20/12/2013

سنڌي ٻولي ۽ ثقافت - يوسف شاهين (Yousif Shaheen)


سنڌي ٻولي ۽ ثقافت
يوسف شاهين
سنڌي دنيا جي قديم ترين ٻولي آهي جيڪا گذريل پنج هزار سالن کان دائم ۽ قائم آهي. ايڏي ڊگهي عرصي دوران سنڌيءَ کان علاوه فقط فارسي، عربي ۽ چيني ٻوليون پاڻ بچائي سگهيون نه ته باقي دنيا جون قديم ۽ عظيم ٻوليون وقت سان گڏ فنا (extinct) ٿي ويون. انهن فنا ٿيندڙ ٻولين ۾ سميرين (Sumerian) اڪادين (Akkadian) سنسڪرت (Sanskrit) فونيشين (Phonician) هئبرو (Hebrew) پالي (Pali) ايلامائيٽ (Elamite) اٽراسڪن (Etrascan) هٽائيٽ (Hittite) ارامائيڪ (Aramaic) ڪيلٽڪ (Celtic) لئٽن (Latin) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون شامل آهن جيڪي ختم ٿي چڪيون آهن. اهو چوڻ ته ڪابه ٻولي ختم نٿي ٿي سگهي، ان غلطفهميءَ مان نڪرڻ لاءِ مٿي ڏنل مثال ڪافي آهن.

