيل هجڻ باوجود اڻ لڀ بڻيل آهي.

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي پيدائش ۲۰ شعبان ۹۴۴ هجري، ۳۰ جنوري ۱۵۳۸ تي مٽياري شهر ۾ ٿي هئي. سندس وفات بلڙي شاهه ڪريم ۾ ۷ ذوالقعد تي ٿي. سندس بابت اهو مشهور آهي ته پاڻ ننڍپڻ کان ذڪر الاهي ۾ گهڻو مشغول رهندا هئا، جنهن ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ به سندن دلچسپي ۾ شامل هئي. جنهن جي ڪري شاعريءَ وارو شوق به سندن جواني کان  پروان چڙهيو هو.
شاهه عبدالڪريم جي سموري شاعريءَ ۾ تصوف کي فوقيت حاصل آهي، جنهن ۾ پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي نظريي تي شاعريءَ جي اثرات بابت ڪيتريون اڳڪٿيون ڪيون آهن، پر پاڻ سموري  شاعري سنڌيءَ ۾ ڪئي هئائون، جنهن کي مرحوم محمد رضا بن عبدالواسع فارسي ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪا شاعري ترجمي سان هاڻي آسان سنڌيءَ ۾ موجود آهي. پاڻ سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ جيڪا به شاعري ڪئي آهي، ان ۾ حقوق العباد جي تصور ذريعي رب کي راضي رکڻ جو درس ڏنو ويو آهي. 
شاهه ڪريم انسان ذات کي پنهنجي رب کي راضي رکڻ  لاءِ ڪيتري قرباني ڏيڻي پوي ٿي، ان جي لاءِ هڪ عظيم مثال طور شاعريءَ جي ذريعي سمجهاڻي ڏني آهي، جنهن ۾ ڪائنات جو سمورو تصور ۽ باهمي تعلق بابت به پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر جي درس کي فوقيت ڏني آهي. سندن ڪلام ۾سندن تخيل کي شامل رکڻ لاءِ پاڻ پيادل سفر ڪرڻ جا ڪيترائي ڪشالا پڻ ڪاٽيا هئا، جنهن سان سندن شاعري عام فهمي واري شاعري بجاءِ عملي تخليقي شاعري جو محور بڻيل رهي، شاهه ڪريم جي دور ۾ سنڌ تي ارغونن، ترخانن جي ڏاڍ ۽ جبر جو دور هو، جنهن زماني ۾ سنڌ جي ماڻهن کي زيادتين جو شڪار بڻايو ويو پئي، ان وقت به شاهه عبدالڪريم ان سڄي دور جي پس منظر کان به پاڻ واقف بڻيل هئا ته ان دور جي ظلم ۽ جبر کي شاعريءَ جي ذريعي ان جو به ذڪر شامل رکندا هئا.
شاهه عبدالڪريم کي ظلم ۽ بربريت کان نفرت هئي، جنهن جي ڪري هو ان دور جي حڪمرانن وٽ درٻاري شاعر بڻجڻ بجاءِ بلڙي شاهه ڪريم جي نگريءَ ۾ اچي پاڻ پنهنجو آستانو ٺاهيو. تاريخ لکي ٿي ته شاهه عبدالڪريم هڪ سٺو شاعر هجڻ باوجود پاڻ پنهنجي زندگيءَ جي گذران لاءِ پورهيو ڪرڻ کي پسند ڪندا هئا. پورهئي کي عيب نه سمجهندا هئا، سندن صبر ۽ تحمل جا به وڏا مثال قائم آهن، پاڻ بلڙيءَ شاهه ڪريم جي هڪ پيرسن عورت مائي بلڙيءَ جي رڌل رٻ سندس مٿان هارڻ واري واقعي تي به ڪا به ڪاوڙ نه ڪئي ۽ ٻڍڙي عورت جي ان عمل تي سندس ٿورا مڃيا. تاريخ لکي ٿي ته ان ٻڍڙي عورت شاهه عبدالڪريم جي ان صبر تحمل واري عمل سبب ان وقت ئي کائنس پيرن تي ڪري معافي ورتي، جنهن تي پاڻ ان عورت جي مائي بلڙي واري نالي کي هن شهر جي نالي سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ ان وقت جي موجود ماڻهن کي هدايت ڪئي ته منهنجي هن شهر کي منهنجي نالي سان گڏ بلڙي شاهه ڪريم جو نالو ضرور شامل رکيو وڃي. بلڙي شاهه ڪريم شهر جي تاريخي حيثيت به ان نالي سان اهميت رکي ٿي. ان پيرسن عورت جو مقبرو اڄ به بلڙي شاهه ڪريم ۾ موجود آهي، جتي اڳوڻي تعلقي ناظم سيد ذوالفقار علي شاهه پنهنجي دور ۾ مائي بلڙيءَ جي قبر واري هنڌ کي مقبرو بڻايو هو، جيڪو شهر کان ٻن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي.
