05/09/2013

سندري اتمچنداڻي - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


هولارام هنس جي هڪ ڀيٽا
سندري اتمچنداڻي
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي نهايت قداور ڪهاڻيڪار سندري اتمچنداڻي، سنڌي ادب ۾ اهڙو نالو آهي، جنهن جو من هند توڻي سنڌ جي ادب ۽ اديبن ۾ هڪجهڙو آهي، هن جي ادب ۽ شخصيت بابت تنقيدي توڻي تعريفي ڪيترو ئي لکيو ويو آهي. هن بابت ڪونج جو اهو پرچو يادگار آهي، جيڪو 2006ع ۾ ڪاڪي هري موٽواڻيءَ ڇپيو. ان کان پوءِ سندس ادب ۽ شخصيت بابت مڪمل ڪتاب ممبئيءَ ۾ رهندڙ اسان جي بزرگ اديب هولا رام هنس لکيو آهي.
هولا رام هنس ورهين کان سنڌي ادب ۾ هڪ لکندڙ طور پنهنجو حصو ڳنڍيو آيو آهي، ۽ بيسٽ سنڌي سڀا پاران هڪ پبلشر طور پڻ سندس خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. هو لڳ ڀڳ ٻن درجن کن ڪتابن جو ليکڪ آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جا ڪيترائي پهلو اچي وڃن ٿا.
تازو ئي هن مانائتي ليکڪا سندري اتمچنداڻيءَ بابت هڪ ڪتاب لکيو آهي جيڪو نه رڳو دادي سندريءَ جي ادب بابت آهي پر هن جي زندگيءَ بابت به ڪافي ڄاڻ ڏيندڙ آهي. ادب ۾ سندريءَ جي الڳ الڳ پاسن تي هيءُ هڪ ساراهڻ جوڳو ڪتاب آهي. جڏهن به ڪجهه محبت ساڻ ڪجي ٿو ته ان جي اگهامڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. هولا رام هنس اديب طور توڻي شخص طور هڪ نيڪ ۽ آشا وادي آهي، هن جي من ۾ نيڪيءَ جو واسو آهي، جنهنڪري سندس سڀني ڪتابن ۾ انسان جي چڱائيءَ وارو پاسو ظاهر ٿي بيٺو آهي. اهڙي چڱائي ۽ سٺائي، جيڪا سماج کي ۽ ماڻهوءَ کي سٺو بڻائڻ ۽ مددگار ٿئي يا رستو ڏيکاري. هيءُ ڪتاب جنهن جو نالو آهي ”سندري اتمچنداڻي“ اهو پڻ اهڙي نيڪ منشا موجب ئي لکيل آهي، جنهن ۾ سندريءَ جي ڪهاڻين، ناولن، شعرن، مضمونن، ترجمن ۽ سفرنامي کان سواءِ سندس شخصي جيون جي جهانڪي پڻ ملي ٿي، ساڳئي وقت لکندڙ جي محبت ڀري مڃتا پڻ ڪتاب ۾ ظاهر ٿي بيٺي آهي، جنهن لاءِ هولا رام هنس صاحب گهڻو جس لهڻي، جنهن دادي سندريءَ کي نهايت باريڪيءَ سان پرکيو آهي. هن جي ورن وڪڙن ۽ اجائي ڊيگهه واري عيب کان بچيل ٻوليءَ ۾ لکيل هيءُ ڪتاب هڪ ليکڪا بابت ته آهي ئي، پر ان ۾ ادب، احترام، نيڪي ۽ سچائيءَ ڀريون ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي سرحد جي ٻنهي پاسي جي پڙهندڙن کي ڄاڻ به ڏينديون ته موهينديون پڻ! 86 صفحن جي هن دادي سندريءَ جي مرڪندڙ تصوير واري ٽائيٽل سان ڇپيل ڪتاب جو ملهه انڊين ڪرنسيءَ ۾ 150 رپيا آهي ۽ ڪتاب بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئيءَ جو تحفو آهي!

No comments:

Post a Comment