03/09/2013

ايم ڪمل جي شاعريءَ ۾ شهر - مشتاق گبول (Mushtaq Gabol)


ايم ڪمل جي شاعريءَ ۾ شهر
مشتاق گبول
ايم ڪمل هندستان ۾ سنڌي ٻولي جو تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ان جي شاعريءَ ۾ شهري زندگيءَ، شهري حالتون، شهري زندگيءَ جا مسئلا، شهري ماڻهن جون بيوسيون شاعراڻي ڪاريگري سان آرٽسٽڪ انداز ۾ ”آرٽ ۽ ڪرافٽنيس“ سان سمايل آهن. هندستان ۾ رهندي، اُن جي وڏن شهرن کي 80ع واري ڏهاڪي ايم ڪمل جنهن نموني بيان ڪيو آهي، اڄ به خاص ڪري هندستان ۽ پاڪستان جي وڏن شهرن جي ساڳي حالت آهي يا ائين چئون ته اڃا به ان جي ابتر حالت آهي ته غلط نه ٿيندو. شهري زندگي اپنائڻ ۽ شهر ۽ ان جي حالتن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ لاءِ ايم ڪمل چوي ٿو ته:
”گوڙ، گُهٽ، گند تي هِرو جلدي،
دوستو! شهر جا ٿيو جلدي.“

جيئن جيئن ماڻهو، شهر جي گوڙ، گهُٽ ۽ گند تي جيترو جلدي هِرندو، اوترو جلدي، شهر جو ٿي ويندو. شهر جو ٿيڻ جي لاءِ ”ڪمپرومائيز“ ڪرڻو آهي. ”گوڙ، گهُٽ ۽ گند“ کي قبول ڪرڻو آهي، انهن کي قبول ڪري شهري بڻجڻو آهي! ۽ شهري بڻجڻ کان پوءِ، انهن کان لاتعلق بڻجي جيئڻو آهي، يا انهن جي هُجڻ جي احساس کي ڪڍي جيئڻو آهي! شهر ۾ رهڻ جي لاءِ شهر سان هڪڙو ”سؤدو“ ڪرڻو پوندو آهي ۽ پوءِ سڄي زندگي انهيءَ ”سؤدي“ تحت گذارڻي پوندي! ”سؤدي“ جي ڀڃڪڙي به ناهي ڪرڻي، نه ته شهر، اسان کي قبول نه ڪندو ۽ جي شهر اسان کي قبول نه ڪيو ته اسان کي يا ته ماري ڇڏيندو، يا ته اسان کي ڪڍي ائين ڦِٽو ڪري اُڇلائيندو، ڄڻ ڪنهن ”مُردي“ کي ”قبر“ مان ڪڍي اُڇليو ويو هُجي! شهرن جا به ماڻهن وانگر پنهنجا ”مزاج“ هوندا آهن! شهر، به ماڻهن وانگي ”ڪمپرومائيز“ ۽ ”سؤدو“ ڪندا آهن! شهر به ماڻهن وانگي شروع شروع ۾ آجيان به ڪندا آهن ۽ شهر ئي ماڻهن وانگي، نه وڻڻ، نه قبول ڪرڻ جي صورت ۾ اُڇلائي ڦِٽو ڪندا آهن! شهر ئي ماڻهن وانگي مارائي به ڇڏيندا آهن. ماڻهن سان رهي رهي، ”شهرن جا مزاج“ به ماڻهن جهڙا ٿي ويا آهن!
شهر، واندڪائي لاءِ وقت ناهن ڏيندا. ان ڪري هڪ پاسي ماڻهو اڪيلو نه ٿيندو ته ٻئي پاسي، پيار ۽ پنهنجائپ کان سواءِ شهر، ميڙ ماڻهن جو اڪيلو ڪري اڪيلائي جو احساس ڏيندو آهي! توڙي جو ماڻهو، شهر جي گوڙ گهمسان جو قصو ٿي رهجي ويندو آهي:
”گوڙ گهمسان جو قصو آهيان،
اَڄ جي هستيءَ جو هڪ حصو آهيان.“
شهرن ۾ دهشتگردي ڏينهون ڏينهن وڃي پئي وڌندي. روز گوليون هلنديون آهن! روز بم ڌماڪا ٿيندا آهن. ماڻهو، گولين سان، ڌماڪن سان هِري ويندو آهي! ۽ گولين ۽ ڌماڪن ۾ به ان کي چوڻو پوندو آهي ته: ”ٻِيو مڙئي سک ئي سُک آ!“ ۽ پنهنجي سڄي درد ۽ ڪرب کي هڪ جملي ۾ سمائي، هڪ زبرو ڌڪ هڻي ايم ڪمل چوي ٿو ته:
”نت نت نئون ڌماڪو، ٻيو مِڙئي سُک ئي سُک آ،
ڀوَ بخش آ تماشو، ٻيو مِڙئي سُک ئي سُک آ!“
جڏهن ماڻهو نت نئين ڌماڪي ۾ ”سک ئي سک“ محسوس ڪري! جڏهن ماڻهو، ”ڀوَ بخش تماشي“ ۾ چئي ڏي ته ”ٻيو مڙئي سُک ئي سُک آ“ ته سوچيو ماڻهو، اڄ جو ماڻهو، شهر جو ماڻهو، ڪيڏو نه بي حس ۽ پٿر بڻجي ويو آهي!
”شهر ۾ گولي هلي، پوءِ الائي ڇا ٿيو،
خلق هڪ پاسي ڊُڪي، پوءِ الائي ڇا ٿيو!
هڪ ڌماڪي سان سڄي روشني ميري ٿي وئي،
اوچتو ڌُوڙ اُڏي، پوءِ الائي ڇا ٿيو!“
هڪ ڌماڪي سان ”سڄي روشني ميري ٿي وڃي!“ پوءِ به خبر نه رکي ۽ اڻ ڄاڻائي ڏيکاري ۽ اطمينان سان چئي ڏي ته ”پوءِ الائي ڇا ٿيو!“ شهري ماڻهن جي ٻين ماڻهن سان اڻڄاڻائي ۽ لاتعلقي کي نه رُڳو ”لفظن جي بُرش“ سان ”پينٽ“ ڪيو ويو آهي، پر اهڙي اڻڄاڻائي ۽ لاتعلقي تي تنقيد، طنز ۽ چوٽ به ڪئي وئي آهي. ايم ڪمل پنهنجي شاعريءَ جي مصوري سان شهر جي شڪل کي ”لفظن جي رنگن“ سان ”ڪاڳر جي ڪينواس“ تي ڪمال ڪاريگري سان ”پينٽ“ ڪيو آهي.
گوليون هلن، ڌماڪا ٿين، ماڻهن جو قتل عام ٿئي، ڪا گهڙي جي لاءِ ”دهشت“ ڦهلجي وڃي ٿي، پر بعد ۾ ماڻهو جو قتل ”تماشو“ لڳڻ لڳندو آهي! جڏهن ماڻهو جو قتل، ”تماشو“ لڳي! تڏهن اسان کي پنهنجي انسان هُجڻ تي شرم اچڻ کپي! شاعر به ته شهر جو، شهر جي ماڻهن جو جيئن جو تيئن نقشو چٽي، ايڏي بي رحمي ڏيکاري، اسان ۾ رحم جو جذبو جاڳائڻ چاهي ٿو!
”ڪا گهڙي دهشت هُئي، پر بعد ۾،
قتل رستي تي، تماشو ٿي لڳو.“
ايم ڪمل شهر جي نفسيات کي ڪيڏي نه سادگي ۽ معصوميت سان بيان ڪيو آهي. شاعر، بي رحمي کي معصوميت سان بيان ڪيو آهي!
