05/09/2013

خالي بوتلون - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


عمر قاضيءَ جون پنن تي اوتيل
خالي بوتلون
رکيل مورائي (Rakhyal Morai)
بوتلون جڏهن کالي ٿينديون آهن، تڏهن انهن کي ڪاٻاڙيءَ وارا به مشڪل سان خريد ڪندا آهن. اهي گهرن ۾ رکڻ جو ته سوال ئي نه آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت انشائيه لکندڙ عمر قاضيءَ اهو ڪيئن سمجهيو ته سندس ڪتاب انهيءَ نالي سان ماڻهو خريد به ڪندا ۽ پڙهندا به !
ڪتاب پڙهڻ جو مون لئه سبب هيري ٺڪر جو اهو جملو آهي، جيڪو هن دهليءَ ۾ ويهي ڪنهن مضمون جو عنوان ڏنو آهي، ۽ لفظ استعمال ڪيو آهي. الٽ باسيون شايد هنن بوتلن کي ائين سمجهڻ جيڪي اچارجن کالي ٿيون پر آهن ڀريل.
ممڪن آهي ته عمر قاضي جي نالي سان لکندڙ هڪ شخص کي پڙهندڙ ان منشا سان پڙهن ته خالي بوتلن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ملندو، ۽ جيڪڏهن سڀ خاص پڙهڻ جا موالي آهن ته سندن اها سڌ گهڻي حد تائين پوري ٿيندي پر جيڪڏهن عام پڙهندڙ هوندا ته هو مايوس ٿيندا، اهڙي پڪ آهي.
ڪتاب ”کالي بوتلون“ عمر قاضيءَ جو چوٿون نمبر ڪتاب آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته هي سندس پهريون ڪتاب هجڻ گهربو هئو، ڇاڪاڻ ته هيءَ سندس اصلوڪو ۽ نهايت اهم ڪتاب آهي. هن جو سفرنامو، جيڪو مهاڳ لکندڙ جي چوڻ مطابق هُو ڊس اون ڪري ٿو، سندس ترجمو جيڪو نهايت سٺو ڪتاب آهي، جنهن کي ڇپائيندڙ سٺو نه ڇپايو آهي، اها کيس شڪايت آهي. سندس ٽيون ڪتاب اردو شاعريءَ جو آهي، دنيا ۾ اهو قبول ڪيو ويو آهي، ته ڪو به شخص فقط ٻن ٻولين سان محبت ڪندو آهي، هڪ ماءُ جي ٻولي سان ۽ ٻي محبوبه جي ٻوليءَ سان ۽ شاعري ته محبت واري ٻولي ۾ ئي ڪري سگهبي آهي، پر سچ اهو آهي ته عمر قاضيءَ سان ڪچهريءَ ۾ ئي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن کي شاعر هجڻ گهرجي ها! هن جو نثر به شاعري آهي. سندس نثر الڳ اخبارن ۾ جنهن به پڙهيو آهي، اهي اهڙي شاهدي ڏيئي سگهندا ۽ فيصلو هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سامهون اچي ويندو. عمر قاضيءَ جو هيءُ ڪتاب انشائيه آهي، هو پاڻ ائين ٿو چوي، جيڪو خود هڪ اردو لفظ آهي، سنڌيءَ ۾ ان صنف کي ڪهڙو نالو ڏيڻ گهرجي اهو الڳ مسئلو آهي پر هو ”ڪالم“ جي سري هيٺ گهڻي وقت کان لکندو رهيو آهي ۽ انهن لکڻين ۾ علم، ادب، پيار، سونهن، ڇوڪري، ڪتاب ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه موجود هوندو آهي، عمر قاضي نهايت گهڻو ۽ خوبصورت پڙهندڙ رهيو آهي، پر تخليقي ادب جو.
هن جي پسند ناپسند پنهنجي آهي، پر ياد هجي ته هن ڪڏهن به پاڻ کياديب“ نه سڏايو آهي، ان ڪري هو ادبي تنقيد کان پري آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو سنڌ جي اڄ جي لکندڙن کان ۽ پاڻ کي اديب سمجهندڙن کان گهڻو پڙهيل ڳڙهيل شخص آهي جيڪو سندس لکڻيون ظاهر ڪن ٿيون ۽ هاڻ جڏهن سندس گڏيل ڪتاب سامهون آيو آهي ته اهو پنهنجو مثال پاڻ آهي.
”خالي بوتلون“ ۾ هن ڇا ڏيڻ چاهيو آهي اهو سڀ هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ کي پلئه پوندو ڇاڪاڻ ته ڀريل بوتلن جي ڏسڻ جا شوقين جڏهن هنن کالي بوتلن ڏي ڏسندا ته هنن کي ڪجهه الڳ نظر ايندو، بلڪل ائين جيئن عمر قاضيءَ نالي لکندڙ پنهنجي لکڻين ۾ الڳ نظر ايندو آهي ۽ هو شخص به الڳ ئي آهي، بنهه مختصر دوست رکندڙ ۽ انهن سان بيحد پيار ڪندڙ! ۽ هن ڪتاب معرفت سنڌي ادب ۾ پنهنجي نالي جي داخلا ڪرائيندڙ سنڌيءَ ۾ انشائيه لکندڙ ۽ ڪتاب کي اهڙو نالو مست ڏيندڙ، جيتوڻيڪ سنڌيءَ ۾ انشائيه نالي کان سواءِ گهڻيئي لکيا ويا آهن، پر عمر قاضيءَ جا بنهه مختصر انشائيه سنڌيءَ ۾ پنهنجي الڳ جاءِ والاريندا، جيئن سندس ڪتاب جو نالو الڳ آهي. هڪ گهٽ پنجاهه لکڻين جو هيءُ لاجواب لکيل توڻي ڇپيل ڪتاب اسان جي پياري دوست انعام عباسيءَ نئون نياپو پبليڪيشن پاران ڇپايو آهي. هن سنڌ کي هڪ لاجواب ڪتاب ڏنو آهي، جنهن ۾ 298 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 300 رپيا.

No comments:

Post a Comment