18/04/2014

يارهن منٽ - ابو رافع (Abu Rafiu)



جڳ مشهور ناول نگار پائلوڪوئلهو جو ناول
يارهن منٽ
ابو رافع
برازيل جي جڳ مشهور ناول نگار پائلوڪوئلهو جو ناول ”الڪيميسٽ“ جن به پڙهيو آهي. اهي شايد سندس ٻين ناولن مان مايوس ٿين ۽ جن وري پهرئين سندس ناول ”اليون منٽس“ يا ”يارهن منٽ“ پڙهيو هوندو اهي وڏي ڏکيائيءَ سان سندس ناول الڪيميسٽ پڙهي سگهندا، انهن ٻنهي ناولن جي وچ ۾ آيل شعوري ۽ تخليقي وڇوٽيءَ کي ڏسي هن ناول نگار کي، سلام ڪرڻ کان سواءِ رکجي نه سگهبو جيتوڻيڪ هاڻ هو پاڻ کي ورجائڻ لڳو آهي. تنهن هوندي به هو هڪ لاجواب ناول نگار آهي. جنهن جي ڀاڳ ۾ جيڪا پذيرائي آئي آهي، اها ٿورن ليکڪن کي نصيب ٿي آهي.

سندس جڳ مشهور ناول اليون منٽس ”يارهن منٽ“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو آهي، پڪ سان هيءَ سنڌي پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندو، جيڪڏهن انهن هن ناول کي تخليق سمجهي پڙهيو ته، هن ناول جو لاجواب سنڌي ترجمو اسان جي دوست شاعر، نثر نويس ۽ سنڌ جي قومي سياست ۾پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ نواز زئور ڪيو آهي، ۽ هن ناول کي جيڪا ٻولي ڏني آهي، ان جو جواب نه آهي. گمان ئي نٿو ٿئي ته هي ناول ترجمو آهي. اصلوڪي ناول جو سڪون لاهيندڙ هيءُ ترجمو بيحد خوبصورت آهي، ناول ته اڳ پنهنجي اهميت عالمي ادب ۾ مڃائي چڪو آهي.
پائلوڪوئلهو جو پنهنجو هڪ نرالو انداز آهي لکڻ جو، جيڪو هن ناول ۾ پڻ پڌرو ٿي بيٺو آهي، ان نرالائپ کي ترجمي ممڪن حد تائين سونهن بخشي آهي. نج ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل هيءُ ناول سنڌي پڙهندڙن لاءِ هڪ اهڙو موضوع کڻي آيو آهي، جنهن تي سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ جيڪا سماجي، دليري کپي اها اسان جهڙن ملڪن ۾شايد هڪ صديءَ کان پوءِ پيدا ٿئي، جنهن مسئلي کي عمر قاضي اسان جي دوست چڱي تفصيل سان مهاڳ ۾ ڄاڻايو آهي ۽ وڌيڪ پڙهندڙ پاڻ پنهنجي فيصلي جو حق رکي ٿو. عالمي تخليقي ادب مان ڪيل هي ترجمون جيئن ته سڌو انگريزيءَ مان ڪيو ويو آهي ان ڪري ان جي اصليت ڪنهن حد تائين متاثر نه ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ گهڻا ڪتاب اردوءَ مان ترجمو ڪيا ويندا آهن جنهنڪري اصلي ٻوليءَ کان انگريزيءَ ۾ ان مان اردوءَ ۾ ۽ ان مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيندي پنهنجي اصليت وڃائي ويهندا آهن. جنهن کان هيءُ ناول بچيل آهي.
پياري نواز زئور نهايت سهڻو ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ هڪ سٺو ناول ڏنو آهي، جنهن لاءِ هو جس ته لهڻي پر منجهائنس اميد جاڳي آهي ته هو عالمي تخليقي ادب مان اهڙا ٻيا ڪتاب، ترجمو ڪندو ته سنڌي ادب سندس ڳڻ ڳائيندو، هيءَ ناول نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي پارا ڇپايو ويو آهي، اڪيڊميءَ کي سرواڻ دوست انعام عباسيءَ جون هيءَ ڪوششون ۽ محبتون ساراهڻ جوڳيون آهن هيءَ لاجواب ناول ٻه سئو ڇاونجاهه صفحن جو آهي ۽ سندس ملهه هڪ سَو پنجاهه رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment