غلطين سان ڀرپور ڪتاب ”دادو ايٽ ءَ گلانس“
ڊاڪٽر لياقت مگسي
تازو انگريزي ۾ آيل ڪتاب ”Dadu at a Glance“ (دادو ايٽ ءَ گلانس) ڊسٽرڪٽ ائڊمنسٽريشن دادوءَ
طرفان محترم ڊاڪٽر نياز علي عباسي ڊپٽي ڪمشنر دادو جي ايڊيٽنگ هيٺ 2013 ۾ آيل آهي. هن
کان اڳ مون کي ساڳئي ڊپٽي ڪمشنر نياز علي عباسي جو هڪ گهوٽڪيءَ تي پڻ (Ghotki at a Glance) ”گهوٽڪي ائٽ ءَ گلانس“
نظر مان گذريو. گهوٽڪي واري ڪتاب ۾ پڻ مون کي ڪافي غلطيون نظر آيون، پر هينئر دادوءَ
متعلق جيڪو ڪتاب آيو آهي سو ته سڄو غلطين ۽ پنهنجي سورهيائي سان ڀرپور آيو آهي. حالانڪه
تابش بخاريءَ جهڙا دوست ڪتاب تي ڪوڙي تبصري کان سواءِ رهي نه سگهيا
آهن، جنهن ڪتاب جو مطالعو ڪيو ئي ناهي. انگريزي ۾ هي ڪتاب ان ڪري شايع ڪيو ويو آهي
ته جيئن سنڌ، پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر دادوءَ متعلق مختصر مطالعو ڪري ۽ معلومات
حاصل ڪري سگهجي ۽ ڊپٽي ڪمشنر عباسي صاحب پنهنجي حيثيت مڃرائي ۽ هڪ اهل ڪتاب ٿي سگهي.
پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته سڄي ڪتاب ۾ غلطين جو ۽ غلط روايتن جو اندازو
ئي نه ٿو لڳائي سگهجي. جڏهن ته ڪتاب جي حق واسطن ۾ لکيل آهي ته سڀ حق واسطا ڊپٽي ڪمشنر
دادوءَ کي آهن. ڪير به ماڻهو هن ڪتاب جو ڪوبه حصو بغير اجازت جي ڪنهن به معلومات لاءِ
نه ٿو کڻي سگهي جيڪا اجازت ڊپٽي ڪمشنر دادوءَ کان لکت ۾ وٺندو. اگر اها ڳالهه آهي ته
ڪتابن تان کنيل مواد لاءِ ڊپٽي ڪمشنر صاحب انهن کان اجازت ڇو نه ورتي، جو انهن جا نالا
ڏيڻ به گوارا نه ڪيائون. جڏهن ڪوبه ڪتاب ڇپجي ٻاهر اچي ٿو ته اهو ڪتاب رفرنس طور عوام
جي ملڪيت هوندي آهي، پوءِ ذاتي ملڪيت نه هوندي آهي. جڏهن ته توڙي جن جن ڪتابن تان مدد
ورتي وئي آهي انهن ڪتابن مان به صحيح نقل نه ڪري سگهيا آهيو. نه وري صحيح تواريخ ئي
پيش ڪري سگهيا آهيو. ڪافي صفحا ته ڊاڪٽر عباسي صاحب رڳو پنهنجي تعريف ۾ صرف ڪيا آهن.
جڏهن ته اهي شيون سندس ڊيوٽي جي فرض ۾ شامل هنيون، تن سڀني جي نشاندهي ڪرڻ تي هي ٻه
اکر لکي رهيو آهيان.
