17/12/2013

`سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ تي هڪ نظر - آفتاب ابڙو (Aftab Abro)


’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ تي هڪ نظر
آفتاب ابڙو

آ ڪو ايڏو اديب يا نقاد نه آهيان، نڪو وري ٻوليءَ تي عبور هجڻ جي دعوا اٿم، نه وري هرڀور ڪنهن جون وڏون ڪڍڻ جو شوق اٿم. بس، ادب جو هڪ ادنيٰ شاگرد آهيان. پنهنجو قومي فرض ڄاڻندي، سنڌي ٻوليءَ جي صحت، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وت آهر ويچاريندو رهندو آهيان. مان انتهائي ٿورائتو آهيان، خاص طور جناب ڊاڪٽر بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، سراج الحق ميمڻ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، جناب عبدالڪريم سنديلي ۽ پنهنجي سائين صفدر علي شاھ جو، جن منهنجي تنقيدي مضمونن ’سچل جو سنيهو‘ (پيغام فيبروري- مارچ ۱۹۸۵ع) ۽ ’درسي ڪتابن جو جائزو‘ (پيغام، آڪٽوبر- نومبر ۱۹۸۶ع) کي ساراهيو ۽ مون کي وڌيڪ لکڻ لاءِ همٿايو.

محترم ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ کي پڙهندي، ڪجھ ڳالهيون نظر آيون، جن ڏانهن اديبن ۽ عالمن جو ڌيان ڇڪائڻ ضروري سمجهان ٿو. الهداد ٻوهئي صاحب لاءِ مون کي بي حد ادب ۽ احترام آهي، سائين جون ادب ۾ خدمتون؛ خاص طرح ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون، قابل قدر آهن.
ڊاڪٽر صاحب موضوع تي واقعي محنت ڪئي آهي. بيشڪ داد جو مستحق آهي. ريسرچ دوران هن ڪيترا ئي عربي، فارسي، سنڌي ۽ انگريزي وغيره ڪتاب ڏٺا آهن. انگريزي ڪتابن مان گهڻا اقتباس ترجمو ڪري، مقالي جو ادبي ملھ مهانگو ڪيو اٿس. آ سمجهان ٿو ته اڌ کان به گهڻو مواد انگريزي ڪتابن مان آندل آهي، ۽ ڪجھ پنهنجي سانڍيل صدري خزاني مان به ماڻڪ، موتي، لعل ڏنا اٿس. سچ پچ ته هي انوکو موضوع، جنهن نموني ڊاڪٽر صاحب نڀايو آهي، تنهن لاءِ کيرون لهڻي. ٻي وڏي ۽ خاص ڳالھ جا هن مقالي ۾ نظر ايندي، سا آهي: پهاڪن، اصطلاحن ۽ انوکن لفظن جي باقاعدي اپٽار. مثلاً: پٽ پاراتي جا اصطلاح، زال ۽ مرد جي (ازدواجي) زندگيءَ جا انوکا الفاظ، دوستي ۽ دشمنيءَ جا پهاڪا ۽ اصطلاح، اهڙي ته وضاحت سان ڏنا اٿس، جو پڙهندي دل پئي بهار بهار ٿئي. ڪٿي ڪٿي ته ڪن اصطلاحن، محاورن ۽ انوکن لفظن جي اصليت به بيان ڪئي اٿس. تحقيق ۾ هڪ اها ئي اهم ڳالھ ليکبي آهي، جنهن طرف اسان جي ڊاڪٽر صاحب جوڳو توجھ ڏنو آهي. هي نئون ۽ خشڪ موضوع آهي. اهڙي موضوع سان باقاعدي نباهڻ ڪا سٿري ۽ سولي ڳالھ نه آهي. ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو تاڃي پيٽو سامهون هئڻ کپي؛ محققن ۽ ماهرن جو مواد آڏو هئڻ کپي؛ واسطيدار ڪتابن جي دستيابي پڻ ضروري آهي. مطلب ته اهي سڀ ڳالهيون هٿ وَسيڪيون هجن- جن تي موضوع جو دارومدار آهي. ڊاڪٽر صاحب انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي وت ۽ وسعت آهر، ڪافي پاڻ پتوڙيو آهي، جنهن لاءِ مقالي جو هر صفحو دلالت ڪري ٿو.
انهيءَ ڪتاب لاءِ لسانيات جو ڄاڻو پروفيسر محمد عمر چنڊ ٽماهي مهراڻ (پهريون پرچو-۱۹۷۹ ۾ لکي ٿو:
”.... ٻوهئي صاحب جو ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ به مون سراسري طرح ڏٺو آهي. مون کي پڪ آهي ته سنڌي ٻولي، تهذيب، سنڌي شاعري ۽ لوڪ ادب کي سمجهڻ لاءِ، هي ڪتاب پارس آهي، ۽ ضروري آهي ته اسين سڀ انهيءَ ڪتاب کي پڙهون، پروڙيون ۽ ڪتب آڻيون؛ پر ٻوهئي صاحب وڏا وڏا هضم ٿيل حوالا، وڏيون وڏيون تعريفون (Definitions)، انهن تعريفن جا نتيجا، انهن نتيجن جا وري ٽيهر نتيجا، متن ۾ ماخذن جا حوالا، متن ۾ سنڌي لفظن سان گڏ انگريزي لفظن جو وري وري استعمال ۽ ڪٿي ڪٿي اهڙا ترجما جو ماڻهو ويچار ۾ پئجي وڃي. اهي سڀ ڳالهيون هنن مضمونن کي ڏکئي بنائڻ لاءِ بس آهن. علم جو درياھ ته واقعي ڇوليون پيو هڻي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا سپ ڳولڻي هجي ته ور کڻي، بسم الله ڪري، گهڙي پوي، پوءِ کٽنس ڀاڳ.“
مانواري محقق، سائين الهداد ٻوهئي جو هي ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي:
۱- سماج، ٻولي ۽ ڪلچر.
۲-  سنڌي ٻوليءَ جو ادب ۽ ان جو سماجي اڀياس.
۳- روزمره واري سنڌي ۽ ان جو سماجي اڀياس.
۴-  اشارن واري ٻولي جو اڀياس.
۵- علم معنيٰ ۽ ان جي سماجي حيثيت.
”پنجئي ڀاڱا“ سنڌي ٻوليءَ جا خاصا باب آهن. پر اسان ’ٽئين ڀاڱي‘ ـــــــ روزمره واري سنڌي ٻولي ۽ ان جو سماجي اڀياس ــــــ تي هڪ نظر وجهون ٿا. روزمره جي هَلي چَلي (سنڌي) سنڌي ادب جو روح آهي.
مقالي پڙهندي، ايئن معلوم ٿو ٿئي ته ڊاڪٽر الهداد واقعي هن ڀاڱي تي چڱي محنت ڪئي آهي؛ ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته اسان جي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا جو مدار ئي پهاڪن، اصطلاحن ۽ انوکن لفظن تي آهي. جيڪڏهن اسان جي تحرير يا فقري ۾ سٺا  سٺا پهاڪا، سهڻا سهڻا اصطلاح ۽ وقتائتا وڻندڙ انوکا لفظ ايندا رهندا ته ٻولي جو معيار بلند نظر ايندو. ڊاڪٽر الهداد به ان ڏس ۾ پنهنجي هوش واري هَر کي سنڌ جي سرزمين تي خوب هلايو آهي، پر تڏهن به ڪٿي ڪٿي پنهنجي واٽ به وهيو آهي، جنهنڪري ادبي سرزمين سنڌ تان مليل مواد ۾ ڪي مَٺ جا ڳوڙها به ملائي ڇڏيا اٿس. ڪافي پهاڪا ۽ اصطلاح بنا ڪنهن ڇنڊڇاڻ جي لکيا اٿس، ته وري ڪن پهاڪن ۽ اصطلاحن ۾ ڦير گهير ڪري، انهن جي اصل شڪل کي بگاڙيو اٿس، جا ڳالھ تحقيق جي راھ ۾ مناسب نه آهي.
پهاڪن ڏيڻ کان اڳ، صفحي ۱۹۵ تي ڊاڪٽر صاحب ڄاڻايو آهي ته: هي گڏ ڪيل مواد (مقالي وارو) ”گل شڪر“ جو مواد آهي. اتي سوال ٿو اُٿي ته ڇا ”گل شڪر“ ۾ جيڪي پهاڪا ڪتب آندا ويا آهن، اهي سڀ مستند آهن؟ ’گل شڪر‘ ڪاڪي ڪيولرام ۱۸۶۹ع ۾ لکيو هو، جنهن ۾ ڪافي پهاڪا درست نه آهن ۽ ڪي وري اڌورا آهن. انهن تي اڃا تحقيقي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پهاڪن تي ٻيا به ڪتاب آهن، جيڪي انهيءَ ڏس ۾ ڪافي رهنمائي ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ٻين همعصر ٻولين جي ڪتابن مان به استفادو حاصل ڪري سگهجي ٿو، پر الائي ڇو اسانجي مانواري ۽ وري ٻوهئي صاحب انهن ۾ ذاتي خيال ڏئي ڪافي بگاڙو به ڪيو آهي، ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا:
پهاڪا:
صفحي ۱۹۶ تي، پهاڪو نمبر ۳۰ هيئن لکيل آهي:
”ڀڳو گهوڙو ڊون ڊون ڪري“ (گهوڙو)
”ڊون ڊون ڪرڻ“ هڪ اصطلاح آهي، جنهن جي هت معنيٰ ٿيندي: ڍانڍو وڄڻ يعني سالم آواز نه ڪرڻ.
اسان جي خيال ۾ ”ڊون ڊون ڪرڻ“ جي اها ئي معنيٰ ٿي سگهي ٿي، خبر ناهي ته ڊاڪٽر صاحب ”ڊون ڊون ڪرڻ“ گهوڙي ڏانهن الاجي ڪيئن منسوب ڪيو آهي. شايد گهوڙي جي ڪنهن پنڌ جي قسم ڏانهن اشارو ڪيل هجي! اسان وٽ اهو پهاڪو هن طرح مروج آهي:
”ڀڳو گهڙو (دلو) ڍون ڍون ڪري.“
جيڪڏهن گهڙو ڀيلو هوندو يا منجهس ڏار هوندي ته ڌڪ هڻڻ سان ڍون ڍون ڪندو يعني ڍانڍو وڄندو. ’گلشڪر‘ ڪتاب ۾ به اِن طرح لکيل آهي. ”ڀڳو گهڙو ڍون ڍون ڪري“ [صفحو ۳۲]

۲-  صفحي ۱۹۷ تي پهاڪو نمبر ۱۰ هن طرح آندل آهي:
”ڀڳيءَ سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.“
”ڀڳيءَ“ ضرور ڪنهن شيءِ ڏانهن اشارو آهي، يعني ڪنهن اسم جي صفت آهي، جا يقيناً ”مونث“ آهي. پر ”جيسين رتو راس ٿئي“ مان، اهو مفهوم نڪري ٿو ته اها شيءِ، ”مذڪر“ آهي. هڪ ئي مصرع ۾ ٻه متضاد خيال!
اسان جي خيال ۾ درست پهاڪو هن ريت آهي:
”ڀڳي ئي سان ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.“
اهڙو اشارو اسان کي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ به ملي ٿو:
ڀڳو ئي ڀير، جانسين رتو راس ٿئي،
بري بيڪارن سين، هاري، پاڻ مَ هير،
ڪتُ ڪتينديون ڪير، نئين سين نه ڄاڻجي. (شاھ)
شاھ سائين جي رهنمائي هيٺ انهيءَ پهاڪي جي وضاحت:
ڀڳي ئي سان = ڀڳل (ٽٽل، ڊٺل) سان ئي،
ڀير= ڦير، ڦيراءِ، هلاءِ.
رتو = رتل (ڳاڙهو) نئون ايٽ.
راس= راست، درست، ٺيڪ، تيار.
معنيٰ: جيسين رتو (نئون ڳاڙهو ايٽ) تيار ٿئي، تيسين ڀڳل (ايٽ) ئي هلاءِ. هي پهاڪو، ”گلشڪر“ تان اکر به اکر کنيل آهي، جنهن ۾ اصلاح جي ضرورت هئي.

