20/12/2013

سنڌي ثقافت - شوڪت لوهار (Shoukat Lohaar)


سنڌي ثقافت ٽوپي اجرڪ کان قلم ۽ ڪتاب تائين
شوڪت لوهار
گهڻو وقت ٿيندو جو مان پنهنجي ڀائيٽي سان گڏ هئس ۽ اسين ملتان جي هڪ ٻهراڙي واري دوست جي دعوت تي وڃي رهيا هئاسين، سنڌ جي آخري ضلعي گهوٽڪي ۾ رهڻ جي نسبت سان ۽ پنجاب سان ويجهو هجڻ ڪري اڪثر پنجاب وڃڻ ٿيندو رهندو هو پر اسين پنجاب ملتان کان پوءِ واري شهرن فيصل آباد، بکر ۽ لاهور کي سمجهندا آهيون، ڀلي سرحدي زنجيرون اسان کي صادق آباد کان به پهريان ڪمون شهيد تائين سنڌ جي حدن جي اختتام جو ڏس ڏينديون هجن. سو ٻهراڙي جي هڪ بس ۾ سوار ٿياسين بس ۾ تمام گهڻي پيهه هئي، دوست سان اڳ ئي ڳالهائي ڇڏيو هو ته اسان کي ڪٿي لهڻو آهي. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا شهرن ۽ ڳوٺن کي چنگچين جي زهريلي آزاري آواز ڪو نه کاڌو هو ۽ اڃا سنڌي ٽانگن جي شاهي سواري عام جام هئي. بس ٿورو اڳيان هلي ته ان ۾ هڪ عورت اچي سوار ٿي جنهن کي ڪجهه ڪتاب ۽ هڪ حاضري رجسٽر هٿن ۾ هو، جيئن ته بس ۾ جاءِ ڪو نه هئي ۽ هُن کي ٻين جيان بيهڻو پيو، تنهن تي اهو لڪاءُ اسان کان ڏٺو ڪو نه ٿيو، اسين يعني مان ۽ منهنجي ڀائٽي اٿي کيس جڳهه ڏني. هن عورت اسان مان هڪ ڄڻي کي پاڻ سان گڏ ويهڻ لاءِ چيو، مان ويهي رهيس، ان پڇاءُ ڪئي ته اوهان مون کي پنهنجي جاءِ ڇو ڏني؟ مون وراڻيو ”اسين سنڌي آهيون.“

اها اسان جي ثقافت آهي ته اسين عورتن جي عزت ڪندا آهيون ۽ بس ۾ هميشه عورت کي پنهنجي جاءِ ڏيئي ڇڏيندا آهيون. اسان وٽ نياڻي کي ست قرآن سمجهيو ويندو آهي.
”مان استاد آهيان“ عورت ٻڌايو.
۽ هو ويجهو ئي ڪٿي اسڪول هو اُتي لهي وئي ۽ وري اسين ٻئي ويهي رهياسين.
ثقافت ڇا آهي؟ اهو سماجيات جي علمن ۾ مختلف طرح ۽ علم انسانيات ۾ مختلف طرح بيان ڪيو ويو آهي. جيئن جڳ مشهور ڏاهي ارسطو چيو آهي ته انسان سماجي جانور آهي ۽ سماج بنا هو بنهه جانور آهي.
Man is a social animal, without society he is nothing but animal.”
