17/12/2013

زيب نظاماڻيءَ جي پهرين وک - ڪامريڊ ڪريم بلوچ (Comrade Karim Baloch)


زيب نظاماڻيءَ جي ٻاراڻي شاعريءَ ڏانهن پهرين وک
ڪامريڊ ڪريم بلوچ
محترمه زيب نظاماڻيءَ جو تازو ڪتاب ”هلو هلون اسڪول“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو آهي. ان ڪتاب ۾ ڪمال جي شاعري آهي. زيب نظاماڻيءَ کي شاباش آهي جو هن پنهنجن محسنن ۽ جيئري جاڳندڙ سنڌ جي هڪ اهم سڄاڻ ۽ نالي واري شاعر کي به نه بخشيو آهي. هن ڪتاب ۾ هونئن ته گهڻا ڪمال آهن پر ٻارڙن لاءِ لکندڙ اهم شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان جيڪا زيادتي ڪئي ويئي آهي ان جا ڪيترائي مثال بنا ڪنهن تبصري جي هيٺ پيش ڪجن ٿا جنهن جو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪندا، ته هي سڀ ڇا آهي؟ ڪتاب جو نالو ”هلو هلون اسڪول“ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب ”اکر اکر سرهاڻ“ ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن قمبر سال 2002ع جي صفحي 55 تي سندس گيت جو عنوان آهي. ”هلو ته هلون اسڪول“ تان ورتل آهي. هنن نظمن ۾ زيب نظاماڻي ساڳي انداز کي ٿوري ڦيرڦار سان لکيو آهي. پڙهندڙن کي سندس شاعري ڪچي ۽ ٻاڙي لڳندي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو هڪ مشهور نظم آهي:
منهنجا مٺڙا مولا سائين،
شال تون منهنجي سمجهه وڌائين.
زيب نظاماني جي هن ڪتاب جو پهريون نظم آهي:
پيارا مٺڙا سٻاجها سائين،
جوڙيا جوڙ الله سائين،
عرض هي منهنجو شال اگهائين،
علم ڏين ۽ سمجهه وڌائين.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي زبان جو پهريون شاعر آهي جنهن سنڌي 52 اکرن کي پنهنجي انداز ۾ وڻندڙ نموني سان نظم ۾ پيش ڪيو. ان کان اڳ اهڙي نموني سان منظوم ”52 اکري“ ڪٿي به نه آهي. سندس نظم ”نئون قائدو“ ڪتاب ”اکر اکر سرهاڻ“ جي صفحي نمبر 11 تي موجود آهي.
الف ـــــ اک، بي ــــــ بدڪ
ياد ڪريو گڏجي هي سبق
زيب نظاماڻي ڪمال سان ان کي چٽيو آهي ساڳي ئي پيرا ئي ۽ انداز سان، نظم ”الفابيٽ“ ۾
ا ـــــ اک، ب ــــــ بدڪ
سهڻا سهڻا پڙهو سبق
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو آهي:
ت ـــــ تارو، ٿ ـــــ ٿيلهو
ٻارن جو آ مڙيو ميلو
زيب نظاماڻيءَ لکيو:
ت ـــــــ تارو، ٿ ـــــــ ٿيلهو
ڀٽ ڌڻيءَ جو لڳو آ ميلو.
هي سڄو نظم ساڳي انداز سان لکيو ويو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو مشهور گيت آهي جنهن کي فرح خانم، پري وش ڀٽو ۽ ساجده عمراڻي ڳايو آهي. سنڌ جي سڀني ريڊيو اسٽيشن تان ٻارن جي پروگرامن ۾ هلندو آهي جيڪو سندس ڪتاب ”دعائون“ ڇپائيندڙ چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو سال 2010ع جي صفحي 30 تي آهي.
اچو علم جي لاٽ جلايون
جنهن سان سارو جڳ جرڪايون
زيب نظاماڻيءَ جو گيت آهي:
اچو علم جي جوت ساٿي جلايون
علم سان جهالت جي اوندهه مٽايون
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو نظم ”سال جا مهينا“ ”ڪتاب گلڙن جهڙا گيت“ ڇپائيندڙ چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو سال 1986ع جي صفحي 45 تي آهي:
جنوري، فيبروري، مارچ
ٻاريو اونداهيءَ ۾ ٽارچ
زيب نظاماڻيءَ جا ٻول آهن، بعنوان ”عيسوي سال جا 12 مهينا“
جنوري، فيبروري، مارچ، اپريل
مور نچي ٿو ڳائي ڊيل.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو هڪ ٻيو مشهور گيت آهي ڪتاب ”دعائون“ صفحو 18
اچو اوهان کي سنڌ گهمايان
ڌرتيءَ جي مان سونهن ڏيکاريان
سندس ٻيو نظم آهي:
اچو اوهان کي سير ڪرايان
سهڻي ساري سنڌ گهمايان
هنن ٻنهي نظمن ۾ سنڌ جا الڳ ماڳ، مڪان ڏنا ويا آهن جنهن کي گڏائي، زيب نظاماڻي لکيو آهي.
نگر نگر جو سير ڪرايان
دوست اوهان کي شهر گهمايان
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو نظم ”تارا“ ڪتاب ”دعائون“ صفحو 27 تي آهي:
ننڍڙا ننڍڙا تارا ٽمڪن،
ماڻهو ڌرتيءَ وارا ٽمڪن،
ٿڌڙي روشني آهي وکري،
چانڊوڪيءَ جا چارا چمڪن.
زيب نظاماڻي جو نظم آهي ” تارا“:
آڪاش تي تارا چمڪن ٿا،
ڏئيا ڄڻ ڪي ٽمڪن ٿا،
روشن روشن سونهن پسائي،
چنڊ سان ڪن ٿا چلولايون.
هنن نظمن ۾ زيب نظاماڻي ته پنهنجي بهترين فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ساڳيا موضوع کڻي ٿوري ڦيرڦار ڪري ساڳي ڳالهه بيان ڪئي آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو نظم ”ماڪوڙي ۽ ماڪوڙو“ ڪتاب ”اکر اکر سرهاڻ“ صفحو 43 تي آهي:
هڪڙي هئي ماڪوڙي،
۽ ٻيو هو ماڪوڙو،
هڪڙي ڏينهن ڏٺائون،
داڻو ڪو چکيائون،
ڍوئيندا پوءِ ان کي،
گهليائون گهر پنهنجي.
زيب نظاماڻيءَ جو نظم ”ماڪوڙيون“:
ننڍڙا ننڍڙا جيت ڏسو،
عجب انهن جي ريت ڏسو،
پاڻ ۾ ائين ملنديون آهن،
گڏجي سڏجي رهنديون آهن،
کاڌو پنهنجو گڏ ڪري.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو نظم ”پوپٽ “ آهي ڪتاب ”گلڙن جهڙا گيت“ سال 1986ع جيڪو هن طرح سان آهي:
ننڍڙو ننڍڙو پيارو پيارو،
سهڻو جڳ کان آهي نيارو،
منهنجي مٺ ۾ پوپٽ پيارو،
رنگ برنگي پر انهن جا،
پنهنجي چپٽيءَ ۾ پڪڙيا ٿو،
۽ پوءِ آڱرين تي ان جو،
سارو رنگ ڇڻي پوي ٿو،
گل گل تي ٿو ڦيرا پائي،
۽ هوا ۾ رنگ ڦهلائي،
رنگن جو ڄڻ آ وڻجارو،
منهنجي مٺ ۾ پوپٽ پيارو.
زيب نظاماڻي جو نظم آهي ”پوپٽ“:
رنگ برنگي پوپٽ پيارا،
باغ ۾ جنهن جا خواب نظارا،
گلڙن جي ٿو سونهن وڌائي،
سهڻا سهڻا روپ پسائي،
پر جنهن جا پيارا پيارا،
جن تي سهڻا چٽ نيارا،
هٿ لايون ته رنگ لهن ٿا،
چٽ پرن جا ڊهي پون ٿا،
هٿ ۾ ٻارو ڪڏهن نه جهلجو.
ڊاڪٽر ذوالفقار جو مشهور نظم آهي ” ٽانڊاڻو“:
ٽم ٽم ڪري ٽانڊاڻو
زيب نظاماڻي جو نظم، ”ٽانڊاڻو“:
ٽم ٽم ٽانڊاڻو آهي
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو تي خاص ٻارن لاءِ نظم لکيو آهي جيڪو سندس ڪتاب ”دعائون“ صفحو 40 تي ڇپيل آهي. ”بينظير“

