18/04/2014

اچو ته نيپال گهمون - ابو رافع (Abu Rafiu)



شڪارپور جو آغا ثناءُ الله چوي ٿو
اچو ته نيپال گهمون
ابو رافع
۽ سچ پچ نيپال گهمڻ جهڙو ملڪ آهي. ٻوڌي تهذيب رکندڙ هيءُ ملڪ پنهنجي مزاج ۾ بنهه سادو، سٺو ۽ شريف ملڪ آهي، ان جو سبب اهو آهي، جو ان تي ٻڌازم جو اثر آهي، ٻڌازم نيپال جي سڃاڻپ به آهي، مذهب به آهي، تهذيب به آهي ۽ جڏهن ڪو به مذهب تهذيب جو درجو ماڻيندو آهي ته اهو نيپال جهڙي ملڪ کي جنم ڏيندو آهي.

ويجهي ۾ سنڌي ادب ۾ هيءُ ٻيو سفرنامو آهي، جيڪو نيپال جو آهي. هن کان پهريان ”نڪري پيس نيپال  ڏانهن“ ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ لکيو آهي ۽ ٻيو هيءُ سفرنامو ”اچو ته نيپال گهمون“ آغا ثناءُ الله لکيو آهي. آغا ثناءُ الله پاڻ هڪ اهڙي شهر سان واسطو رکي ٿو، جنهن جي خود هڪ شاندار تهذيب آهي، جنهن کي سنڌ ۾ شڪارپوري تهذيب ڪوٺي سگهجي ٿو، جنهن تهذيب جي باقيات اڄ به شڪارپور ۾ موجود آهي. ۽ نيپال جيڪو معصوم ماڻهن جو معصوم ملڪ آهي، ان کي آغا ثناءُ الله ڪيئن ڏٺو آهي، هو هن بنهه معصوم لهجي ۾ ئي اظهاريو آهي. سندس اظهار بنهه سڌو ڪنهن ور وڪڙ کان آجو آهي، هن جي اکين جيئن ڏٺو آهي ۽ دل جيئن محسوس ڪيو آهي، هن بلڪل ئي ائين ان جو اظهار ڪيو آهي، هن ان کي ڪو به ڊگهو تفصيل ڏيڻ جو بار پاڻ تي نه رکيو آهي.
نيپال جو مذهب، تهذيب ۾ رهڻي ڪهڻي، پوچا پاٺ، ريتون، رسمون سمجهڻ لاءِ گهڻو عرصو نيپال ۾ رهڻو پوندو، پر هر سياح وانگي آغا ثناءُ الله به ان کي تيزيءَ ۽ وقت جي موجود دائري ۾ جيئن محسوس ڪيو آهي ۽ سمجهيو آهي، ان کي ائين اظهاريو آهي. نيپال جا شاندار مندر، ٻڌجا وهار، ۽ ان کان پوءِ ۽ اڳ جون مذهبي عمارتون، شاهي عمارتون، تاريخي عمارتون، جبل، نديون روڊ ۽ رستا پنهنجي هڪ نرالي سڃاڻپ رکن ٿا. جن کي ڏسڻ لاءِ خاص طور اولهه جي ملڪن جا رهاڪو گهڻي شوق سان ايندا آهن. نيپالين جي سادي رهڻي ڪهڻي، هلت چلت، اوڍڻ، اوڇڻ وغيره ڏاڍا دلچسپ آهن، اهو سڀ آغا ثناءُ الله هن سفرنامي ۾ ٻڌايو. هيءُ سفر نامو سنڌي ٻوليءَ ۾ نيپال بابت هڪ وڌيڪ سفرنامي جو اضافو آهي، جيڪو ايندڙ وقت ڪنهن به نيپال ڏانهن ويندڙ شخص کي لازمي پڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هو هن ڪتاب کي پڙهي وڌيڪ، آسانيءَ سان نيپال گهمي سگهندو. ڪتاب نئون نياپو اڪيڊميءَ جي سرواڻ انعام عباسيءَ سهڻو ڪري ڇاپيو آهي. ڪتاب ۾ ڪي رنگين تصويرون ڪجهه بليڪ اينڊ وائيٽ تصويرون پڻ ڏنل آهن. هماليا جبل جي پسمنظر واري ٽائيٽل سان پڪي جلد واري هن ڪتاب جو ملهه ٻه سَو رپيا آهي. ڪتاب بار بار اها اپيل ڪري ٿو ته، اچو ته نيپال گهمون.

No comments:

Post a Comment