انسان جي سڃاڻپ ان جي جبلت ۽ عادتن مان سڃاتي وڃي ٿي. جبلت Instinct معنيٰ اها شيءِ جيڪا پنهنجي ضابطي ۾ نه هجي يا وقتي ضابطي کانپوءِ زوردار ٿي وڃي. مثال اکيون ڇنڀڻ، ساهه کڻڻ، ماني کائڻ، پاڻي پيئڻ، ننڊ ڪرڻ، واڌ ويجهه جو عمل انهن مان ڪجهه جبلتون ته اهڙيون آهن. جيڪي Uncontrollable آهن باقي وقتي طور تي ضبط ۾ اچي سگهن ٿيون پر هميشه لاءِ نه. عادت Habit  هڪ سماجي لاڙو آهي، سماجي رويو آهي اهو اختيار به ڪري سگهجي ٿو ته ڇڏي به سگهجي ٿو. مثال طور سگريٽ ڇڪڻ هڪ عادت آهي. ڳالهائڻ وقت مخصوص انداز ۾ هڪ لفظ جو ورجاءُ ڪرڻ هڪ عادت آهي. هٿ سان کائڻ، چمچي سان کائڻ، ڊوڊو ۽ ڏڌ واپرائڻ ۽ مخصوص انداز ۾ واپرائڻ ڇري ۽ ڪانٽي سان پنرا ۽ ٻيا انگريزي کاڌا کائڻ، ڪپڙا پائڻ، سنڌي گج پهرڻ، ٽوپي اجرڪ اوڍڻ، موڙ ٻڌڻ، گهوٽ کي اڇو وڳو پهرائڻ ۽ ڪنوار کي ڳاڙها ڪپڙا پهرائڻ، اهي سڀ سماجي رويا آهن عادتون آهن، ڪٿي ڪٿي اهي اهڙيون پختيون ٿي وڃن ٿيون جو انهن کي ختم ڪرڻ وس ۾ ڪو نه ٿو رهي. ڪٿي اِهي مثبت ته ڪٿي منفي پڻ ٿين ٿيون. سماج ۾ رهندڙ ماڻهو هڪ جٿي کي جنم ڏين ٿا. معاشرو عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي گڏجي سڏجي رهڻ، معاشرو ماڻهن جي ڪنهن گڏيل مفاد سٺائي انهن جي ڏک سک ۽ وڻج واپار لاءِ هڪ ٻئي جي مدد ڪارڻ وجود ۾ آيو هجي. سماجيات جي باني Augustus comate معاشري جي هڪ گڏيل اهڃاڻ کي ان جي مظهر طور بيان ڪيو آهي. مثال طور ڪنهن ماڻهو يا ڪنهن شهر جي ڪري ان جي هڪ سڃاڻپ ٺهي ٿي. اوهين جڏهن ڪراچي بابت سوچيو ٿا ته اوهان جي ذهن ۾ ڪراچي جو ڪهڙو اهڃاڻ ٺهي ٿو. يا جيڪو اڄوڪو اهڃاڻ آهي اهو ورهاڱي واري اهڃاڻ کان الڳ آهي يا ساڳيو؟ اهڙي ريت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اوطاق جو ڪلچر سنڌين جي مهمان نواز طور هڪ خاص سڃاڻپ ٺاهي ٿو، جيڪو هاڻ ڪهڙي حالت ۾ آهي، ان جو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا؟ معاشي حالتون ماڻهن جي سماجي حالتن معاش معاشرت جي تصوير جوڙڻ ۾ Catalyst ڳر جو ڪم ڪري ٿي. انهيءَ ڪري کوڙ اهڙا سماج آهن جن جي معاشي حالت جي تبديلي جي ڪري انهن جي سماجي زندگي تي پڻ اثر ٿيو.
لفظ Culture جي ڀل ڪهڙي معنيٰ هجي پر اصل ۾ ان جي معنيٰ اها آهي ته زرخيز سڌريل، اڳتي وڌندڙ کيڙيل ۽ ڦلدار جيئن زراعت Agriculture Horticulture وغيره.
ثقافت ڪنهن به قوم جي مجموعي سوچ يا لاڙي جي اظهار جو نالو آهي. ثقافت ڪنهن به قوم جي مجموعي استحقاق، خوشي، ڏک، غم جي اظهارڻ جو انداز هجي ٿو. ٻولي، لٽا ڪپڙا علم ادب جي حسناڪين ڀرئي اظهار جو نالو آهي. جڳ مشهور سماجي ماهر ايمائيل درخيم Emile Durkhaim ثقافت بابت پنهنجي ڪتاب “Selected writings” ۾ لکي ٿو ته
Culture is a mutual ability to perceive in a crtian manner
”مجموعي قابليت جو وڙائتو حقيقي اظهار“ يا ٻئي هنڌ هو لکي ٿو ته:
Culture is the first and for most medium through which a collective entity present it self to it self and gain a sense of its own existence.”
