18/04/2014

عرب تاريخ جي آئيني ۾ - ابو رافع (Abu Rafiu)



تاريخ بابت هڪ اهم ڪتاب
عرب تاريخ جي آئيني ۾
ابو رافع
اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ کي عربن 712 کان اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا تاراج ڪيو پر اهو به سچ آهي ته عرب سان سنڌ جا جيڪي لاڳاپا رهيا آهن، اهي پنهنجي اهم حيثيت رکن ٿا. اڄ به جڏهن عربن جو ذڪر پڙهبو آهي يا ٻڌبو آهي ته ٻه اهم واقعا ذهن تي تري ايندا آهن، هڪ فردوسيءَ جو شعر ته ”حيف هجئي اي آسمان تو اٺڻين جو کير پيئندڙ ۽ ڳوهن جو گوشت کائيندڙن کي اسان جي مٿان مڙهي ڇڏيو.“ ۽ ٻيو واقعو سنڌ جو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي عرب سنڌياڻين کي عرب موڪليو هئو؟ ڇا به هجي، تاريخ کي تاريخ ڪري پڙهڻ گهرجي ۽ ان مان پرائڻ گهرجي. ڪنهن به تاريخ کي هڪ رخ ۾ ڏسڻ مناسب نه آهي، تاريخ کي ايئٽ ڏسڻ گهرجي، جيئن انگريز محقق پروفيسر برنارڊ ليوس ڏٺو آهي ۽ لکيو آهي.

”عرب تاريخ جي آئيني“ ڪتاب جڏهن سنڌيءَ ۾ اسان جي دوست ۽ مترجم محمد احمد منصور عباسيءَ ترجمو ڪيو آهي ته هن سنڌي ماڻهن سان وڙُ ڪيو آهي. اسان جا اهي ماڻهو جيڪي اڄ تائين عرب مذهب کي قبول ڪندي به عرب ثقافت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، انهن لاءِ سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل هيءُ ڪتاب پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي، جنهن مان هو عربن جون چڱايون توڻي لڱايون پرکي وٺندو. يقينن قومن ۾ چڱايون به آهن ته ڪي اوڻايون به آهن، اهو قول عرب قوم سان پڻ لاڳو آهي.
سنڌي ماڻهو جيئن ته امن پسند آهي ان ڪري، هو هر ويڙهاڪ قوم کي دلي طور پسند نٿو ڪري، پر تاريخ سنڌين جي پسند يا ناپسند جي محتاج نه آهي.
عرب تاريخ جي آئيني ۾ ڪتاب جيئن ته تاريخ سان واسطو رکندڙ ڪتاب آهي. ان ڪري محققن ۽ تاريخدانن لاءِ نهايت ڪم وارو ڪتاب آهي. جيتوڻيڪ تاريخ جي حوالي ۾ مختصر ڪتاب آهي، پوءِ به اهم ڄاڻ ڏيندڙ آهي. يارهن بابن ۾ ورهايل هيءُ ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي ۽ سانڍڻ جهڙو پڻ. هڪ سؤ نوي رپين جي ملهه وارو هيءُ پڪي جلد سان ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment