20/04/2014

ڪتاب ”مٽيءَ جو عشق“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)



نامياري ڪهاڻيڪار محمد صديق منگئي جو
”مٽيءَ جو عشق“
رکيل مورائي
  • سنڌي ڪهاڻي جئي رهي آهي ڇا ان کي شاباس نه هُجي؟
جيڪڏهن هوءَ پاڻمرادو جئي نه رهي آهي، ته پوءِ پڪ سان هن کي جيارڻ وارن کي جسُ هجي!
۽ اڄ جي سنڌي ڪهاڻي کي جيارڻ وارن جي ڊگهي فهرست جي پهرين نالن مان هڪ نالو محمد صديق منگئي جو به آهي، اهو وسارڻ نه گهرجي.
اڀياسي حوالي ۾ سنجيدگي سان ڏٺو وڃي ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ”سنڌي ڪهاڻي جو سفر تخليقي ۽ موضوعاتي طور گهڻو ساراهڻ جوڳو آهي، پر ٻڌي ليکي سنڌي ڪهاڻي ايڪهين صديءِ ۾ جيترو تيزيءَ سان اڳتي وڌي آئي آهي، اوترو پنهنجو ذڪر ڪرائڻ يا نوٽيس وٺرائڻ جي حوالي ۾ پوئتي هلي وئي آهي. هڪ سبب ته چٽو آهي ته سنڌي تنقيد پوين پساهن ۾ آهي، جيڪا شروعاتي طور ئي ڪنهن ڪهني بيماري ۾ ورتل هئي، اڄ به سنڌي ڪهاڻي تي تنقيد جي گهڻي گهرج آهي، پر سوال آهي ته سنڌي ڪهاڻي جو نقاد آڻجي ڪٿان ۽ ان جي نه هجڻ سبب، اسانجي ڪهاڻي جو سفر، سندس ئي سفر جي ڌوڙ ۾ لٽجي رهيو آهي، جيتوڻيڪ اڄ ڪهاڻيءَ پنهنجا ڪيترائي نوان رنگ ظاهر ڪيا آهن، جيڪي الڳ الڳ ڏسائن کان وڻندڙ به آهن. اهڙو ئي هڪ وڻندڙ رنگ کهڻي، هڪ ڏسا کان ويهن سالن جي عرصي ۾ محمد صديق منگئي کڻي ظاهر ٿيو آهي ۽ وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هو صرف پاڻ کي محسوس ڪرائڻ لاءِ ٽانڊاڻي وانگر ظاهر نه ٿيو آهي، جيڪو ٻئي لمحي اوندهه ۾ الوپ ٿي ويندو آهي. هو هڪ روشن تاري جيان مضبوط بيٺو آهي ۽ اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن جو مثال سندس سنڌي ڪهاڻي جو سنڌي ادب کي ڏنل هي ٽيون ڪتاب آهي، جنهن جو نالو ”مٽيءَ جو عشق“ آهي جيڪو پنهنجي نالي مان پنهنجو مقصد ادا ڪري ٿو، باقي هن جلد جي ٻن پاٺن جي وچ ۾ ڇا آهي، اهو پڙهندڙن کي پاڻ پڙهڻو آهي. ها! اڄ جي سنڌ، ان جي مٿان مالڪي ۽ ان کي ورهائڻ جو الڳ حق رکندڙ، هڪڙا، سنڌ کي تباهي جي ڪناري تي پهچائيندڙ، جن جو قصو پوڙهي جنان جي ڪردار ۾ ڇٽيو ويو آهي ۽ ٻيا ايترا اهم قصا جيڪي اڄ سنڌ جي جهوليءَ ۾ پيل آهن، انهن جا ثبوت آهن، هن ڪتاب ۾ پر اهي سڀ ڪهاڻي جي فارم ظاهر آهن، ڪهاڻي فڪشن آهي، ان ڪري دنيا جي ڪنهن به ڪورٽ ۾ ان جو حوالو مستند نه ڄاتو ويندو پر هي ڪتاب اڄوڪي سنڌ جو اهڙو داستان ته آهي، جيڪو سنڌي ماڻهن جي دلين تان ڪڏهن به مٽجي نه سگهندو ۽ اهو دنيا جي شعور رکندڙ ماڻهن تائين ته پهچائي سگهجي ٿو ۽ جڏهن اهڙي گهرج پوي ته ڪتاب نالي ”مٽيءَ جو عشق“ پيش ڪري سگهجي ٿو.
ٻئي طرح محمد صديق منگيو پنهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪا ٻولي کڻي آيو آهي، ان ڏانهن به اسان کي ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته اڄ اسان اها ٻولي وڃائي رهيا آهيون، جيڪا محمد صديق منڱيو بچائي رهيو آهي، موضوعاتي حوالي ۾ منگيو صاحب ڪهاڻي کي اڳتي کڻي اچي رهيو آهي، ها! اتان جتي هو رهي ٿو ۽ جتان هن پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي هئي، ڪهاڻين جو هي ڪتاب ايڪهين صديءَ ۾ داخل آهي، جنهن جون گهرجون شايد ويهين صدين کان گهڻيون آهن، هن ڪهاڻين جي خوبصورت ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري لکيو آهي، ٻه سئو پنڌرنهن صفحن جي هن پڪي جلد واري خوبصورت ڪتاب جو ملهه اڍائي سئو رپيا آهي، ڪتاب ڇپايو آهي، ساهتي ادبي اڪيڊمي نوابشاهُه.

No comments:

Post a Comment