20/12/2013

ڀٽائيءَ کي دريافت ڪريون - ثناءُ الله عتيق چنجڻي (Sanaullah Atique)


اچو ته ڀٽائيءَ کي دريافت ڪريون
ثناءُ الله عتيق چنجڻي

سترهين صديءَ عيسويءَ  ۾ ٻاروتڻ جا ڏينهن گهاري ڀٽائيءَ جڏهن ارڙهين صديءَ ۾ سمجھه ۽ شعور جا ڏيئا ٻاريا، تڏهن يورپ فطرتي لقائن ۾ دلچسپي وٺندي اوائلي جديديت ۽ سائنسي انقلاب وارو پيڙهه جو پٿر اڃا مس رکيو هو. مجموعي طور تي يورپ ۾ سجاڳيءَ واري تحريڪ سبب فلاسافي جي موضوعن ۽ سائنسي ڄاڻ جي لاءِ يورپ ۾ ڪشادي جڳهه پيدا ٿي چڪي هئي. ساڳي طرح، اهڙين حالتن اندر سنڌ مغلن جي قبضي هيٺ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي هئي. سنڌ جو قومي ۽ تاريخي تصور ڌُنڌلائجي چڪو هو. سنڌي ٻولي فارسيءَ جي غلبي هيٺ دٻجي چڪي هئي. سنڌ جون مهذب روايتون پنهنجي ڌرتيءَ تي لاوارث بڻجي چڪيون هيون. درٻاري سازشن جو ڄار سنڌ جي صدين جي ورثي کي ڪوريئڙي جيان جڪڙي چڪو هو. مسلسل شورشن ۽ فسادن واري اهڙي دور (1689ع) ۾ سنڌ اندر ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جو تصور هڪ خواب مثل هو، تڏهن  سنڌ کي هڪ اهڙي مدبر جي ضرورت هئي، جيڪو سنڌ جي حالتن کي ترقي ۽ تبديليءَ ڏانهن وٺي اچي.  ڀٽائي اهڙي لافاني ڪردار طور جنم ورتو، جنهن سنڌ جي ابدي ورثي کي غلاميءَ کان نجات ڏياريندي امر ڪري ڇڏيو.