شاهه عبدالڪريم جي شهر بلڙي شاهه ڪريم اندر درگاهه تي ڪيترن بزرگن جون تاريخي قبرون ۽ مقبرا به ان جي تاريخ جو اڻ ٽر حصو آهن، جيڪي قديم تاريخي اثاثن طور موجود آهن،  شاهه عبدالڪريم بابت اهو به چيو وڃي ٿو ته پاڻ هارپو به ڪندا هئا. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو خانداني طور شاهه عبدالڪريم رشتي ۾ تڙ ڏاڏو آهي، جنهن ۾ شاهه عبدالطيف پاڻ سان گڏ قرآن پاڪ کان علاوه مثنوي روم ۽ شاهه عبدالڪريم جو رسالو به پاڻ سان گڏ رکندا هئا ۽ ان مان فيض حاصل ڪندا هئا.
شاهه عبدالڪريم جي شاعري واري پس منظر ۾ صوفياڻي فڪر جي روح کي به روشن رکيو آهي، جنهن ۾ بيان العارفين و تنبيهه الغافلين رسالي ۾ ان جو تفصيلي ذڪر شامل آهي. شاهه عبدالڪريم جي ذهني صلاحيت ۽ فضيلت جو به شاعريءَ ۾ معجزو هو ته پاڻ شاعري ۾ صوفي باصفا واري عملي زندگي کي اهميت ڏيندا هئا. سندن مقبرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ پاڻ پنهنجي موجودگيءَ ۾ تعمير ڪرايو هو، جنهن ۾ پاڻ سندن نالي سان هڪ سر به لڳائي هئي. جنهن بابت درگاهه جي گادي نشين طرفان تصديق ڪئي ويئي آهي، ته اها سر ڪيتريون صديون گذرڻ ڪري مسمار ٿي آهي، پر ان کي ڪنهن به هٽايو نه هو. لطيف سرڪار جي نگراني ۾ تعمير ٿيل عمارت اڄ به ساڳي حالت ۾ موجود آهي، جنهن جو عڪس ساڳيو لطيف سرڪار جي پنهنجي درگاهه تي موجود آهي. ۵ ذوالقعد تي هر سال وانگر سندن ميلو درگاهه شاهه عبدالڪريم تي ملهايو ويندو آهي. هن سال به ميلي جي موقعي تي هر سال وانگر هن سال به عام روايتي ميلن بجاءِ درگاهه تي ڪريمي ۽ لطيفي راڳ جا راڳي فقير تنبوري جي تارن سان راڳ پيش ڪري رهيا آهن، جيڪو سلسلو ميلي جي پڄاڻيءَ تائين جاري رهندو، ميلي جي رسمن ۾ باهه واري مچ تي چوطرف ڦيرا ڏئي ”الله هو.. تون ئي تون“ جو ذڪر ڪندا آهن، جنهن دوران ميلي ۾ ايندڙ شائقين توڙي مريدن تي سڪتو طاري ٿي ويندو آهي. ميلي جي ٽين ڌمال کان پوءِ اجتماعي دعا واري رسم به ادا ڪئي ويندي آهي، جنهن کان پوءِ به ٽي ڏهاڙا درگاهه انتظاميه طرفان درگاهه تي راڳ جو سلسلو ۽ سماع ڪرڻ جو سلسلو به جاري رکيو ويندو آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار جي طرفان هر سال وانگر هن سال سنڌ جي عظيم لاکيڻي مهان شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي عظيم شاعري واري تصور کي حڪومتي ادارن وساري ڇڏيو آهي. سرڪاري سطح تي ڪنهن به وزير توڙي صلاحڪار درگاهه تي حاضري نه ڀري آهي، نه وري شاهه عبدالڪريم جي ۴۰۲ هين عرس جي موقعي تي سندس عظيم شاعري بابت رسالي ۾ ڪا به واڌ ڪرڻ لاءِ ڪو به نئون رسالو يا سندس فڪر بابت ڪو به ڪتاب پڌرو نه ڪيو ويو آهي ته جيئن اڄ جو نوجوان پنهنجي تاريخي اثاثي مان ڪا وڌيڪ ڄاڻ ۽ سبق حاصل ڪري سگهي.

No comments:

Post a Comment