۳- صفحي ۲۰۱ تي پهاڪو نمبر ۲۲ هن طرح لکيل آهي:
”جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن جا لهندا ڪن.“
’لهندا ڪن‘ غلط محاورو آهي. ”لمندا ڪن“ درست محاورو آهي. ’گلشڪر‘ ۾ به ايئن آهي، ”جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪن“ [صفحو ۷۴]
لمن = لڏن، لپ لپ ڪن.
معنيٰ: جيڪا ٻڪري ڌاريان، تنهنجا ڪن لُڏن يعني لپ لپ ڪن.
مطلب ته جيڪو ڪم ڪريان، تنهن ۾ هڪ نه ٻيو نقص آهي ئي آهي.

۴- صفحي ۲۰۲ تي پهاڪو نمبر ۲۰
”پاڻ نه پلي ڏوجهان متيان ڏيوي.“
’گل شڪر‘ ۾ اهو پهاڪو هن طرح لکيل آهي:
”پاڻ نه پلي سسئي، لوڪان متيون ڏئي.“
[صفحو ۵۰]
ڊاڪٽر صاحب ان ۾ اصلاح ضروري سمجهي. ان ڪري ان مان سسئي کي به ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪجھ صوتياتي ڦير به ڪئي. ڊاڪٽر صاحب جي اصلاح کانپوءِ پورو پھاڪو سواءِ ”پاڻ“ جي سرائڪي ٻوليءَ جو ٿي ويو آهي. يعني ”ڌڙ ريڍيو ته سسي ٻاڪري.“ صحيح محاوري مطابق درست پهاڪو ٿيندو: ”آپ نه پالي، ڏوجهان متيان ڏيوي.“ ”پاڻ“ سنڌي محاوري جو لفظ آهي جيئن؛ ”پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري.“
۵- صفحي ۲۰۳ تي پهاڪو نمبر ۵۴

”هر هر هوڙائي، وڃڻ در دوست جي.“
’گل شڪر‘ ۾ به ايئن ئي آهي، جو غلط آهي. ڊاڪٽر صاحب به ”هوڙائي“ کي درست سمجهيو آهي، تنهنڪري هٿ چراند نه ڪئي اٿس. ڊاڪٽر صاحب ”هوڙائي“ کي، اٻهرائي يا تڪڙ جي معنيٰ ۾ ڏنو آهي. مطلب هي اٿس ته: دوست جي در تي هر هر تڪڙ يا اٻهرائي ڪري نه وڃجي يعني قضا-نئي وڃڻ کپي.
ڊاڪٽر صاحب پهاڪي کي سڄو ڪري، سندس تھ ۾ وڃي ها ته معنيٰ جي مام کي پرکي وٺي ها.
اسان جي خيال ۾ سڄو پهاڪو هيئن آهي:
هر هر هوڙائي وڃڻ در دوست جي،
ڪجي ڳورائي، ته لوڪ لکا نه پوي.
معنيٰ: هورائي = هلڪائي، هلڪڙائي.
ڳورائي= بردباري، گنڀيرتائي.
لفظي معنيٰ جي لحاظ کان ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي چڱن موچارن، عام فهم لفظن جا به ڀاڱا لاهي ڇڏيا آهن. (انتي پوءِ تفصيل سان لکنداسين) هن مضمون ۾ صرف هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:

صفحي ۲۱۳ تي لکيل آهي:
شل رن نه مليئي ڪڃ (ڪاج) کي.
ڊاڪٽر صاحب ڪڃ جي معنيٰ ’ڪاج‘ ٻڌائي آهي، پر وضاحت نه ڪئي اٿس ته ڪاج = شادي يا ڪم ڪار، ڌنڌو-
افسوس جو ٻوهئي صاحب اهڙي ڪارائتي ڪم لاءِ به ڪنهن لغت کي ڏسڻ اجايو سمجهيو آهي. اهو لفظ، پرمانند ميوارام جي سنڌي-انگريزي ڊڪشنري، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي تحقيق اللغات سنڌي ۽ جامع سنڌي لغات ۾ چٽي طرح موجود آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”رن“.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مقالي ۾ ٻين به ڪيترن پهاڪن جا ڀاڱا ڀيريا آهن، پر اسان صرف ڌيان ڇڪائڻ خاطر چار پنج پهاڪا پيش ڪيا آهن. اميد ته لائق ليکڪ ۽ ٻوليءَ جا ڄاڻو ان طرف توجه ڏيندا.
هاڻي اچون ٿا اصطلاحن ۽ انوکن لفظن تي:

اصلاح ۽ انوکا الفاظ
۱-  صفحي ۲۱۲ تي لکي ٿو:
”جيڪڏهن چوڻو هوندو ته ’شل منهن ڪارو ٿيئي‘ ته چونداسين ته ’شل منهن اڇو ٿيئي‘ اهڙي طرح ’ٻيڙي ٻڏئي‘ جي بجاءِ چونداسون ’شل ٻيڙي سائي ٿيئي‘.“
”منهن ڪارو ٿيڻ“ بدران ”منهن اڇو ٿيڻ“ عين درست آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهين اصطلاحن ۾ ’ڪارو‘ ۽ ’اڇو‘ ٻه متضاد الفاظ آهن. ٻئي اصطلاح ۾ ”ٻيڙي ترڻ“ بدران ”ٻيڙي سائي ٿيڻ“ اصطلاحن ۾ ڪي به ٻه متضاد لفظ ڪو نه آهن. سائنسي سوچ موجب ٿيڻ کپي: ”ٻيڙي ترڻ“، ڇاڪاڻ ته ’ٻڏڻ‘ ۾ ’ترڻ‘ ٻه متضاد لفظ آهن.
ڊاڪٽر صاحب ”ٻيڙي سائي ٿيڻ“ لکيو آهي، جو نه ڪنايو آهي نه اصطلاح. البت، ’سائي ٿيڻ‘ لڳي ٿو ”پاڙ سائي ٿيڻ“ سان، ماءُ اولاد کي پاراتو ڏيندي، ته چوندي: ”شل پاڙ سائي ٿيئي.“

۲-  صفحي ۲۲۰ تي لکي ٿو:
”ڀاءُ ڄميس ته چئون ’سدوري‘، ڀاءُ نه هجيس ته چئون ’نڀائي‘ (Brother less)“ ڏسو، ڊاڪٽر صاحب ’نڀائي‘ (جنهن کي ڀاءُ نه هجي) لاءِ، انگريزي لفظ (Brother less) ڏنو آهي، پر ’سدوري‘ لاءِ انگريزي لفظ نه ڏنو اٿس، ايئن ڇو؟ ڇاڪاڻ ته سوچ غلط آهي. ’سدوري‘ مان ڀاءُ واري معنيٰ ٿئي ڪري. ’سدوري‘ جو ضد ’ندوري‘ آهي. پر ڀاءُ نه هئڻ جي حالت ۾ کيس ’ندوري‘ نه چونداسين، پر ’نڀائي‘ چونداسين، جيئن ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي. تنهن ڪري، ڀاءُ واريءَ کي ’سدوري‘ نه، پر ’سڀائي‘ (س = ساڻ+ ڀائي = ڀاءُ) چونداسين. ’نڀائي‘ ۽ ’سڀائي‘ هڪٻئي جا ضد آهن. اڄ به اسان وٽ عورتن جو نالو ’سڀائي‘ ملي ٿو.