صفحي 14 تي پاڻ عباسي نياز علي صاحب لکن ٿا ته خدا آباد ڳوٺ ضلع دادوءَ
جو ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ گاديءَ جو هنڌ 1718ع کان 1728ع تائين رهيو. ڇا گاديءَ جو هنڌ
خدا آباد صرف 10 سال رهيو. جن 10 سالن ۾ ته خدا آباد اڃا ٺهي مس راس ٿي هوندي. ڪيڏي
نه تواريخ سان ستم ظريفي ٿي آهي! ميان يار محمد ڪلهوڙي هي شهر ٻڌرايو هو ۽ ان ئي هن
شهر خدا آباد کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو هو. پاڻ ئي هن شهر خدا آباد ۾ ويهي ڪن تواريخن
مطابق 18 سال ته ڪن تواريخن مطابق 19 سال حڪومت ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ميان نور محمد
ڪلهوڙي هت خدا آباد ۾ ويهي 34 سال حڪومت ڪئي.
ميان نور محمد ڪلهوڙي کان پوءِ سندس پٽ ميان مراد ياب خان ڪلهوڙي 4 سال
حڪومت ڪئي. هاڻي ان ٽن ڪلهوڙا حڪمرانن جو عرصو حڪومت ڪرڻ جو ٻڌجي ٿو ته اهو 58 سال
ٿئي ٿو، جنهن کان پوءِ ڀائرن جي اڻبڻت سبب مختلف هنڌن تي مختلف ڀائرن پنهنجا پنهنجا
گاديءَ جا هنڌ مقرر ڪري ويهندا رهيا ۽ لڙايون به ڪندا هڪ ٻئي کي شڪستون ڏيندا رهيا
۽ آخري گاديءَ جو هنڌ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي حيدرآباد کي مقرر ڪيو. ڪلهوڙن جي شڪست
کان پوءِ به حيدرآباد ميرن جي وقت ۾ گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ پاڻ ۾ ويهي رياستون ورهائي
هڪ کي ميرپور خاص، ٻئي کي خيرپورميرس ۽ مرڪزي گادي وري حيدرآباد رکيائون.
اڳتي ساڳئي ئي پئراگراف ۾ عباسي صاحب پاڻ ئي لکن ٿا ته خدا آباد جي مسجد
جيڪا خوبصورت ۽ مغل آرچيٽيڪچر جو نمونو آهي سا مسجد ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تعمير ڪرائي
هئي، جيڪو حقيقت ۾ غلط لکيو ويو آهي جڏهن ته ڪلهوڙا مذهبي هئا ۽ پوءِ حڪمراني طرف وڌيا.
سندن پيري مريدي هئي. هو جتي به ويا اتي سڀ کان پهرين مسجد جو بنياد پئي رکيائون. جڏهن
ميان يار محمد ڪلهوڙو هن شهر جو بنياد رکي رهيو هو ته ان سڀ کان اڳ ٻه مسجدون تعمير
ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هڪ بادشاهي مسجد ۽ ٻي سندس مقبري ڀرسان ننڍي مسجد. جنهن وقت ۾ هي شهر
ٻڌجي رهيو ته ان وقت ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ٽئين نمبر پٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي
عمر ڇا هوندي؟ هي مسجد شريف 1701ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1703ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي. هن مسجد
شريف تي روزانو 1200 سو مزدور ڪم ڪندا هئا. پاڻ عباسي صاحب اڳتي لکي ٿو ته ميان يار
محمد ڪلهوڙي جو مقبرو مسجد سان آهي يا مسجد لڳ آهي. پر کيس کي ائين لکڻ کپندو هو ته
ميل سوا جي مفاصلي تي مسجد جي اولهه طرف ميان يار محمد ڪلهوڙو جو مقبرو آهي. جڏهن ته
ڊاڪٽر صاحب خود ان قبيلي سان تعلق رکن ٿا ته صاحب موصوف کي تاريخ ڪلهوڙا بار بار پڙهڻ
گهرجي.