ڀٽائي سنڌ جي تهذيب جو پهريون ڪامل شارح هو، جنهن سنڌ جي سماجي، لساني، معاشي ۽ نظرياتي سرحدن جو عالمي اُپٽار ڪيو. وٽس ساڃاهه ۽ شعور جون اڻ کٽ ڪائناتون گڏ هيون. پنهنجي فڪري سرمايي جي اڳواڻي ڪندي ڀٽائيءَ سماجي ترقي ۽ انساني تعمير جي حاصلات جا سُڌريل سبق ڏنا. لطيف پنهنجي رسالي ۾ انسانيت، اهنسا، ڀائپيءَ جي ڳالهه ڪندي اٽڪي بيهي نه ٿو رهي، هو سمجھه جي ڳالهه ڪندي ڪڏهن به نه ٿو ٿڪجي. ڀٽائي بنيادي طور هڪ جينيس ۽  مفڪر آهي. هڪ لازوال تخليقڪار جي حيثيت ۾ دنيا کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏي ٿو. سندس سٽن ۾ سچ ايئن سمائجي ويو آهي،  جتي ڪا به سُهڻي پنهنجو ميهار نه ٿي وساري، جتي ڪا به سسئي پنهنجو پنهون نه ٿي وساري، جتي ڪنهن به مارئيءَ کان ملير نه ٿو وسري. سندس ڪردارن ۾ مذهبي توڙي ذات پات جا فرق ڳولهئي نه ٿا لڀن. ڀٽائيءَ وٽ هر ناتر جا هٿ ناٽ ۽ تِرڪتال شرمناڪ شڪست سان پنهنجو موت پاڻ مري، ڀڄي ۽ ڀُري رهيا آهن. مٽيءَ ۾ ڀڀوت، مٽيءَ هاڻين جُتين وارا مارُو ماڻهو ڀٽائيءَ جا بي ڊپا  ۽ زنده ڪردار آهن. ڀٽائيءَ وٽ ڪوري، ڪن چير ڪاپڙي، جوڳي، لوهر، ڊکڻ سڀ گڏ آهن. ڀٽائي وينجھارن، وڻجارن ۽ ڪلالن  جون پراثر ڳالهيون ٿو ٻڌائي. لطيف جبر ۽ ڏاڍ جي شديد مخالفت ڪئي آهي. مزاحمتي رخن کي بيان ڪرڻ لاءِ يونانين جي المين بجاءِ لطيف وٽ سنڌيت جا ڪيڏارا هئا.
سنڌ جي صدين جو اتهاس ڀٽائيءَ وٽ اچي سندس چيچ پڪڙي آزادين ۽ آجپن جا پنڌ طئي ڪرڻ لڳو. لطيف جديد ترين سنڌ جي فڪر ۽ فن جي  مقناطيسي سُئي بڻجي سنڌ کي غلامي ۽ بي حسيءَ جي باهه کان نجات ڏياري ويو. فڪري طور تي ڀٽائيءَ جي تحريڪ سنڌ جي مٽيءَ کي ٻيهر ڳوهڻ جو ”جُرم“ ڪيو. سنڌ تي مسلط جبر جي ڪاري رات خلاف جيترو ڀٽائيءَ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، اهو سنڌ جو جيئرو تهذيبي معجزو هو. ثقافتن جي ماءُ سنڌ ڌرتي پنهنجي لطيف وٽ نئون جنم ورتو. سنڌ جي انسانيت سان ٽمٽار ورثي جي بقا ۽ ان کان به وڌ ان جي عوام تائين پهچ واري مسئلي کي لطيف نه صرف محسوس ڪيو، پر پاڻ کي اُن اهم ڪارنامي سرانجام ڏيڻ لا۽ ارپي ڇڏيائون. ڀٽائي هڪ يگاني انسان طور پنهنجي دور جي اکين کي کيرو ڪري ڇڏيندڙ نالي ماتر آزادين جي خلاف اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لڳو..... ”واهُڙَ وهن نوان، اڃان وهه اڳي ٿيو“.  لاکيڻو لطيف صوفي فقيرن، سنتن ۽ سامين جي ٽولين سان سنڌ جي واهڻن وستين ۾ پنهنجن فڪري محرڪن جا بنياد ساز ۽ سنگيت سان جوڙيندو رهيو. ڀٽائيءَ جا پيرا جتي به پهتا، اتي جديد سنڌ جا بنياد اڏجندا ويا. رنگ، نسل، مذهب توڙي معاشي طبقن ۾ جڪڙيل تنگ نظر نظريا سندس بيتن اڳيان تڇ لڳڻ لڳا. شخصي طور لطيف پنهنجي نسب ۽  دور جي لحاظ کان مراعات يافته طبقي سان تعلق رکندڙ هو، پر سندس ماڻهپي ۾ ڪامل يقين ۽ آفاقي انساني قدرن جي سچائي کيس مٿين سماجي جڪڙن کان آزاد ڪري ڇڏيو. ڀٽائيءَ کي پنهنجو گھر وسري ويو، پاڻ ڀٽ وسائي عوامي رنگ ۾ رڱجي ذات پات جي ويڇن کان مٿانهون ٿي ويو.
ديس پرديس لتاڙيندڙ هڪ صوفي، هڪ موسيقار ۽ سنڌ جي لافاني شاعر ڏيهه ڏوريندي پنهنجي دور جي ڪروڌ  جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي.  لطيف ڌرتيءَ تي بهشتن جون ڳالهيون ٻڌايون. ڀٽائيءَ چنڊ سان مڪالما ڪيا، ٽيڙو ۽ ڪَتين سان ڊگھا بحث ڪيا. سرشٽي جي فطرتي لقائن سان مکاميل ٿيندي سورج جي تپش جا انداز ۽ راز تلاش ڪندو رهيو. ڪائنات جي ناٽڪ منڊليءَ کي جيتري گھرائيءَ سان ڀٽائيءَ بيان ڪيو آهي، لطيف زندگيءَ جي امر ڪيفيتن جو جنهن شوخي ۽ دلربا انداز سان اظهار ڪيو آھي، ڌرتيءَ جي فطرتي ڪردارن ۽ نظارن  کي جنهن ابدي اکين سان ڀٽائيءَ ڏٺو ۽ بيان ڪيو آهي، اهي فڪري مباحثا هر دور جي سچ ۽ سونهن جا سرچشما وهائيندا رهندا. ڀٽائيءَ وٽ اهنجن خلاف ڀيڄ ڀُنيءَ جھڙن ڀنڀرڪن، هو جمالن، ولولن ۽ خوشين جا سرچشما هئا. ڀٽائيءَ وٽ المين خلاف ارپيل سوز ۽ فراق جون وايون هيون. سنڌين کي ڪن جي پاپڙين تي هٿ رکي ’الو ميان‘ جي اُمنگن ڀريو آلاپ سيکاريندڙ ڀٽائي اهڙو تاريخ ساز سماجي ويڄ هو، جنهن سنڌ کي ساڃاهه ۽ سُرت واري آب حيات جون سُرڪيون پياريون..... ”هو جي ڏيهائي ڏيهه جا، تن پڻ موڙهي مت.“ ڀٽائيءَ سنڌ جي ٿر، بر، لاڙ، اُتر، ڪاڇي، پهاڙن، سمنڊن جي لقائن ۽ اسرارن کان عوام کي  واقف ڪرائيندي وطن دوستيءَ جا امر حق ادا ڪيا.
توڙي جو ڀٽائيءَ سان اسان سنڌين جي روحاني عقيدتمندي آهي، لطيف کان ڪوهين ڏور پري بيٺل اڄ جي پريشان حال سنڌ ڏسي اهو شدت سان محسوس ٿئي ٿو ته اڃان تائين اسين ڀٽائيءَ کي صحيح طرح سان  دريافت نه ڪري سگھيا آهيون. اچو ته ڀٽائيءَ کي ٻيهر دريافت ڪريون. ڀٽائيءَ کي وساري اسين خسيس ڳالهين ۾ پنهنجو انساني ۽ شعوري سرمايو ضايع ڪري ڀٽائيءَ جي ڀونءَ جي ڪهڙي خدمت ڪري رهيا آهيون؟! جهالت ۽ ڪٽرپڻي جا عادي ڏوهاري بڻجي اسان فڪرِ لطيف منجھان ڪيئن سيراب ٿينداسون؟ سنڌ جي عورت سان ظلم جاري آهي، ڀٽائيءَ جا مزدور ۽ هاري مانيءَ لاءِ محتاج ۽ حقن کان محروم آهن. سنڌ هڪ دفعو ٻيهر اڪيلائين جي آڙاهه ۾ ٻري رهي آهي. سنڌ جا وڏا شهر شدت پسنديءَ جي لهر ۾ لڙهي چڪا آهن. اچو ته  ڀٽائيءَ جي ان ڪرشماتي سگهه کي پنهنجو مقدر بڻايون، جنهن ۾ تنبوري جون تارون وحدت سُر وڄائين ٿيون، جتي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۽ محبت جي سُرڪين جا ڪلال هر گمراهه کي سهپ جو درس ڏين ٿا. اچو ته پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ هڪ عملي ڪارنامو سرانجام ڏيون، وچن ڪريون ته شاهه جو رسالو پنهنجن گھرن ۾ ضرور رکنداسين، جيئن سنڌ جا  نسل بقا، صلح ۽ عالمي امن  جي آئين منجھان پنهنجو روشن آئيندو دريافت ڪري سگھن.

No comments:

Post a Comment