آهي بهادر ڌرتيءَ نياڻي
منهنجي سنڌ جي سورهيه راڻي
هر ڪنهن هر هنڌ هوءَ پڳي آ
ڪنهن کان به هوءَ ڪين ڊڳي آ
سنڌ جي سڃاڻپ آهي تقدير
جيئي جيئي بينظير
زيب نظاماڻيءَ جو نظم آهي ”پنڪي“:
پياري مٺڙي پنڪي
سهڻي سٻاجهي سٺڙي پنڪي
سنڌ ڌرتيءَ جي سياڻي نياڻي
راڄ ڪيائين بڻجي راڻي
دنيا ۾ ان جي ناهي نظير
پنڪي سا آ بينظير
اهڙي طرح زيب نظاماڻيءَ جو سڄو ڪتاب ”هلو هلون اسڪول“ ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال موجود آهي. حالانڪ ٻارن لاءِ لکندڙ گهڻا ئي ليکڪ آهن پر اها ڊاڪٽر صاحب جي ڪاميابي آهي جو ان جي لفظن، خيالن، انداز ۽ گهاڙيٽي کان گهڻا اديب ٻاهر نڪري نه سگهيا آهن. پر هو سندس ڪاپي ڪري رهيا آهن نه صرف ڪاپي پر ان جا لفظ ۽ خيال به چورائي رهيا آهن. ڀلي زيب نظاماڻي اهي ڪتاب ۽ اها شاعري نه پڙهي هجي، جو سندس جواب اهو ئي هوندو پر ٻارن جي ادب ۾ هڪ هڪ چنڊ جي پاسي ۾ هڪ ستارو ضرور اڀريو آهي. اسان زيب نظاماڻيءَ کي صلاح ڏينداسين ته هوءَ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا ٻارڙن لاءِ لکيل اڃا وڌيڪ ڪتاب پڙهي، هڪ اهڙو ٻيو ڪتاب به لکي، هونئن به ٻاراڻي ادب جي کوٽ پوري ڪرڻي آهي، جيڪا شايد ائين به ٿي سگهي ٿي.

No comments:

Post a Comment