هن وقت سنسڪرت ۽ هئبرو ٻولين کي ٻيهر جيارڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته لئٽن ٻولي چرچ آف روم تائين محدود آهي. دنيا جون سموريون وڏيون ٻوليون گهڻي ڀاڱي ”فتوحات ۽ هجرتن“ سبب ختم ٿيون. خاص طور ”وڏيون هجرتون“ فتوحات کان به خطرناڪ ٿين ٿيون. دنيا جي عظيم ترين ۽ قديم ”اڪادين“ ٻولي سلطنت بابل ۽ اسيريا (Babylonian & Assyrian Empire) جي سرڪاري ۽ عام ماڻهن جي ٻولي هئي، اها شام ملڪ جي ”آرامي مهاجرن“ جي وڏي پيماني تي هجرتن سبب اوچتو اهميت وڃائي ختم ٿي ويئي. اهي مهاجر ارامائڪ ٻولي ڳالهائيندا هئا، جيڪا ٿوري عرصي ۾ دنيا جي هڪ وڏي ٻولي بڻجي ويئي. ڇهين صدي قبل مسيح ۾ جڏهن سائرس اعظم دنيا جي وسيع ترين ايراني سلطنت قائم ڪئي تڏهن هن ارامائڪ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو بعد ۾ سڪندر اعظم جي فتوحات کان پوءِ يوناني ٻوليءَ جي تسلط سبب ارامائيڪ ٻولي آهستي آهستي دنيا مان غائب ٿي ويئي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ڏانهن ڪيتريون ئي وڏيون هجرتون ٿيون آهن، خاص طور هندستان، پنجاب، سرحد، فاٽا، آزاد ڪشمير، افغانستان، بنگال، بهار، ڏکڻ آفريڪا، برما ۽ ٻين ملڪن کان ڪروڙين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ پهتا آهن. نتيجي طور سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ئي گهر ۾ گم ٿي ويا آهن. اڄ حالت اها آهي ته سنڌي ڪنهن به وڏي شهر ۾، گهرن کان ٻاهر نٿي ڳالهائي سگهجي. سنڌي ٻولي سڪڙجي فقط ڳوٺن تائين محدود ٿي ويئي آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ هن کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال نٿي ٿي سگهي جو سموري سنڌ جا اڌ کان وڌيڪ اسڪول سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان انڪاري آهن. انگريزن جي غلاميءَ واري دؤر ۾ به ايئن نه ٿيو. نتيجي طور اسان جو ايندڙ اڌواڌ نسل سنڌي پڙهي نه سگهندو.
سنڌ جي موجوده وزير تعليم جناب نثار کهڙو لڳ ڀڳ ٽي مهينا اڳ حڪم جاري ڪيو ته سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ لازمي طور سنڌي پڙهائي وڃي، مگر ان جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو. سنڌي ٻولي بابت سرڪاري سطح تي اهڙيون ڪوششون اڳ به ڪيون ويون، جيڪي ناڪام ٿيون. اهڙي خطرناڪ صورتحال سنڌي ميڊيا سان به آهي. سنڌي اخبارون ۽ سنڌي ٽي وي چئنل جيڪي ساڍا چار ڪروڙ سنڌين جي نمائندگي ڪن ٿا اهي انهن ماڻهن هٿان ”اقتصادي ناڪابندي“ جو شڪار آهن، جيڪي سنڌ مان اربين رپيا ڪمائين ٿا، جيڪي سنڌ جي هزارين ڪارخانن جا مالڪ آهن، ڪاروبار تي قابض آهن، جيڪي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين جا ”صاب لوڪ“ آهن اهي سنڌي اخبارن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري فقط غير سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن کي ورسائين ٿا، انهن کي ڪروڙين اربين رپين جا اشتهار ڏين ٿا. جڏهن ته هو ان ڳالهه کان به چڱيءَ ريت واقف آهن ته سندن مال ۽ سروسز جا خريدار وڏي پيماني تي ساڍا چار ڪروڙ سنڌي آهن. انهن سنڌين جا بئنڪن ۾ اڪائونٽ آهن، اهي گاڏيون، موٽرون، موبائيل فون، ٽي وي، فرج، پنکا، صابڻ، ڪريم، گندي ڪپڙو ۽ ٻيو سامان خريد ڪن ٿا. مگر سنڌ جا ڪارخانيدار ۽ ڪاروباري ادارا سنڌين سان سنڌي ٻوليءَ ۾ مخاطب ٿيڻ لاءِ تيار ناهن. هو سنڌيءَ ۾ اشتهار ڏيڻ کان انڪاري آهن. جيڪي ڪاروباري ادارا ۽ صنعتڪار سنڌي اخبارن، سنڌي ٽي وي چئنلز ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بائيڪاٽ ڪن ٿا، سنڌي عوام جو روح رنجائين ٿا، ڇا اسان انهن جي مال جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو حق نٿا رکون. اهڙي صورتحال 1876ع کان اڳ امريڪا ۾ پيدا ٿي جڏهن اهو ملڪ انگريزن جي قبضي هيٺ هو. امريڪا جي ماڻهن فيصلو ڪيو ته هو انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان چانهه خريد نه ڪندا. هيءَ اها ئي ايسٽ انڊيا ڪمپني هئي جنهن برصغير هندستان تي قبضو ڪيو. بهرحال، ان عمل سبب، امريڪا ۾ ساڍا 9 لک ٽن چانهن جو کاپو گهٽجي ڏيڍ لک ٽن تي پهتو. نتيجي طور ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو امريڪا ۾ ڏيوالو نڪري ويو.
آخر ۾ سنڌي ثقافت جي حوالي سان اهو ٻڌائيندو هلان ته سنڌي دنيا جي اولين قومن مان هڪ آهي جنهن انساني تاريخ ۾ سڀ کان اول هڪ عظيم ترين سنڌو تهذيب جو بنياد رکيو. هو سُمير (عراق) ۽ مصر سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺا. حضرت ابراهيم کان لڳ ڀڳ پنج سئو سال اڳ، جڏهن هر طرف بتن جي پوڄا ٿيندي هئي، تڏهن سنڌي قوم دنيا کي پهريون ڀيرو اهو ٻڌايو ته خدا واحد ۽ لاشريڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ناهي. سنڌي قوم پنج هزار سال اڳ دنيا ۾ باقاعده منصوبه بنديءَ تحت شهر اڏڻ جو بنياد وڌو. اهڙي منصوبه بندي تحت هن وقت يورپ ۽ امريڪا ۾ شهر اڏيا وڃن ٿا.
سنڌي ماڻهن سڀ کان اول دنيا ۾ ڪپهه جي پوک ڪئي ۽ ڪپهه مان ڌاڳو ٺاهڻ جون ڪاٺ واريون مشينون ايجاد ڪيون جنهن کي آڏاڻو چئجي ٿو. سنڌ جو خوبصورت رنگن وارو بي مثال ڪپڙو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڪامڻ لڳو. چوٿين صدي قبل مسيح ۾ جڏهن سڪندر اعظم سنڌ ۾ آيو ته هو ڪپهه کي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ ان کي ويجيٽيبل اُنَ سڏيائين. دنيا جي پهرين شهنشاهه ”سارگن آف اڪاد“ لڳ ڀڳ 2310 قبل مسيح ۾ (اڄ کان 4310 سال اڳ) سنڌ مان هزارين انجنيئر، فني ماهر، ڪاريگر ۽ استاد سُمير (عراق) ۾ سڏايا، جن شهنشاهه سارگن جي سلطنت لاءِ گاديءَ وارو شهر ”اگادي“ کي منصوبه بنديءَ تحت جوڙڻ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. اڄ اها سنڌي قوم ويڳاڻي، گهڻي ڀاڱي ڪچن ڪکاون گهرن ۾ آباد آهي. هو اهو به وساري ويٺا آهن ته هنن جا ابا ڏاڏا سائنسي ۽ فني علوم جا مؤجد هئا.
جيڪڏهن اسان جي عظيم ورثي ”موهن جو دڙو“ جي کوٽائي ٿي سگهي ته سنڌي قوم جي عظمت بابت ڪئين نوان انڪشاف ٿي سگهن ٿا. دعا آهي ته سنڌي قوم هڪ ڀيرو ٻيهر هن عالم ۾ عروج ماڻي.

No comments:

Post a Comment