16/04/2014

اڻپورو ڪتاب! - سرواڻ سنڌي (Sarwan Sindhi)



سنڌي شاعريءَ جي سفر بابت اڻپورو ڪتاب!
سرواڻ سنڌي/اسلام آباد

تازو سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي نالي سان ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جو سفر“ ڇاپي پڌرو ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ڪتاب ڇپرائڻ کان اڳ ۾ لڳي ٿو ته، ان کي ڪنهن سُونهين کان پڙهائڻ جي زحمت ئي نه ڪئي وئي.

”سنڌي شاعريءَ جو سفر“ ڪتاب کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ تحقيق جو اهو معيار آهي جو اياز قادري، هري دلگير، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي کي ته ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي نالي واري حصي ۾ رکيو ويو آهي پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، امر جليل، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين سومار شيخ ۽ ٻين جُهونن کي جديد سنڌي شاعرن جي ڀاڱي ۾ رکيو ويو آهي، هاڻي ڀلا ڪو ڊاڪٽر ذوالفقار کان پڇي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪهڙي سن ۾ شاعري ڪئي؟ ڇا هن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي شاعر تسليم ڪيو؟ ۽ سائين سومار شيخ جو شاعريءَ جو ڪتاب ڪهڙي نالي سان آهي؟ ڀلا ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، امر جليل، مخدوم طالب الموليٰ ڪهڙي دور جا شاعر آهن ۽ ڪهڙي جديد شاعري ڪئي، تحقيق جي نالي تي هڪ مذاق جي ٻي ڳالهه اها ڪئي وئي  آهي جو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي اها به خبر ناهي ته، سنڌ جي نامياري وڪيل يوسف لغاري ڪڏهن شاعري ڪئي ناهي ۽ ڪتاب ۾ کيس شامل ڪيو ويو آهي ۽  ڄمار 1967ع لکي وئي آهي، يوسف لغاري 1967ع ۾ پيدا ٿيو هوندو، اها کيس به خبر نه آهي، ماما يوسف کي 47 سالن جو ٿيڻ تي مبارڪون هجن! ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي سڌ هجڻ گھرجي ته، يوسف لغاري شاعر ماما يوسف لغاري وڪيل نه پر هڪ ٻيو نوجوان آهي پر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڏسڻ بنا ئي ماما يوسف لغاريءَ جي تصوير هڻي سندس نالي سان شاعري ڇپي ڇڏي! جڏهن ته صفحي نمبر 225 تي غزل اقبال ابڙو جو ۽ تصوير وري هڪ عورت جي لڳل آهي هاڻي خبر ناهي ته اقبال مرد آهي يا زائفان!
تحقيق لاءِ ايترو ته جاکوڙ ڪئي وئي جو ڀلوڙ شاعر حليم باغي، علي بابا، جمن دربدر، عبدالمبين پنائي، عبدالرحمان نقاش، انب گوپانگ، عطال دل، نقاش علواڻي، مور ساگر، محمد صديق “مرهم” ملاح، تاج جويو، ڊاڪٽر سڄڻ سومرو، شوڪت نوناري، جاويد سوز هالائي، سُهيل مجيدي، گل گماڻي، اياز امر شيخ، اشرف پلي، مقبول هاليپوٽو، ناز سنائي، نثار حُسيني، سرفراز راڄڙ ۽ سيف ٻنويءَ سميت سوين ناميارا شاعر اکين کان اوجھل ٿي ويا ۽ ڪتاب ۾ انهن ڀلوڙ شاعرن جو ذڪر ئي نه آهي ۽ اهي ڪتاب مان ئي گم آهن، جڏهن ته محقق بابا فريد گنج شڪر ۽ خواجه غلام فريد کي سنڌي شاعرن جي صف ۾ بيهاريو آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوءِ سچل سرمست سنڌي کان سواءِ ٻين زبانن ۾ به شاعري ڪئي، ڀلا ڪنهن فارسي يا ٻئي ڪنهن ادب ۾ ان کي فارسي يا ٻي ڪنهن زبان جو شاعر تسليم ڪيو ويو آهي؟
ڊاڪٽر صاحب جي ڪم جو معيار ته ڏسو جو هڪ ئي گھر ۾ موجود شاعرن مان زال جو ذڪر آهي ته مڙس جو ناهي، جيڪڏهن مڙس جو آهي ته زال جو ناهي، مثال طور: امداد حسيني آهي ته سحر امداد ناهي، جي زيب نظاماڻي آهي ته نثار حسيني ناهي، نذير ناز آهي ته سندس ڌيءَ  ڊاڪٽر عربيه نور ناهي، ناياب سرڪش آهي ته سندس شاعره ڌيءَ مرڪ چانڊيو ناهي، ڊاڪٽر رخسانه پريت آهي ته سندس ڀيڻ ريحانه چنڙ ناهي، زخمي چانڊيو آهي ته سندس پٽ خالد زخمي چانديو ناهي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال انهن سوالن جا جواب ڏئي سگهندو ته جيڪي شاعر هن ڪتاب ۾ شامل ناهن ڪيا ويا انهن کي ڇا جي لاءِ ٻاهر رکيو ويو؟؟؟ ڇا اهي ان معيار تي پورا نه ٿي لٿا؟؟؟
ڪجهه وقت اڳ هن ڪتاب جي لاءِ ساراهه جا ڍُڪ ڀريندي هڪ ليکڪ تجويز ڏني ته، هن کي اعليٰ تعليم جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. هِي هڪ عظيم ڪتاب آهي. مون کي سڄو ڪتاب ڳولڻ کان پوءِ به ان شخص جو نالو نه مليو، جنهن هن ڪتاب جي لاءِ ايڏي وڏي هام هنئي. ڪتاب ۾ ڪجهه عظيم شاعرن کي پنهنجي ڪم جي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ ٻه ٻه ڀيرا انهن جو مواد جدا تصوير ۽ جدا تخليق سان شامل ڪيو ويو آهي.
خير سان اهو ڪتاب هاڻي ڀارت ڏانهن ايڪسپورٽ به ٿي ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر روي پرڪاش کي سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل ملاقات ڪري ٻين ڪتابن سان گڏوگڏ اهو ناياب ڪتاب به ڏنو آهي ۽ هاڻي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ جتي سنڌين جي وڏي اڪثريت رهي ٿي، انهن تائين نئين معلومات ۽ ”اپڊيٽ ادب“ پهتو آهي. جيڪي نوجوان هاڻي ادب جو مطالعو ڪندا اهي ڇا پرائيندا ۽ ان جا اسان جي سنڌي ادب تي ڪهڙا اثر پوندا، اها سڀني کي ڀلي ڀت خبر آهي.

No comments:

Post a Comment