اوڻهين صدي جو مشهور تنقيد نگار ۽ شاعر ميٿو آرنرلر پنهنجي ڪتاب ثقافت ۽ نراجيت “Culture and anarchy” ۾ ثقافت لاءِ هي لفظ چئي ٿو:
Broad intellectual interests with the goal of social improvement.
۽ نراجيت Anarchy لاءِ اهو لفظ استعمال ڪري ٿو “Do as one likes” يعني جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري. سماج ۾ آزادي جڏهن ذميواري جي ڳلي تي لت ڏيئي ڇڏيندي آهي تڏهن معاشرا انارڪي جو شڪار ٿي ويندا آهن پر عمل جيان هن عمل جو به ڪو نه ڪو ڪارڻ ضرور ٿئي ٿو.
سنڌ جيڪا ابتدا کان وٺي پنهنجي حيرت انگيز حسناڪي سان ٽمٽار ثقافت جي امين پئي رهي آهي. سنڌ جي مٽي ان ۾ وهندڙ سنڌو جبل جو ميٽوڙو پاڻي انهيءَ ڳالهه جا ساکي رهيا آهن ته هتي دنيا جي عظيم تهذيب جنم ورتو آهي. سنڌ جي مٽي جي سڳنڌ ۾ هڪ جادوئي سحر آهي. جيڪو ماڻهو هڪ دفعي هن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو سو سمجهو هن جو ئي ٿي ويو. جيڪو انسان هڪ دفعي سنڌ جي خاڪ کي پنهنجي سنڌور ۾ سجائيندو بقايا سڄي زندگي ان جي سهاڳ ۽ ڀاڳ ۾ گذاريندو. هي ڌرتي ثقافت پنهنجي تاڃي پيٽ ۾ ايڏي ڀاڳيلي پيئي رهي آهي جو سڄي دنيا جي ملڪن هن خطي تي ڪاهون ڪيون آهن. هي سنڌ صدين کان وٺي هڪ اهڙي ميگهه ملهار ۽ مڻيادار ثقافت جو پڙاڏو پيئي رهي آهي جنهن جي گونجار ڏورانهن ڏينهن تائين پهتي آهي. هتي جهڙي طرح ماڻهن جا خيال اوچا ۽ پنهنجي مڙني همعصر ثقافتن کان سرس رهيا آهن تهڙي طرح هن جي هر شيءِ ۾ نج پڻو پڻ پيئي رهيو آهي.
هن ڌرتي جي خطي تي سڀ کان اول بابل عراق نينوا سميريا جون تهذيبون جڙيون. انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌو ماٿري جي هاڪ انهن تهذيبن تائين پهتي.
سنڌي ٻولي ۾ علم انسانيت تي ناياب ڪتاب ”ماڻهو“ جي سرجڻهار بدر ابڙو چواڻي ته موهن جو دڙو مان رازا ٻين تهذيبن تائين پهتا ۽ پڪين گهرن ٺاهڻ جو رواج ٻهين تهذيبن کي اسان سيکاريو.“
موهن جي دڙي جي تاريخ سنڌ جي عظيم ۽ قديم تهذيب جي ساکي آهي. مهر ڳڙ جي مهڪار واقعي صدين جو پڙاڏو آهي. لطيفي لات سنڌ جي ٻولي جي عظمت، اڏولتا، امرتا ۽ نمرتا جو هڪ مضبوط مثال آهي.
