20/04/2014

سفرنامو ”پکي پيار امن جا“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



بشير منگيءَ جو سفرنامو ”پکي پيار امن جا“
رکيل مورائي
سنڌيءَ ۾ سفرنامن جي چڱي ئي فهرست آهي، جيڪي الڳ الڳ ملڪن جا آهن، ڀلجان نٿو ته پهريون سفر نامو ”سفر من اندر“ مٺي نصير مرزا جو آهي، جيڪو ملڪ جي اندرين حصن آس پاس وارن شهرن ۽ دل جي الڳ ڪنڊن جو سفرنامو آهي، جيڪو هڪ احساس آهي.


تازو بشير منگي اسان جو دوست، اڪيڊمي آف ليٽرس جي مطالعاتي دوري جو سف نامو لکيو آهي، جيتوڻيڪ هي ڪيل سفر پنهنجي ۽ ڪتاب جي ڇپجڻ ۾ چڱائي سال وچ ۾ ڇڏي ويو آهي پر ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪالهه جي ڳالهه آهي ۽ ٻيو ته بشير منگي جو سڀ معصوم شرارتون سندس لکڻيءَ مان ٻاهر نڪري بيٺيون آهن، جنهن هن سفرنامي کي رنگين بڻائي ڇڏيو آهي، ڊائري نما لکيل هن سفرنامي ۾ سنڌي اديبن، توڻي بلوچن، پنجابين ۽ پختونن اديبن جون جتي خوبيون بيان ڪيون ويون آهن، اتي سندن ڪمزورين کي به بشير رنگين پيرائي ۾ لکيو آهي، جيئن ته بشير بنيادي طور ۽ لکندڙ طور توڙي ڇپجندڙ طور اول شاعر آهي، ان ڪري هن جي شاعرياڻي اک سڄي سفر ۾ کليل رهي آهي ۽ هن مزاح واري اک به ٻوٽي نه آهي، هن جا چرچا توڻي ٽهڪ سندس لکڻي مان ليئا پائين ٿا، ان ڪري سندس پهريون ۽ شايد اڄ تائين آخري به سفر ڪتابي صورت ۾ اچي محفوظ ٿي ويو آهي، اهو سٺو ٿيو آهي.

بشير منگي سفر جون ننڍڙيون ننڍريون ڳالهيون، شاعرن ۽ اديبن جا احوال سڌي سادي نموني پر وڻندڙ انداز سان لکيا آهن، ان ڪري سفر نامو جڏهن پڙهن شروع ڪجي ٿو ته اهو پڄاڻي تائين بند ڪرڻ تي دل نٿي چوي، سبب اهو به آهي ته ان سفرنامي جا ڪردار، روڊ رستا، ماحول سڀ پنهنجو آهي، ان ڪري اها اڻ تڻ رهي ٿي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي، ساڳئي وقت ڪن اهم حوالن کي تفصيل ڏيئي، بشير پنهنجي سٺي پڙهندڙ جا جوهر پڻ ڏيکاريا آهن ۽ هن لڪ لڪوٽي کان به ڪم ورتو آهي، جن سڀني ڳالهين گڏجي بشير منگي جي هن سفرنامي کي رنگين بڻايو آهي، پڪ سان سندس ويجها دوست هن ڪتاب مان خوب مزو وٺندا ۽ جيڪي سندس مزاح مان زخمي ٿيندا، اهي کيس هٿ کڻي پٽون پاراتا ڏيندا جڏهن ائين ٿيندو ته بشير منگي پڪ سان چوندو:
ڏيندو اميري يا فقيري، آخر ڪجهه ته ڏيندو.
۽ سچ پچ ليکڪ کي جيڪو به ڪجهه پنهنجي لکڻي جي معرفت ملي ٿو ان تي هن کي خوش ئي ٿيڻ گهرجي ۽ اسان جو دوست بشير منگي ته هونئن به سدائين خوش رهڻ وارو شخص آهي ۽ سندس خوشي لاءِ کيس کوڙ مبارڪون سندس نئين ڪتاب اچڻ تي هن ڪتاب جو ملهه هڪ سئو پنجاهه رپيا آهي ۽ ڇپائيندڙ آهي، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور.

No comments:

Post a Comment