صفحي 15 تي بار بار يونيڪ اکر استعمال ڪري مضمون جي ئي ستياناس ڪري ڇڏي
اٿس. پاڻ لکن ٿا ته ضلع دادوءَ کي 4 وڏا ڳوٺ آهن، جيڪي ٻه ساڳي نالي سان ”ڦلجي ۽ پيارو“
وري لکن ٿا ته دادو ضلع ۾ يا دادو ضلعي کي 3 ڳوٺ ساڳين نالن سان ”سيتا“ ۽ ٻه جڳهون
آهن. ڏنگي ۾ ڄاڻائي ٿو ته هڪ ڳوٺ ۽ هڪ ٽائون. ڏنگي کي پورو ڪندي لکي ٿو ته ساڳي نالي
سان ”راڌڻ“، جنهن مان خبر نه ٿي پوي ته صاحب موصوف ڇا ٿو لکڻ چاهي. حالانڪ پيارو ۽
ڦلجي جدا جدا فاصلي سان شهر دادو ضلعي منجهه آهن. سيتا ننڍي ۽ سيتا شهر به آهي، پر
راڌڻ لاءِ ڪابه وضاحت نه ڪري سگهيو آهي. صفحي
16 تي پرو چانڊيو ۽ رجب گوپانگ جو ذڪر ڪيو اٿس. پاڻ لکي ٿو ته پرو چانڊيو ڌاڙيل هو،
جنهن جي موت تي ڪئين اجرڪون پيون. هو غريبن جو مددگار هو ۽ رجب گوپانگ لاءِ لکي ٿو
ته هو S.P آفيس ۾ اڪائونٽنٽ هو. هو پنهنجي
نوڪري دوران پاڻ مشهور ٿيا ۽ پوءِ پنهنجي قبيلي ۾ عزت ماڻڻ لڳا. هو غريبن جي مدد ڪندو
هو ۽ هن جي ٽيبل جي خاني ۾ مختلف نوٽن جا بنڊل هوندا هئا جن مان هو ضرورت مطابق اهڙي
طرح جي مدد ڪندو هو، جيڪا ان جي ضرورت هوندي هئي. هن پنهنجي قبيلي جي ماڻهن لاءِ گهر،
دوڪان ٺهرائي مفت ۾ ڏنا ۽ اتي قاسم آباد قائم ڪيائين. سندس موت 2000ع ۾ سندس قبيلي
جي ماڻهن هٿان ٿيو.
هاڻي سوال اهو ٿو اتي ته يڪدم اڳين صفحن ۾ اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ دنيا
کي ڇا ٻڌائڻ آهي. ڌاڙيل هميشه ڌاڙيل هوندو آهي. ٻاهرين دنيا جا ماڻهو ان ڪردار واري
ماڻهوءَ کي ڪڏهن به سٺو نه سمجهندا آهن، چاهي اهي سونا ڇونه هجن. جنهن جو موت به خراب
حيثيت ۾ ٿيو. وري گوپانگ جي موت به خراب حيثيت ۾ ٿيو. ايترو پئسو هن ڪٿان آندو جو غريبن
جو مددگار بڻيو، گهر ۽ دوڪان ٺهرائي مفت ۾ ڏنائين. انهن ٻنهي جي ڪردارن بابت دادوءَ
جي هر شهري کي مڪمل ڄاڻ آهي. ٻنهي جي ڪردارن کي ساراهيندي اوهان رات جو عام ماڻهن سان
ڪچهريون ڪري پوءِ تاثر قائم ڪيو ها. پر افسوس ائين نه ڪري سگهيو. ساڳئي ئي صفحي 16
تي ڊاڪٽر نياز علي عباسي دادوءَ جي ماڻهن لاءِ ڪو سٺو تاثر نه ٿو ڄاڻائي. پهرين ته
پيار ڀريا الفاظ لکي ٿو ۽ پوءِ ڄاڻائي ٿو ته اها بدقسمتي آهي جو دادو ضلعي جا ماڻهو
پنهنجو ڪم سچائي سان نه ٿا ڪن. اسڪول ماستر اڪثر ڪري ٻارن کي نه ٿا پڙهائين. نوڪري
پيشه ور ماڻهو پنهنجي نوڪري سان سچا نه آهن. مزدور آهسته آهسته ڪم ڪن ٿا. شاگرد اڪثر
ڪري پڙهڻ کان نابري واري مختلف حربا هلائين ٿا ۽ چوريون ڪن ٿا. اڪثر هر شهري ۾ ڪم ڪرڻ
جي کوٽ يا گهٽ دلچسپي محسوس ٿي رهي آهي جيڪا اڳتي هلي خطرناڪ نتيجا ڏيندي. هر هڪ جو
اهو ڪم هئڻ گهرجي ته صحيح سمت سان ڪم ڪري جيئن وڌ کان وڌ پروگريس وغيره ڏئي سگهجي.
بحث کي اڳتي وڌائيندي 17 صفحي تي 2010 جي ٻوڏ بابت لکي ٿو ته گورنمينٽ
ايجنسيز ۽ اين جي اوز N.G.O’s جي طرفان ڪافي سامان ۽ راشن ورهايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهن ڪم ڪرڻ ڇڏي
ڏنو آهي، اهي ٻي ٻوڏ جو انتظار ڪري رهيا آهن ته جيئن وري راشن ۽ سامان وغيره ٻيهر وٺجي
پر ڪم نه ڪجي. ڊاڪٽر صاحب اوهان شايد پنهنجي
ڊاڪٽري جي ڪتابن کان سواءِ ڪن ٻين علمي و ادبي ڪتابن جو مطالعو نه ڪيو اٿو. دادوءَ
جي شهري جي حيثيت سان اهي جملا مون کي تمام نازيبا لڳا. اوهان دنيا جي قومن جي اڀرڻ
۽ زوال ڏانهن وڌڻ جي تواريخ نه پڙهي آهي. عرب قوم اڳي ڇا هئي هاڻي ڇا آهي. جڏهن وسائل
تي ٻين جا قبضا هجن ته پوءِ اتي بک، بيماري ۽ بيروزگاري جنم وٺندي آهي. هر قوم ۾ ۽
هر ملڪ ۾ ڪي چڱا به هوندا آهن ته ڪي برا به هوندا آهن. اهو دنيا کي دادو جي ماڻهن متعلق
تاثر ڏيڻ سان ڇا واضح ڪيو ٿا؟ جنهن ضلعي سان عباسي صاحب اوهان جو تعلق آهي ڇا اتي برائيون،
بک، بيماري ۽ بيروزگاري نه آهي. ڇا اتي سڀ ماڻهو سڄو وقت مسجد ۾ ويٺا هوندا آهن ۽ تسبيح
جي مڻين تي رڳي ذڪر الاهي ڪندا آهن. مان سمجهان ٿو ته اوهان صاحب پنهنجن فرضن کان ئي
غير واقف آهيو. ڇا توهان جو اهو فرض نه هو ته اسڪولن تي ڇاپا هڻي غير حاضر استادن
۽ ٻئي عملي کي غير حاضر ڪري ڪيس ڪيو ها. پر ڪڏهن به ائين نه ڪيو.
ڪڏهن به شهرين سان کلي عام ڪچهري نه ڪيو. ڪڏهن به پنهنجي آفيس ۾ ٽائيم
تي نه آيئو. بنگلي مان ئي هڪ بجي اچي وري اڌ ڪلاڪ ويهي وري بنگلي ۾ هليا ويندا هئو.
ڪڏهن به ڪنهن آفيس تي ڇاپو نه هنيو ته ڪير حاضر آهي ۽ ڪير غير حاضر. آفيس ۾ ڇا وهي
واپري ٿو. رشوت تي ڪيترو ڪنٽرول ڪيو. عوام جا ڪهڙا مسئلا حل ڪيو. ڪهڙا روڊ رستا ٺهرايو.
شهر جي حالت ڇا هئي. ڪڏهن چڪر نه هنيو باقي رڳو ڏوهه دادوءَ جي عوام تي.
No comments:
Post a Comment