جنهن ڌرتي وٽ ايڏي عظيم ٻولي، ادب، آرٽ، فن ريتون رسمون هجن اهي ڇا ڪنهن هڪ ”چانڪبي“ جي چوڻ تي ختم ٿي سگهن ٿيون. ”قطعي نه“ سنڌ جي سون اوڳاڇيندڙ زمين تي هر دور ۾ ڪاهون پيئي ٿيون آهن. يوسف شاهين پنهنجي ڪتاب ”فاتحن جي دنيا“ ۾ لکي ٿو ته ”هر فاتح پنهنجي مفتوح قوم مٿان ٻين سڀني جبر ۽ ڏاڍ سان گڏ ان مٿان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت پڻ مڙهيندو رهيو آهي.“ سنڌ الاءِ ڪهڙي وقت کان وٺي پنهنجي بقا جي جنگ پيئي وڙهي آهي. سنڌ جا ماڻهو دلير، بهادر، نڊر، همت ور ته هونئن ئي رهيا آهن پر هو هميشه مهمان نواز پڻ رهيا آهن. سنڌ انهن سڀني ڪاهن ۽ ٻاهرين جي ڪار گذارين جي ڪري هميشه لٽجندي ته رهي آهي پر مٽجي نه سگهي آهي. هن مٽي جي حفاظت لاءِ هميشه دودا پيدا ٿيندا رهيا آهن جن پنهنجي اجيت سوچ کي ڪڏهن به علاول جهڙن مڪارن کي ڪين وڪيو آهي. اڪرام ساگر عباسي ”سنڌين جي شڪست جا ڪارڻ“ ۾ لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪاڪو چنو غداري نه ڪري ها ته عرب ڪڏهن به سنڌ به قبضو نه ڪري سگهن ها جو انهن جا ريگستاني گهوڙا سنڌ جي سائي گاهه کائڻ جي ڪري بدهضمي جو شڪار ٿي ويا هئا پر اها حقيقت آهي ته سنڌ کي ٻاهرين توڙي اندروني غدارين هميشه دوکو ڏنو آهي. مير جعفر ۽ مير صادق هر دور ۾ ڄمندا رهيا آهن پر تنهن هوندي به سنڌ، سنڌي ٻولي، اجرڪ، ٽوپي، پٽڪو، ڪهاڙي واقعي اسان جي سڃاڻپ پيئي رهي آهي. سنڌين جي عادت آهي بلڪه رت ۾ شامل آهي ته در تي مهمان لڙي آيو پاڙي واري کان اٽو اوڌارو وٺي به ان کي ٻوڙ سٺو رڌي کارائيندا پوءِ ڀلي قرض ۾ ڀلي ٻڏي وڃن.
سنڌي ثقافت ثقافت تي ٿيندڙ چٿر کانپوءِ ملهائجندڙ ثقافتي ڏيهاڙي سنڌي ماڻهن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. ان ڏينهن کانپوءِ هر دشمن سنڌ کي اها خبر پئجي ويئي آهي ته سنڌي ماڻهو سڀ ڪجهه صحيح سگهي ٿو پر پنهنجي ثقافت سان هٿ چراند ۽ چٿر ڪو نه سهندو. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ پٽڪي جي ميڙ منٿ، ٽوپي اڳيان رکڻ معنيٰ ڳالهه ختم. خون معاف، نياڻي جي پوتي اسان لاءِ هڪ مقدس اوڇڻ سمجهيو ويندو آهي.
اِها چٿر ڪندڙ جي مهرباني جو هن اسان کي هڪ دفعو وري گڏ ٿيڻ، تسبيح جي داڻن جيان هڪ لڙي ۾ پروئڻ ۽ هر سال هي ثقافتي ڏيهاڙو ملهائڻ جو موقعو فراهم ڪري ڇڏيو.