اڄ جي دهشتگردي کان مسجد، امام بارگاهه، گرجا گهر ۽ مندر ڀي بچي ناهن سگهيا! مذهبي انتهاپسندي وڌندي وڃي پئي. انسان کان انسان جي سُڃاڻپ کسي، انسان جي سُڃاڻپ مسلمان، عيسائي، سک ۽ هندو طور ڪئي وڃي ٿي! حد ته اِها آهي جو، مسلمان آهي ته ان جي سڃاڻپ فرقن ۾ ڪئي وڃي ٿي ۽ جي هندو آهي ته ان جي سُڃاڻپ اُوچ نيچ جي حساب سان ڪئي وڃي ٿي! پوءِ ڌماڪا ڪيا وڃن ٿا، مسجدن ۾ ڌماڪا، امام بارگاهن ۾ ڌماڪا، گرجا گهرن کي باهيون ۽ اُنهن ۾ ڌماڪا، مندرن ۾ ڌماڪا، مطلب ته جتي انسان کي ٿورو گهڻو چين سڪون، وقتي طور تي، انهن عبادتگاهن ۾ ملندو آهي. انسان کان چين سڪون کسجي!
”هِن آستان ۾ ڀي خوني هُجي نه ڪوئي،
مسجد، مڙهي ۾ ويندي، اڄ ڊپ ٿيڻ لڳو آ.“
عبادتگاهن ۾ ويندي ۽ مذهبي عمل بجا آڻيندي به ”ڊپ ٿيڻ لڳي“ ته انسان جو ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو!
شهر ۾ جنهن ڏينهن، ڪا گولي نه هلي، ڪو ڌماڪو نه ٿئي، ڪو ماريو نه وڃي، ڪو ٻُوري بند لاش نه ملي، ڪابه گڙٻڙ نه ٿئي، ڏينهن سڄو امن سُک ۽ شانتي سان گذري وڃي ته شهري ماڻهن کي حيرت ٿيندي! عجيب سوچن ۽ پٽ کوهه ۾ لڳي ويندا ۽ انهن جو چين سڪون ڦِٽي ويندو ته اڄ ڪيئن امن سان ڏينهن گُذريو آهي! اڄ ڇو ڪُجهه به نه ٿيو آهي؟ انهن جو چين سڪون ائين ڦِٽل هوندو، جيئن موالي کي نشو نه مليو هُجي! ۽ ٻاڙ ۾ هن جو چين سڪون ۽ آرام ڦِٽل هُجي!
شهري ماڻهن جي لاءِ ”ڪجهه به نه ٿيڻ“، هڪ ”حادثو“ آهي! ”ڪُجهه نه ٿيڻ جو حادثو ٿيڻ ”حيرت جهڙي ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهه آهي! ۽ مان ايم ڪمل جو شعر پڙهي ”حيرت“ ۾ وٺجي ويو آهيان!
”حيرت ۾ سڄو ئي شهر آ اڄ،
ٿيو ڪُجهه نه ٿيڻ جو حادثو آ.“
پر جڏهن ڪُجهه ٿيندو آهي، ڪا باهه نئين دُکندي آهي، تڏهن شهر، مُردي وانگر ”سرد“ پيو هوندو آهي. شهر جون اکيون، شهر جا ڇپر، دوڪانن جي شٽرن وانگي هيٺ ڪِريل هوندا آهن ۽ ماڻهو پنهنجي ”گهرن ۾ قيد“ بڻجي ويندا آهن! ماڻهن جي دلين کان ڌڙڪڻ وسري ويندو آهي. ماڻهن کي ”دلين“ جي بجاءِ پنهنجا ”گهر، ڌڙڪندي“ محسوس ٿيندا آهن. ماڻهو خاموش هوندا آهن، ديوارون ڳالهائڻ لڳنديون آهن!
”اڄ مُردي جان شهر سرد پيو آ،
ڪا باهه وري دکي نئين آ“
جڏهن شهر ”مُردي جان سرد“ پيو هوندو آهي، ڪا باهه نئين دُکيل هوندي آهي، تڏهن زندگي کي ”روان رکڻ لاءِ“ شهر جي مسئلن جي حل جي لاءِ ”ساڌو، مذهبي اڳواڻن ۽ داداگيرن“ سان لهه وچڙ ۾ اچبو آهي. ڄڻ شهر جا ڪرتا ڌرتا اهي هُجن! ائين سمجهجي ته شهر اُنهن وٽ يرغمال بڻيل هوندو آهي:
”شهر جا سارا مسئلا دور،
ساڌو يا داداگير ڪندو.“
دهشتگردي ۾ ورتل شهري ماڻهن ۾ لالچ لوڀ ۽ ٺڳي جو عنصر تمام گهڻو هوندو آهي. سڄي زندگي لوڀ ۾ گذاري ڇڏيندا آهن، سڄي زندگي ٺڳي ڪندي گُذاريندا آهن ۽ شهر ۾ رُڳو لوڀ ۽ ٺڳي جي ترقي ٿيندي رهي ٿي! شهر وڃي ٿو مٿي چڙهندو ”لوڀ جي چار ماڙ“ ۽ ”پنج ماڙ ٺڳي جي عمارتن سان“! ”چار ماڙ لوڀ“ ۽ ”پنج ماڙ ٺڳي“ ايم ڪمل ئي لکي سگهيو آهي، ڇو ته هن کي ”شهر جي شڪل“ ”پينٽ“ ڪرڻي آهي، جنهن ۾ ڪا ڪمي نه هُجڻ گهرجي:
”وڃي ٿو روز مٿي چڙهندو منهنجو شهر ڪمل،
ٿو چار ماڙ کڄي لوڀ، پنج ماڙ ٺڳي.“
لوڀ، لالچ ۽ ٺڳي کان علاوه شهر جي ٺڳڻ جو هڪڙو ٻيو به طريقو آهي. اُهو آهي ”اشتهارن جي ذريعي ٺڳڻ“. ٺڳڻ جو اهو طريقو عام آهي ۽ سڄو شهر اسان کي ”اشتهارن سان ڀريل“ نظر ايندو!
”سڄو شهر اشتهارن سان ڏِکيل آ،
وڏي واڪي ٺڳڻ جو دور آ اڄ.“
شهري زندگي جيئندي، هڻ هڻان، وٺ وٺان ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ ماڻهو پنهنجي ”پاڻ“ کان پري ٿيندو ويندو آهي ۽ آخر پاڻ کي ”وڃائي“ ويهندو آهي، پوءِ وري ٻيهر مشڪل سان پاڻ سان ملي سگهندو آهي! اِهو به شهري زندگي جو عڪس آهي:
”ڪيئن خود پاڻ کان ڀي دُور ٿبو!؟“
اِهو سڀ شهري زندگيءَ تي ڇڏيو“.
”پاڻ کان پري ٿيڻ“ کان پوءِ ماڻهو ۾ ”اڪيلائي جو احساس“ وڌي ويندو آهي. شهر ۾ گند ڪچرو هُجڻ ۽ ”گٽرن جو اُٿلڻ“ عام آهي. گهٽيون گندي پاڻي سان ڀرجي وينديون آهن ۽ گهر ڏي وڃڻ وارو واحد رستو به ”گٽر جي اُٿلڻ“ سبب گندي پاڻي سان ڀريل هُجي! ڇا ڪجي گهر ته وڃڻو پوندو آهي.....
”ڏاڍو گند ۽ بانس آ ڦاٿل گٽر جي هت مگر!
ڇا ڪجي، گهر ڏي وڃڻ جو هڪ اِهو ئي رستو آ.“
ايم ڪمل شهري زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ شاعر آهي. هُو شهر جا آنڊا گونڊا ڪڍي، ان جي هرهڪ عضوي کي اسان اڳيان رکي پيش ڪندو رهيو آهي. شهر جو ڪوبه مسئلو ۽ شهري زندگيءَ جو ڪوبه عڪس ايم ڪمل جي شاعريءَ کان رهيل نه هوندو! شهري ماڻهن کي ان جي شاعري پڙهي، پنهنجي بي حسي ۽ پنهنجي اڻ ڄاڻائي، لاتعلقي، پنهنجي ٺڳي، لوڀ ۽ پنهنجي بُزدلي کي ڇڏي، پنهنجا مزاج ۽ پنهنجي شهرن جا مزاج بدلائڻا پوندا ۽ پنهنجي تقدير جا فيصلا پاڻ کي ڪرڻا پوندا.

No comments:

Post a Comment