۳-  صفحي ۲۲۰ تي آهي:
نياڻي وڏي ٿئي ته اسان چئون ته وياءُ ويٺو آهي. ’وياءُ‘ جو لفظ وڏي معنيٰ وارو آهي. ان جو مطلب آهي نسل پيدا ڪرڻ واري عورت يا بالغ عورت.
ڏسو، ڊاڪٽر صاحب فخريه لکي ٿو:
”وياءُ“ جو لفظ وڏي معنيٰ وارو آهي. ’وياءُ‘ الاءِ جي ڪيڏي وڏي معنيٰ وارو لفظ آهي. معنيٰ ته ظاهر پئي آهي. ڪو نئون نُڪتو بيان ڪيل هجي ها، ته چئون ها ته برابر وڏي معنيٰ وارو لفظ آهي.
هاڻي ڏسون ته واقعي ’وياءُ‘ لفظ وڏي معنيٰ وارو آهي؟
’وياءُ‘ اسم آهي، مصدر آهي ’ويامڻ‘. جيڪي به لفظ ’ويامڻ‘ مان نڪرندا تن جي بنيادي معنيٰ به اها ئي ٿيندي، جيڪا ’ويامڻ‘ ۾ سمايل آهي. جيئن ويائي، ويامي، وياءُ، ويامندڙ، ويامل وغيره. پوءِ ايئن چوڻ ته ’وياءُ‘ جو لفظ وڏي معنيٰ واري آهي. ريسرچ جي ڪهڙي پهلوءَ سان تعلق ٿو رکي؟
ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ’وياءُ‘ معنيٰ بالغ عورت. ڀلا، جيڪڏهن نياڻي ننڍي هجي ته ڇا، انکي ’وياءُ‘ نه چئبو؟ ننڍي نياڻيءَ کي به ’وياءُ‘ چئبو آهي. عام چوڻي آهي: ”وياءُ اڄ ننڍو سڀان وڏو.“ ڀلا، هن مصرع مان ’وياءُ‘ جو ڪهڙو مطلب نڪرندو؟
سنها ڀانءِ مَ سپ، اٿيئي وياءَ واسينگ جا. (شاھ)
جيڪڏهن مانائتي محقق جي سَندَ موجب ’وياءُ‘ معنيٰ بالغ عورت ته واسينگ جي ’وياءَ‘ کي ڇا سڏجي؟
شاھ صاحب سر ڪيڏاري ۾ فرمائي ٿو:
علي شير وَياءَ، رڻ ۾ پين راتڙي.
هتي ’وياءَ‘ جي معنيٰ ڇا بيهندي؟ معنيٰ بيهندي: عليءَ شير جو اولاد.

۴-  ساڳي صفحي ۲۲۰ تي آندل آهي:
”بالغ ڌيءَ کي، اسان ’ٻانهن‘ به چوندا آهيون. ٻانهن اسان جو تمام ضروري عضوو آهي ۽ ڇاڪاڻ  ته ڌيءُ جو تعلق اسان جي سماج سان اهڙو ئي آهي، جهڙو ٻانهن جو مرد يا انسان جي جسم سان، اسان ڌيءَ کي ’ٻانهن‘ به چوندا آهيون.“
ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ مان معلوم ٿيو ته ’ٻانهن‘ اسان جو تمام ضروري عضوو آهي. ڀلا، اسان جا هٿ، ٽنگون ۽ ٻيا عضوا تمام ضروري نه آهن ڇا؟ اسان ڪو نه ڪڇنداسين، جيئن وڻيس تيئن ريسرچ جا وکا پڌرا ڪري. ارمان صرف انهيءَ ڳالھ جو آهي، جو اسان جا محقق به انهن بنيادي پهلوئن تي گهربل ڌيان نٿا ڏين. ايتريقدر جو، پي ايڇ ڊي (Ph D) جهڙي نهايت تحقيق طلب ۽ اهم ترين ڪم کي به سطحي سمجهي، مٿي تان بار لاهي ٿا ڇڏين.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، ”ٻانهن“ جي اصل حقيقت کي پهچڻ لاءِ وڏا وس ڪيا آهن، پر اسان کي سندس تحقيق مان ڪو به تِرورو نظر نٿو اچي، جو اصليت تي روشني وجهي. جيڪڏهن محققن ۽ ماهرن جي شايع شده مواد کي ڏسي ها، ته سندس تحقيق جي راھ روشن ٿي وڃي ها.
ٻانهن جي اصليت:
اسان کي خبر آهي ته انسان جو زور وارو عضوو ’ٻانهن‘ ئي آهي. ’ٻانهن‘ جي ٻَل سان، انسان ڪيترا ئي ڪم ڪري سگهي ٿو. اڳي لڙائيءَ ۾ تير، ڀالا، بڙڇيون وغيره اوزار ڪم ايندا هئا. اهي سڀ اوزار ٻانهن جي ٻَل سان، ٻڌل هوندا هئا. جيڪڏهن ٻانهن ۾ قوت آهي ته ٻيڙا ئي پار! ڪيترا ئي جوڌا جوان پنهنجي لاءِ، ٻانهن جي ٻَل سان پرائي ڇوڪري زوريءَ کڻي ايندا هئا ۽ شادي ڪري ويهي رهندا هئا. يعني جيڪو ڏاڍو سو گابو! جيئن ته ٻانهن جي ٻَل سان ئي ڇوڪري کڻي ايندا هئا، تنهنڪري ”ڇوڪري“ بدران ’ٻانهن‘ (زال جي معنيٰ ۾) سماج ۾ مروج ٿي ويو ۽ اڃا تائين ’ٻانهن‘، ’زال‘ جي معنيٰ ۾ مستعمل آهي.

۵-  صفحي ۲۳۲  تي هي جملا آهن:
”مري ويل مرد جي زال کي ’عدت‘ ۾ ويهاريندا آهيون يعني ان جو ماتم گهڻو وقت هلڻو هوندو آهي، ڇو ته هوءَ زندگيءَ جي حالت ۾ پنهنجي مڙس کي ٻين کان گهڻو ويجهو هئي........“
ڊاڪٽر صاحب ٻڌائي ٿو ”ان عورت (جنهن جو مڙس مري ويو هجي) جو ماتم گهڻو وقت هلڻو هوندو آهي.“
”گهڻو وقت“ مان مانائتي محقق جي الائي ڪهڙي مراد آهي. کيس گهربو هو ته ”گهڻو وقت“ جي حد مقرر ڪري ها، ايئن ڪيئن سمجهجي ته ’گهڻو وقت‘ معنيٰ؟
اسان کي خبر آهي ته ٻهراڙيءَ ۾ ”عدت“ کي ڪي ”عدد“ يا ”حد“ چون. مثلاً مڙس جي ’عدد‘ ۾ ويٺي آهي. يا مڙس جي ’حد‘ ۾ ويٺي آهي. ”عدت“ لفظ ڦري ’عدد‘ ۽ ’حد‘ ٿيو. عدد معنيٰ ڳاڻيپو، شمار تعداد، تنهن جي معنيٰ ته عورت جا ’عدت‘ ۾ ويهڻ وارا ڏينهن مقرر آهن. اُهي آهن: چار مهينا ڏھ ڏينهن. جن ۾ نه هوءَ سينگار ڪندي ۽ نه وري دروازي کان ٻاهر نڪرندي، سواءِ ڪنهن سخت مجبوريءَ جي.

۶-  صفحي ۳۰۴ تي لکيل آهي:
”هڪڙو اصطلاح آهي ’معنيٰ کائي مٿي چڙهڻ‘ .........“
ڊاڪٽر صاحب هن باب ۾ ’معنيٰ‘ جي وسعت جي واکاڻ ڪئي آهي، ۽ اڳتي هلي مختلف سمجهاڻين سان ’معنيٰ‘ جي تشريع ڪئي اٿس، انڪري پروف جي غلطي نه سمجهڻ گهرجي.
دراصل اهو اصطلاح هن ريت آهي: ”مانا کائي مٿي چڙهڻ“ معنيٰ جوڀن جواني ماڻي مٿي اچڻ، ٻڍو ٿيڻ.
مانا = مانيون (جوانيءَ جا ٽڪر)
ٻوهئي صاحب پهاڪن جيان ڪافي اصطلاحن ۽ انوکن لفظن جي شڪل بگاڙي ڇڏي آهي، ۽ چڱن ڀلن معروف اصطلاحن ۽ لفظن جي غلط تشريح ڪئي آهي. جن مان هتي اسان ڪجھ حوالي طور پيش ڪيا آهن.
انهيءَ ڀاڱي تي سنجديگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اميد ته ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب ٻئي ايڊيشن ۾ انهيءَ پوري ڀاڱي تي نظر ثاني ڪري درست پهاڪا، اصطلاح ۽ انوکا لفظ ڏيندو.
ماهوار پيغام ڪراچي، جلد ۱۱ شمارو ۸-۷ جماد الاول/ جمادي الثاني ۱۴۰۷ھ/ جنوري- فيبروري ۱۹۸۷ع

No comments:

Post a Comment