ثقافت جو ڏڻ ملهائڻ زنده دلي جي نشاني آهي ۽ زندهه قوم جو عظيم اهڃاڻ آهي. مٿي اسين جيڪي ڳالهيون ڪري آيا آهيون اهي سڀ نجاءَ آهن پر هن وقت سنڌ هڪ وڏي تاريخي ڪرب مان گذري رهي آهي. سنڌ سهڻي جيان اڌ سير ۾ آهي ۽ ميهار کي پڪاري رهي آهي. هلو اها سٺي ڳالهه آهي جو اسان هونئن ٽوپي اجرڪ اوڍڻ کي ڪنهن هڪ ڏينهن يا شادي مرادي لاءِ مخصوص ڪيو هو يا ڪو جيڪڏهن سنڌي ٽوپي پائيندو هو ته ان کي ڄٽ سڏيو ويندو هو جو اوهان کي علامه دائودپوٽي جو اهو سبق ياد هوندو جنهن ۾ هو ڇهين ڪلاس ۾ پٽڪو ٻڌي ويو هو پر هاڻ گهمڻ ۾ گهٽ ٽوپي اجرڪ جي اوڍڻ ۽ ان هنر کي هڪ نئين جلا ۽ توانائي ملي آهي پر ياد رهي ته اسان جي تعليم جي حالت ڪهڙي آهي؟ اسين صحت جي معاملي ۾ ڪٿي بيٺا آهيون؟ لطيف جي رسالي کي صرف چند ماڻهن جي ميراث کان مٿي ڪو نه وڌايو آهي. لطيف جو فڪر دنيا جو عظيم فڪر آهي پر ڇا اهو اسان جي نصاب جو حصو بڻجي سگهيو آهي؟ جهڙي ريت ٻي دنيا ۾ پنهنجي شاعرن کي مان ملندو آهي ڇا اسان وٽ ائين ٿيو آهي؟ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ لاءِ اڄوڪي ثقافتي ڏيهاڙي ڪا قرارداد پاس ڪئي ويئي آهي؟ سنڌ ۾ ماڻهو مجبور ڪندا آهن ته ٻيا ماڻهو انهن جي ٻولي ڳالهائين پر اسان وٽ قصو ٻيو آهي. ٿائيلينڊ، ملائيشيا، جاپان، چين ۾ هڪ ٽورسٽ ملڪ آهن اُتي ويندڙ کي مجبور ڪيو ويندو آهي ته هو اتان جي ٻولي ڳالهائي، اسان وٽ ڪيترن ئي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي جي ڳلي تي ننهن ڏنو ويو آهي بلڪه اسان جي نئين نسل کي سنڌي لکڻ ته بلڪل به ڪو نه ٿي اچي. ههڙي نسل جنهن لاءِ انگريزي زبان ڏکي آهي ۽ سنڌي مرڳو اچي نٿي ۽ ڪاپي ڪري امتحان پاس ڪرڻو آهي ان جو ڪهڙو آئيندو آهي؟ اسان وٽ هونئن ته مقابلي جي امتحان کي هڪ عجيب پراسرار شيءِ سمجهيو ويندو آهي حالانڪ دنيا ۾ اهو هڪ عام رواجي امتحان آهي پر اسان ان کي ايڏو وڌائي چڙهائي پيش ڪندا آهيو ڄڻ سي ايس ايس پاس ڪرڻ ڪو اهڙو ڪم هجي جيڪو صرف خلائي مخلوق ڪندي آهي.
سنڌ هن وقت طرحين طرحين جي روڳن ۾ ورتل آهي. سنڌ جون ٻهراڙيون وڏيرن جون ذاتي رياستون آهن. شهر دهشتگردن جي هٿ وس آهن. تعليمي درسگاهون بس رٽيل طوطا ۽ ميڪالي جا ٻانها پيدا ڪري رهيون آهن. ان ڪري اڄوڪي هن ثقافتي ڏيهاڙي تي گهڻين شين تي سوچڻ جي ضرورت آهي. حڪومتي حوالي سان سنڌي ثقافت جو جيڪو بچاءُ ٿئي ٿو اِهو اسان سڀني کي خبر آهي پر اسين پاڻ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي لوئي جي لڄ جا محافظ بڻجون، پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ثقافت سان سلهاڙي موجوده دنيا ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل کان واقفيت حاصل ڪريون. عورتن کي صرف گهرن تائين محدود ڪري انهن ۾ لڪل عظيم صلاحيتن کان کين محروم نه ڪريون. سوچ جي آزادي، ڪردار جي سگهاري ساک ۽ مطلق قابليت سان اسان پنهنجي ثقافت کي وڌيڪ اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن وقت سنڌ کي ٽوپي اجرڪ سان گڏوگڏ هڪ ڪتاب ۽ قلم جي پڻ ضرورت آهي جنهن سان سنڌي ثقافت وڌيڪ اُجاگر ٿي سگهي ٿي.

No comments:

Post a Comment